سنڌي لغت-نويسيءَ جي تاريخ (ضميمو)
انجنيئر عبدالوهاب سھتو
ٽماھي مھراڻ جي 2000/4ع واري پرچي ۾، صفحي نمبر:54 تي، محترم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جو ترتبي ڏنل مقالو؛ سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ ڇپيو آهي. جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي دقيق نگاهيءَ سان لغت- نوسيءَ جي تاريخ کي بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو پنھنجو تعلق به درس تدريس سان رهيو آهي ۽ اڃا به آهي تنھن ڪري سندن نظر هر لغت تي ضرور رهي آهي .
هيءُ مضمون قد پڄائڻ جي لحاظ کان نه لکيو ويو آهي ۽ نه ئي منجهانئس اهڙي ڪا ٻي معنى ورتي وڃي. جيئن ته ڊاڪٽر صاحب پاڻ ئي پنھنجي مضمون ۾ لکيو آهي؛ ”اهميت وارين سڀني سنڌي لغتن جي ڄاڻ گڏ ڪري هتي ني اٿم. ممڪن آهي ته ڪن بابت مون کي معلومات حاصل نه ٿي سگهي هجي، انھيءَ بابت جيڪڏهن ڪي سڄڻ منھنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندا ته شڪر گذار رهندس“.
سندن انھن لفظ جي پوئواري ڪندي، هتي فقط انھن لغتن بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي سندس مضمون ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويون آهن. انھن جي به اوتري ئي اهميت/ افاديت آهي، جيتري اهميت واريون لغتون انھيءَ مضمون ۾ شامل ڪيل آهن. جيئن ته لغت جو پورهيو ٿڪائيندڙ ۽ اٽڪاٺيو آهي، تنھن ڪري ان جي اهميت جي خبر، انھيءَ کي هوندي، جن اهڙو پورهيو ڪيو هوندو. ڪنھنجي پورهيي جو مُلھه نه ڏئي سگهجي ته ڪم ازم ڪم ان جي پورهيي کي سراهجي ضرور.
انھيءَ نظريي تحت، هتي انھن چند لغتن بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ۾ ڇپيون آهن ۽ ڊاڪٽر صاحب جي مضمون ۾ شامل نه هئڻ سان گڏ، راقم جي نظر مان به گذريون آهن .
جيڪي لغتون، راقم جي نظر کان رهجي ويون هجن، تن لاءِ پڻ ادب جي گهڻگهرن ۽ سڄڻن کي التجا آهي ته انھن بابت ڄاڻ ڏئي، لغت- نويسيءَ جي تاريخ کي مڪمل ڪرائين .
1- هڪ جُلدي سنڌي لغت .
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل ۽ تاليف ڪيل لغت، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان سال 1998ع ۾ شايع ٿي آهي. ڊبل ڪرائون جي 729 صفحن تي پکڙيل هن لغت ۾ 27000 لفظن ۽ اصلاحن جون معنائون ڏنيون ويون آهن .
2- سنڌي ٻٽن لفظ جي لغت
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جي ترتيب ڏنل هن لغت کي ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ پاران ڊيمي سائيز جي 910 صفحن تي سال 1996ع ۾ پھريون دفعو ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .
هن ۾ هڪجھڙي معنى رکندڙ، مفرد، تضاديات جوڙن جون معنائون، وضاحت/ تشريح ۽ استعمال سان گڏ سمجهائيون ويون آهن .
3- ساميءَ سنديون سپون
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب، ساميءَ جي ٻه سئو چونڊ سلوڪن کي مُھڙ ۾ رکي، بعد ۾ ڏکين لفظن جي لغت ڏني آهي. هيءُ ڪتاب ڊيمي سائيز جي 108 صفحن تي پکڙيل آهي، جيڪو سال 1975ع ۾ اسلم ميان، اسلم منزل لاڙڪاڻو طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي .
انھيءَ طرز تي ساميءَ جي مڪمل سلوڪن جو مجموعو روشني پبلڪيشن ڪنڊيارو سال 2000ع م ڇپايو آهي. پھريائين جي.ايڇ ناگراڻيءَ جا ترتيب ڏنل ساميءَ جا سلوڪ ڏنا ويا آهن. بعد ۾ گل محمد تنيو جي ترتيب ڏنل لغت ڏني وئي آهي. جيڪا ڊيمي سائيز جي 65 صفحن تي آڌاريل آهي .
4- سندهي نامه
هيءَ لغت سنڌيءَ ۾ مستعمل بي شمار مجلسي ۽ ثقافتي محاورن تي مشتمل آهي، جن جي اردوءَ ۾ معنى ڏني وئي آهي. نياز همايوني صاحب جي ترتيب ڏنل هن ڪتاب کي مرڪزي اردو ادبي بورڊ لاهور وارن سال 1978ع ۾ پھريون دفعو پنھنجي ڪتابي سلسلي نمبر: 162 تحت ڇپرايو آهي. ڪتاب ڊيمي سائيز جي 260 صفحن تي پکڙيل آهي .
انگريزي- سنڌي لغتون
انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾، تمام گهڻيون لغتون لکيون ويون آهن. جيڪي ڇپجي منظر عام تي به اچي چڪيون آهن. هڪڙيون لغتون ته اهي آهن، جيڪي ورهاڱي کان اڳ لکيون ۽ ڇپيون هيون. انھن بابت مرليڌر جيٽلي صاحب پنھنجي مضمون ۾ وضاحت ڪري ڇڏي آهي. انھن جو هتي ذڪر ڪرڻ محض ورجاءُ رهندو. جيئن ته هيءُ مضمون انھيءَ مضمون/ مقالي جو تسلسل يا ضميمو آهي تنھن ڪري ورجاءَ کان احتزاز ڪندي، هتي فقط انھن لغتن بابت معلومات ڏجي ٿي، جن بابت جيٽلي صاحب ڄاڻ نه ڏني آهي .
5- نيو ايج پاپولر اورينٽل اسٽينڊرڊ ڊڪشنري (انگريزي- سنڌي)
علي حسن چوهاڻ جي ترتيب ڏنل، ڊيمي سائيز جي 710 صفحن تي آڌاريل هيءَ لغت، اورينٽل بوڪ سوسائٽي لاهور طرفان ڇپيل آهي .
6- وي.آءِ.پي ميڊيڪل ڊڪشنري (انگريزي- سنڌي)
اقبال قريشيءَ جي تاليف ڪيل، ڊيمي سائيز جي 768 صفحن تي آڌاريل هيءَ ڊڪشنري، اقرا پبليڪيشن حيدرآباد- ڪراچي- سکر طرفان سال 1999ع ۾ شايع ٿي آهي .
7- اي-ون ميڊيڪل ڊڪشنري (انگريزي- انگريزي ۽ سنڌي)
اي-حق ۽ ايم ڪي ميمڻ جي ترتيب ڏنل جيبي سائيز جي 670 صفحن تي آڌاريل هيءَ لغت، اي-ون پبلشرز، نزد گاڏي کاتو حيدرآباد طرفان شايع ٿيل آهي.
8- علي وي-آءِ-پي ڊٽيلڊ ڊڪشنري (انگريزي- سنڌي)
اقبال احمد قريشيءَ جي ترتيب ڏنل، ڊيمي سائيز جي 628 صفحن تي آڌاريل هيءَ لعت اقرا پبليڪيشن حيدرآباد-ڪراچي- سکر طرفان سال 1999ع ۾ ڇپجي آهي.
9- نيو اقرا وي.آءِ.پي ڪنسائيز ڊڪشنري (انگريزي- سنڌي)
هدايت علي باريجو جي ترتيب ڏنل، جيبي سائيز جي 764 صفحن تي آڌاريل هيءَ لغت، اقرا پبليڪيشن ڇوٽڪي گهٽي حيدرآباد طرفان ڇپايل آهي .
10- اوڪسفورڊ باتصوير ڊڪشنري (انگريزي سنڌي)
اي.سي پارنويل ۽ جاويد ڀٽو گڏجي تيار ڪئي آهي. منجهس ٻن هزارن کان وڌيڪ لفظ ۽ ڊيمي سائيز جا اٺاسي رنگين تصويرن وارا صفحا آهن. انھن صفحن ۾ روزمره جي اهڙين شين کي چٽو ڪيو ويو آهي، جن سان ٻارن جو ڏهاڙي گهر ۾، ڪم ڪندي، سفر سانگي، وندر تفريح دوران توڙي سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندي ۽ رياضي ۽ سائنس جي مضمونن ۾ واسطو پوندو رهي ٿو. ان کان علاوه هن ڊڪشنريءَ ۾ عددن، انگن، مقدارن، ليڪن، شڪلين، وقت ۽ ان سان گڏوگڏ ضمير، صفت، فعل ۽ حرف جر بابت مفيد مضمون به شامل آهن .
11- انگريزي- سنڌي ڊڪشنري
محمد عثمان عباسيءَ جي تاليف ڪيل، ڪرائون سائيز ۾ هيءَ لغت گنج بخش حيدرآباد طرفان سال 1997ع ۾ شايع ٿيل آهي .
پھاڪن ۽ اصطلاحن بابت ڪتاب
پيٽ گذر لاءِ ته هرڪو هنڌين ماڳين پيو ٿو هر هڻي، ذريعه معاش ڪھڙو به هجي پر وندر طور علم ادب سان لاڳاپو ضرور رهي ٿو. ان ۾ به ڪنھن خاص شاخ سان وڌيڪ دلچسپي يا چاه رهي ٿو. اهڙيءَ طرح راقم جو ذاتي شوق به پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون گڏ ڪرڻ ۽ انھن جي معنى سمجهڻ رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪٿي ڪنھن سان ملاقات ٿي يا ڪو دڳ ويندي ملي ويو ۽ ڪا چڱي ڳالهه ڪيائين ته نوٽ ڪري ڇڏي. گهڻا ئي ڪتاب به ووڙڻا پيا هوندا. ڪٺا به ٿيا هوندا. نظر مان به نڪتا هوندا.
انھيءَ آڌار تي ڪن اهڙن ڪتابن جا حوالا هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي خاص پھاڪن ۽ چوڻين بابت، ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ڇپيا آهن ۽ ڊاڪٽر صاحب جي مضمون ۾ شامل ٿي نه سگهيا آهن.
12- پھاڪن جي پيڙهه
جناب الله بخش ٽالپر جو ترتيب/ تاليف ڪيل، ڪرائون سائيز جي 90 صفحن تي پکڙيل هيءُ ڪتاب، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس بڪسيلرز ائنڊ پبلشرز،، شاهي بازار حيدرآباد وارن سال 1969ع ۾ شايع ڪيو آهي. منجهس 29 پھاڪن ۽ چوڻين جا پس منظر ڏنا ويا آهن .
13- رٺي آهي گهوٽ سان (پھاڪا ۽ چوڻيون)
هيءُ ڪتاب مشھور سياح، جھازي ۽ ليکڪ الطاف شيخ جو تاليف ڪيل آهي. محترم الطاف شيخ صاحب ڪيترائي سفر ناما ۽ ترجمو ٿيل ڪھاڻين جا مجموعا ڏئي چڪو آهي. تنھن ڪري تعريف جو محتاج ناهي .
الطاف شيخ صاحب کي به پھاڪن ۽ چوڻين گڏ ڪرڻ جو وڏو شوق رهيو آهي. ان سلسلي تحت، هن ڪتاب ۾ ٻين ٻولين سان گڏ، سنڌيءَ جا به 696 پھاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون اٿائين. ڊيمي سائزي جي 200 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ جملي 1263 پھاڪا ۽ چوڻيون آهن. جن ۾ 143 ملئي زبان مان، 186 چيني زبان مان ۽ 424 جپاني زبان مان ترجمو ڪري شامل ڪيا ويا آهن. هيءُ ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد سنڌ طرفان سال 1996ع ۾ شايع ٿي آهي. مرزا قليچ بيگ صاحب واري ڪتاب پھاڪن جي حڪمت واريءَ طرز تي تحرير ٿيل آهي .
دراصل، الطاف صاحب اهو ڪتاب پھرين انگريزي زبان ۾ Proverbs of Far East, Malay, Chinese and Japanese سان ڇپيو. جيڪو ڊيمي سائيز جي 77 صفحن تي مشتمل هيو. اهو ڪتاب New Field Publication 11/I, 6th Gizri lan Phase 4, Defense Society Karachi Pakistan سال 1991ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو هيو .
14- سنڌ ورجيسي ٻولي
(پھاڪن ۽ محاورن جو موضوع وار تشريحي خزانو)
سنڌيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب جو ترتيب ڏنل هيءُ ڪتاب، ڊيمي سائيز جي 192 صفحن تي آڌاريل آهي ۽ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان سال 1997ع ۾ شايع ٿيو آهي. منجهس جملي 1355 پھاڪا ۽ چوڻيون آهن.
هن ۾ 103 ورجيسون آهن جن کي ”ننڍڙا پھاڪا“ جي عنوان هيٺ آندو ويو آهي. 68 سنڌي، اردو، 22 سنڌي- انگريزي ۽ 418 انگريزي-سنڌي پھاڪا ڏنل آهن. ڪتاب 42 موضوعن ۾ ورهايو ويو آهي .
15- پھاڪا ۽ پروليون
ناظم چنه جو تاليف ڪيل ڊيمي سائيز جي 56 صفحن تي پکڙيل هيءُ ڪتاب، توفيق احمد ولد نور احمد صاحب اداره مولوي محمد عظيم ڪتب خانه شاهي بازار شڪارپور طرفان سال 1998ع ۾ شايع ڪرايو آهي. منجهس 23 صفحن تي 106 پھاڪا ۽ چوڻيون مختصر پسمنظر ۽ معنى سان ڏنا ويا آهن. جيڪي گهڻا تڻا ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب واري ڪتاب پھاڪن جي پاڙ تان کنيا ويا آهن .
16- پھاڪن جي پروڙ
محترم شمس الدين تونيه لاڙڪاڻويءَ جي تاليف ڪيل، ڪرائون سائيز جي 26 صفحن تي مشمل هن ڪتاب ۾ 452 پھاڪا ۽ چوڻيون درج ٿيل آهن. هيءُ ڪتاب آر ايڇ احمد اينڊ سنز بڪ سيلرز ۽ پبلشرز شاهي بازار حيدرآباد طرفان ڇپايل آهي .
17- پھاڪا
”پھاڪا“ نالي سان ڊيمي سائيز جي 72 صفحن تي پکڙيل ۽ 31 بابن ۾ ورهايل هيءُ ڪتاب سنڌالاجيءَ ۾ جريان نمبر: 1765 تاريخ 1974-12-11 جي حوالي سان پيل آهي. منجهس سليمان بني اسرائيل جي بادشاهه داؤد جي پٽ جا پھاڪا ڏنل آهن. ليکڪ ۽ ناشر جو نالو ۽ سال لکيل ناهي .
18- مخزن اخلاق
خادم الفقراء نور حيدر سومرو صاحب جي ترتيب ڏنل هن ڪتاب جي هڪ باب ۾ ٽن سون جي لڳ ڀڳ پھاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز شڪارپور طرفان شايع ٿيل آهي.
19- انمول سنڌي گرامر (ڇھين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس لاءِ)
شفيع محمد ايڇ ايم ايس شيخ جو تاليف ڪيل هي ڪتاب شفيع اسٽور بڪسيلرس بندر روڊ لاڙڪاڻي سنڌ طرفان سال 1981ع ۾ ڪرائون سائزي جي 132 صفحن تي ڇپيل آهي. منجهس معنى ۽ استعمال سان 46 پھاڪا ۽ چوڻيون، 197 اصطلاح ۽ 194 اشتقاق ڏنا ويا آهن .
20- سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج
ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ڊي فل لاءِ، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ ٿيسز لکي، جيڪا سال 1978ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو طرفان شايع ٿي آهي. ڊيمي سائيز جي 358 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب ۾ 300 کن پھاڪ ا۽ چوڻيون ڏنل آهن. جڏهن ته منجهس بيشمار اصطلاح ۽ ورجيسون به معنائن سان سمجهايون ويون آهن .
ٻولين جا ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري (حيدرآباد) طرفان ٻولين بابت ڇپيل ڪتابن ۾ پڻ پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون معنائن سان ڏنا ويا آهن. مڙني جي وچور هيٺ ڏجي ٿي .
21- سبي جي ٻولي (سال 1992)
ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهيءَ جي ترتيب ڏنل ڊيمي سائيز جي 178 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ڪيترائي چغلدالي ۽ فزاڪي محاورا ڏنا ويا آهن. ڪتاب کي مختصر ڪري ڇپرايو ويو آهي. اصل مسودي ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون ۽ ورجيسون، پسمنظر سميت ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ڇاپي نسخي مان اهي حذف ڪيا ويا آهن .
22- ماٿيلي- اوٻاوڙي جي ٻولي (سال 1992ع)
محمد فاضل شيخ جي ترتيب ڏنل، ڊيمي سائيز جي 146 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب ۾ 188 پھاڪا ۽ چوڻيون ڏنا ويا آهن. جڏهن ته منجهس ڪيترائي ماٿيلي/ اوٻاوڙي جي ٻوليءَ جا اصطلاح، محاورا ۽ ورجيسون، معنائن سميت، ڏنا ويا آهن .
23- شڪارپور جي ٻولي (سال 1992ع)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌءَ جي ترتيب ڏنل، ڊيمي سائيز جي 110 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب جي ڇھين باب ۾ شڪارپور جي خاص لفظن، فقرن، اصطلاحن ۽ ورجيسن جي معنى ڏني وئي آهي .
24- ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي (سال 1994ع)
حافظ حبيب سنڌيءَ جي ترتيب ڏنل، ڊيمي سائيز جي 216 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب ۾ بابت ٽئين کان اٺين تائين ۾ مھاڻڪي، جتڪي، ماڃر جي، ڪڪرالي جي، کاري جي ۽ جاتيءَ جي ٻولين جا محاورا، معنى ۽ تشريح سان ڏنا ويا آهن. جڏهن ته نائين باب ۾ خاص، ٻٽن ۽ بگڙيل محاورن جي معنى ڏني وئي آهي. آخري ۽ ڏهين باب ۾ اختصار کان ڪم وٺندي، اصل مسودي جي 750 پھاڪن ۽ چوڻين مان 450 کن پھاڪا ۽ چوڻيون شامل ڪيا ويا آهن .
25- ٿر جي ٻولي (سال 1994ع)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ هدايت پريم جي ترتيب ڏنل، ڊيمي سائيز جي 142 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب ۾ ٿر جا 33 پھاڪا/ چوڻين ۽ 200 کن سنڌي محاورن جا ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ گجراتي نعم البدل ڏنا ويا آهن .
26- اترادي ٻولي (سال 1995ع)
ڊاڪٽر هدايت پريم جي ترتيب ڏنل، ڊيمي سائيز جي 144 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب ۾ 196 پھاڪا/ چوڻيون ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ستين باب ۾ اترادي لھجي جي خاص لفظن جي لغت پڻ ڏني وئي آهي .
27- سنڌي براهوئي ٻوليءَ جو تقابلي جائزو (سال 1994ع)
ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهيءَ جي ترتيب ڏنل، ڊيمي سائز جي 128 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب ۾ بيشمار سنڌي محاورن جا براهوي نعم البدل ڏنا ويا آهن.
اهڙيءَ طرح ٿر جي ڪيترن ئي محاورن، اصطلاحن، خاص لفظن، ورجيسن جي معنى، رائچند هريجن پنھنجي لکيل ڪتاب تاريخ ريگستان ۾ ڏني آهي . سمجهائ خاطر پسمنظر ۽ تعارف به ڏنا اٿائين .
سنڌ اندر اڻ ڇپيل پھاڪن ۽ چوڻين جا ڪتاب
پھاڪن ۽ چوڻين جي موضوع تي سنڌ اندر ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، جيڪي اڃا تائين ڇپجي پڌرا نه ٿيا آهن. جنھن جو مثال خود لوڪ ادب سلسلي طرفان ترتيب جي اوسيئڙي ۾ رهيل 42، 43 ۽ 44 ڪتاب آهن. جيڪي پھاڪن، چوڻين اصلاحن ۽ ورجيسن لاءِ مخصوص ٿيل آهن .
هتي پڻ انھن اڪيچار ڪتابن بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي راقم جي نظر مان پڻ گذريا آهن .
28- ”ٿري ٻوليءَجي پھاڪن ۽ چوڻين جي“ روشنيءَ ۾ ٿر جو سماجي، سياسي ۽ ادبي جائزو .
هيءُ ڪتاب محترمه جانڪي ديوي انچلانند، سپروائيزر پرائمري ايڊيوڪيشن بيٽ عمر ڪوڳٽ، ايم فل لاءِ مقالي طور لکي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. منجهس 161 ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون ٿري سماج/ سياست/ تاريخ/ جاگرافيءَ جي پسمنظر سميت ڏنل آهن .
29- موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون
راقم جو تاليف ڪيل هيءُ ڪتاب، ڊيمي سائيز جي 275 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ منجهس 350 پھاڪا ۽ چوڻيون پسمنظر سميت ڏنل آهن. جيڪو ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿي چڪو آهي ۽ اميد ته عنقريب منظر عام تي اچڻ وارو آهي. جڏهن ته ڏهن قسطن ۾ ڪينجهر ۽ مومل رسالن ۾ ڇپجي شايع به ٿي چڪو آهي .
30- سنڌي لغات: پھاڪا ۽ چوڻيون
راقم جي تاليف ڪيل هن لغت ۾، 8500 پھاڪا ۽ چوڻيون شامل ڪيل آهن. هرهڪ پھاڪي جي معنى، تشريح، علائقائي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ڪن پھاڪن جا پسمنظر به ڏنا ويا آهن. رائل/ ڊبل ڪرائون سائيز جي 650 صفحن تي پکڙيل هي ڪتاب ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿي چڪو آهي ۽ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي، اميد ته جلد منظر عام تي ايندو .
ان کان علاوه راقم جو ”ماڳ مڪان جي نالن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون“ مضمون به ڪينجهر ۾ ڇپجي چڪو آهي. جنھن ۾ 101 ماڳ جي نالن تي پھاڪا ۽ چوڻيون معنائن سميت ڏنا ويا آهن .
**
سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ-ضميمو 2
انجنيئر عبدالوهاب سھتو
هن کان اڳ، راقم ساڳئي موضوع سان وابسته ضميمون-1، رقم ڪيو هيو، جيڪوڪينجهر جي مارچ 2001ع وار يپرچي نمبر:68 ۾ ص: 32 تي ڇپيو هيو. هيءُ مقالو ان جي ٻي ڪڙي آهي .
هن ئي موضوع تي سنڌي ادب ۾، پھرين طبع آزمائي، جيڪا راقم جي نظر هيٺ آئي آهي، سا آهي محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن جي جيڪا پاڻ مخدو محمد زمان طالب المولى صاحب جي تاليف ڪيل ”لغات، سنڌي مخففات“ جي مقدمي طور پيش ڪري چڪا آهن. لغت نويسيءَ بابت لکيل اهو مقالو، جيڪو 1991ع ڌاري ڇپيو، سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، منجهس جامع ۽ مستند مواد، ڪتاب اڳيان رکي، جوڙي پيش ڪيل نظر اچي ٿو.
انھيءَ سلسلي سان سلھاڙيل ٻي ڪاوش محترم محبوب اختر پٺاڻ صاحب جي نظر اچي ٿي، سندس مقالو، جيڪو مختلف ڪتابن جي مدد سان تيار ڪيل آهي، سو نئين زندگيءَ جي مارچ 1993ع واري پرچي ۾، ”سنڌ ۾ لغت نويسيءَ جي مختصر تاريخ“ طور ڇپجي چڪو آهي.
ساڳيو مضمون، ڪن لفظن جي سڌريل ۽ سلوڻن متبادل سان، جناب تاج جويو صاحب، تڏهوڪو سيڪريٽري سنڌ لئنگوئيج اٿارٽي حيدرآباد، 1998ع ڌاري ڇپيل، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هڪ جلدي سنڌي لغت ۾ مقدمي طور پيش ڪيو هيو . ياد رهي ته تاج جويو صاحب، مذڪوره مقالي کي اڃا سڌاري لغتن جا نالا لسٽ ۾ لکي، پيغام رسالي جي مارچ 2002ع واري پرچي ۾، سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ واري نالي سان پڻ ڇپرايو آهي .
هن ئي سلسلي سان لاڳاپيل، ڪتاب سامھون رکي لکيل ٻيومقالو، جنھن کان متاثر ٿي راقم پھريون ۽ ٻيو ضميمو تيار ڪيو آهي، سو آهي جناب ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جو، صاحب موصوف جو هندستان مان لکيل اهو مقالو، ٽه ماهي مھراڻ جي 4/2000ع پرچي ۾، ص:54 تي، سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ جي نالي سان ڇپيو آهي.
هيءُ مقالو، مذڪوره مقالن جي ڪڙيءَ طور ڪيو ويو آهي، منجهس حته الامڪان ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اڳين مقالن ۾ آيل لغتون شامل نه هجن، انساني تقاضا آهي، غلطيءَ مان ڪو هڪ اڌ نالو، ورجائجي ويو هجي، ڇو جو تياريءَ وقت فقط اهي لغتون سامھون رکيون ويون هيون، مذڪوره مقالن سان اکر اکر ڀيٽي ڪانٽ ڇانٽ نه ڪئي وئي آهي.
هاڻي اهو آئنده جي محقق تي منحصر ٿو ڪجي ته جڏهن هن موضوع تي جامع تحقيق ڪري ته انھن شين کي مدنظر ضرور رکي. خاص طور تي اهي حضرات جيڪي هن موضوع تي ڊاڪٽريٽ يا ماسٽرس ڪرڻ گهرن ٿا، تن لا هيءُ مقالو رهبري ڪندڙ هوندو.
آخر ۾، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو جو شڪريو نه مڃڻ ڪنجوسي ٿيندي. خاص طور ڊاڪٽر مولوي محمد ادريس سومرو صاحب جو ٿورائتو آهيان، جنھن ڪتاب مھيا ڪري ڏنا.
خالد آزاد وگهيو (ترجمان) سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد جو روزانه ڪاوش 9-2-03 هائيڊ پارڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لغتن جي تياري ۽ اشاعت ڪجهه وضاحتون، هيٺ لکيل خط کي به مدِنظر رکيو ويو آهي .
1-1: لاڙ جي لغات
لاڙي لفظن جي هيءَ لغت، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جي تاليف ٿيل آهي. جيڪا زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، سال 1975ع ۾ پھريون دفعو شايع ڪري عام ڪئي، مھاڳ مرحوم علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب جو لکيل اٿس .
2-1: لغات سنڌي مخففات
مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ترتيب ڏنل هن لغت ۾ 2100 چونڊ لفظن جو اصلي اچار ۽ انھن جا مخفف (سسيل روپ) سمجهاڻيءَ سان ڏنا ويا آهن، رايل سائيز جي 130 صفحن تي آڌاريل صفحن تي آڌاريل هن لغت جو مقدمو ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد سال 1991ع ڌاري ڇپائي پڌري ڪئي آهي .
3-1: سڳنڌ (سنڌي ڏوهيڙا)
عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسيءَ جي گڏيل هيءَ ڪاوش ڪرائون سائيز جي 144 صفحن تي مشتمل آهي. جنھن ۾ سنڌي ڏوهيڙي جا سمورا قسم، عام ڏوهيڙو، هنر، پرولي، ڳجهارت (ڏٺ) سرائتي، دورائو، ڏور، سينگار ۽ ڏهس. معنائن سميت ڏنا ويا آهن. مارچ 1950ع ڌاري جو لکيل هيءُ ڪتاب، تاج محل پريس شاهي بازار حيدرآباد وارن سال 1959ع ۾ ستين ڇاپي طور ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .
4-1: وينجهار
ڊاڪٽر عبدالڪريم صاحب مرحوم جي 1950ع ڌاري لکيل هن ڪتاب ۾ پرولي، ڳجهارت، هنر، دوراهو، ست سريون، ڏور، سينگار، ڏهس ٻھڳڻن جا ٻول ۽ سندن معنائون وضاحتون ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جو مھاڳ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي ۽ جڏهن ته تاج محل پريس شاهي بازار حيدرآباد وارن، ڪرائون سائيز ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. بعد ۾ سندس پٽ ڊاڪٽر اسلم سنديلو صاحب به هڪ ڇاپو ڇپايو آهي.
5-1: قلندر لغت
لطف الله سومرو صاحب جي ترتيب ڏنل هن لغت ۾ ڏهن کان ٻارهن هزار سنڌي لفظن جي معنى ڏني وئي آهي. اهو ڪتاب ڪرائون سائيز جي 484صفحن تي مشتمل آهي .
6-1: سنڌي زبان جي بنيادي لغت
(Vocabulary of Sindhi Language)
وزارت تعليم حڪومت پاڪستان جي لاءِ تيار ڪرايل هن لغت ۾ بنيادي لغت 800 لفظ، وڌايل بنيادي لغت 450 لفظ، ڪاروباري لغت 850 لفظ، سڀ قومي لفظ 175، ڳڻپ، تور، ماپ ۽ ڪيلينڊر جا لفظ 75 ڏنل آهن. ڊيمي سائيز جي 58 صفحن تي ڇپرائي پڌري ڪئي آهي .
8-1: ٻوليءَ جو بڻ (سنڌي ٻوليءَ جي خصوصي حوالي سان)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو مرحوم جي ترتيب ڏنل هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي لفظن جون وچورون (نام مالھائون Glossaries) ڏنل آهن، ڊيمي سائيز جي 191 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قمبر وارن سال 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .
9-1: روشني (شاهه جي ڪلام جي لغت)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيقي ۽ ترتيب هيٺ تيار ٿيل ڊبل ڪرائون سائيز جي 558 صفحن واري صفحن واري هيءَ لغت، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، سال 2002 ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي، منجهس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام، بيتن ۽ واين ۾ آيل حرفن، لفظن، فقرن ۽ سٽن جي معنى ڏنل آهي، هن کي شاهه جي اصطلاحي ٻوليءَ جي لغت به چئي سگهجي ٿو.
10-1: اسان کي متان وساريو (وساريل لفظن جي لغت)
گنگارام سمراٽ جي تحقيق ۽ ترتيب هيٺ تيار ٿيل، ڊيمي سائيز جي 212 صفحن تي مشتمل هيءَ لغت، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد سنڌ، سال 1999ع ڌاري ڇپائي عام ڪئي آهي، منجهس اوائلي ۽ ڪجهه مروج، بلڪ متروڪ لفظن جون معنائون، سمجهاڻين سميت ڏنل آهن .
11-1: سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري
آفتاب ابڙو صاحب جي ترتيب ڏنل. ڊيمي سائيز جي 332 صفحن واري هيءَ لغت سنڌي ڪتاب گهر ڪراچيءَ سال 1992ع ۾ آزاد ڪميونيڪيشن ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌري ڪئي آهي .
2- پھاڪن، چوڻين، ورجيسن ۽ ٻوليءَ واريون لغتون
2-1: سنڌي ٻوليءَ جي جھان جي کوجنا
ڊاڪٽر پروفيسر شمس الدين عرساڻي صاحب جي ترتيب ڏنل هن ڪتاب ۾ اصلاحن، محاورن، اڳياڙين ۽ پڇاڙين جون معنائون ڏنل آهن. ياد رهي ته منجهس ڏنل پھاڪن، چوڻيون ۽ اصطلاح، ڊاڪٽر صاحب جي اڳئين ڪتاب، سنڌي ورجيسي ٻوليءَ تان ائين جو ائين کنيا ويا آهن. ڊيمي سائيز جي 281 صفحن واري هن ڪتاب کي به روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سال 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .
2-2: ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا
راقم جي تاليف ٿيل هن ڪتاب ۾ 241 پھاڪن/ چوڻين جون وصفون بيان ڪيل آهن، جملي ٽن مضمونن ٻن لفظن تي مشتمل، ٽن لفظن تي مشتمل ۽ هاڪاري ناڪاري جوڙن تي مشتمل پھاڪن ۽ چوڻين واري واري هن ڪتاب کي ڊيمي سائيز جي 94صفحن تي، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سنڌ سال 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .
3-2: ورجيسون (پسمنظر ۽ ڪارج)
راقم جي تاليف ٿيل، 235 ورجيسن واري هن ڪتاب کي ڊيمي سائيز جي 116 صفحن تي، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد ، سال 2003ع ۾ ڇاپي پڌروڪيو آهي، منجهس ورجيسن جا قسم بيان ڪيل آهن ۽ نموني جي طور، سنڌي ٻوليءَ جي جھان مان، چند ورجيسون کڻي انھن جون وصفون سمجهايون ويون آهن .
4-2: سنڌي گلدستو
شيخ نياز محمد نياز جو جوڙيل ڪتاب، جنھن کي 1949ع ۾ پھريون ڀيرو ڪرائون سائيز جي 82 صفحن تي شفيع اسٽور بندر روڊ لاڙڪاڻو ڇپرايو، منجهس 200 اشتقاقن جون معنائون ڏنل آهن .
ان ئي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، ڊيمي سائيز جي 32 صفحن تي شيخ خليلي احمد ڪرمان باغ محلو لاڙڪاڻي واري مدينه اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس لياقت روڊ لاڙڪاڻو مان سال 1977ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، منجهس 765 عربي ۽ فارسي اشتقاقن جون سنڌي معنائون ڏنل آهن .
5-2 رهبر خيال خاطر
خيال خاطر ڪتاب محترم محمد اسماعيل عرساڻي مرحوم لکيو هيو، جنھن جو رهبر به پاڻ لکيائين، جيڪو ڪرائون سائيز جي 40 صفحن تي مشتمل آهي ۽ آر ايڇ برادرس پبلشرس ائنڊ اسٽيشنرس شاهي بازار حيدرآباد (پاڪ) ڇپرايو هيو، ڪتاب تي ڇپائيءَ جو سال لکيل ناهي.
6-2: ڏهس نامون
ڏهه هم معنائن (Synonyms) تي مبني لفظن جي مالھا واري هن ڪتاب جي ترتيب ۽ تاليف، محترم پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب جي ڏنل آهي. ڊيمي سائيز جي 64 صفحن وارو هيءُ ڪتاب اسلم پبليڪيشن، پاور هائوس لاڙڪاڻو وارن، پاڪستان اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو مان سال 1971ع ۾ ٻيو دفعو ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .
7-2: جتڪي ٻولي
منير احمد ميرجت جي مدد سان، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب چوڏهن بابن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي 150 صفحن وارو هيءُ ڪتاب جوڙيو آهي، منجهس روزمره جي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ جتڪي زبان جي لفطن، اصطلاحن، فقرن ۽ جملن جون سنڌيءَ ۾ نام مالھائون ڏنيون ويون آهن .
هيءُ ڪتاب، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، سال 2003ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي .
3- نئين ادرو-سنڌي لغات
ڊيمي سائيز جي 534 صفحن تي مشتمل لغت، ابن الياس جي تاليف ڪيل آهي جنھن جو ديباچو خادم العلم نبي بخش بلوچ 15 سيپٽمبر 1950ع ڌاري لکيو. احمد نبي بخش شيخ، آزاد بڪ ڊيپو، صدر بازار حيدرآباد سنڌي واري، ساڳئي سال ۾ آفتاب پرنٽنگ پريس شاهي بازار حيدرآباد سنڌ طرفان ڇپائي عام ڪيو .
2-3: سنڌي، اردو لغت
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان جن جي ترتيب ڏنل 866 ڊبل ڪرائون سائيز صفحن واري هيءَ لغت، مڪتب، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ پاڪستان، سال 1959ع ڌاري وزارت تعليم حڪومت پاڪستان سنڌ يونيورسٽيءَ جي اهتمام ۽ سعيءَ هيٺ ڇاپي پڌري ڪئي .
هن لغت جي منڍ ۾ سنڌي اردو جا حروف تھجي ۽ آخر ۾ ڀلنامو پڻ ڏنل آهي .
3-3: بنيادي اردو (سنڌي ترجمو)
ڊاڪٽر ابوالليث صديقيءَ جي ڪرائون سائيز 91 صفحن واري هن لغت ۾ اساسي اردو جي لفظن جي سنڌي معنى آهي، هيءَ لغت اعجاز محمد صديقيءَ ، سيد حسام الدين راشدي، ايڊيٽر، اردو ڊولپمينٽ بورڊ لاهور جي نگرانيءَ ۾ سال 1968ع ڌاري ڇپائي پڌري ڪئي .
4-3: اردو سنڌي لغت
عبدالستار بلوچ جي تحقيق ترتيب هيٺ تيار ڪرايل، ڊبل ڪرائون سائيز جي 1024 صفحن واري هيءَ لغت، سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي حيدرآباد ۽ سنڌيڪا ڪراچيءَ جي اشتراڪ سان سال 2003ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي آهي، انھيءَ ڪم جي نگراني سنڌي اداري جي مالڪ نور احمد ميمڻ ۽ نظرثاني سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي حيدرآباد جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو صاحب ڪئي آهي .
پنجاهه هزار اردو ۽ اردوءَ ۾ مشتمل هندي، فارسي، عربي لفظن ۽ اصطلاحن واري هيءَ لغت پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته ڏاڍي عجلت سان لکي، ڏٺي ۽ ڇاپي وئي آهي.
5-3: معلم اردو
ڪرائون سائيز جي 96 صفحن واري هن ڪتاب کي، محترم لاشاري، رشيد احمد رشيد ۽ پروفيسر محمد عالم عباسي عالم ترتيب ڏنو آهي، منجهس سنڌي پنجين درجي کان تياري ڪلاس جي شاگردن کان ٽريننگ وٺندڙ ماسترن لاءِ اردو اصول لغت گرامر، پھاڪا ۽ مضمون ڏنل آهن، 1949ع ڌاري ترتيب ڏنل هيءُ ڪتاب، آزاد بڪ ڊپو صدر بازار حيدرآباد سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، ڇپائيءَ جو سال ڏنل ناهي .
6-3: خلاصه سنڌي اردو گائيڊ (سنڌي سيکني ڪا واحد حل)
رشيد احمد لاشاريءَ جو ڪرائون سائيز 32 صفحن وارو هيءُ ڪتاب آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس تاجران ڪتب، شاهي بازار حيدرآباد سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو. منجهس ڇپائيءَ جو سال ڏنل نه آهي، ياد رهي ته هن ڪتاب تي تقريظ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جي لکيل آهي .
7-3: آسان سنڌي اردو بول چال (ڳالهه ٻولهه)
ڊيمي سائيز جي 152 صفحن وارو هيءُ ڪتاب، منظور علي پٺاڻ جو جوڙيل آهي، جيڪو راٺوڙ بڪ ڊپو ريشم بازار حيدرآباد وارن جو ڇپايل آهي. سال ڏنل نه اٿس، منجهس ڪيترن ئي سنڌي لفطن جو اردو معنائون ڏنل آهن .
8-3: سنڌي اردو بول چال
جاويد انجم جي تاليف ٿيل هن ڪتاب ۾ روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف لفظن/ جملن جون معنائون ڏنل آهن، ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ڊيسينٽ پبليڪيشنز ڪراچيءَ وارن ڇپائي منظر عام تي آندو آهي .
4- هندي سنڌي
1-4: هندي سنڌي ٽيچر
هنديءَ جي وسيلي سنڌي سکڻ جو هيءُ سولو ڪتاب ڪيشو ڪمليشن جو جوڙيل آهي. ڪرائون سائيز جي 56 صفحن واري ڪتاب کي نارائڻ داس هيمن داس ٽوپي بازار گوالير-1 وارن ڇپايو آهي. منجهس 37 پاٺ آهن، جن ۾ ڪٺن/ڏکين لفظن جون نام مالھائون (Glossaries) ڏنل آهن .
2-4: راشٽر ڀاشا پرار نڀڪ ۽ پريکيا ٻوڌني ۽
ڪرائون سائيز جي 28 صفحن وارو هيءُ ڪتاب اندر ديو شرما ۽ ساڌو بابا جوڙيو آهي، ڪرمچند نيڀراج ڏيواڻيءَ چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس مارڪيٽ حيدرآباد سنڌ مان ڀڳوانداس بوڪ سيلرز شاهي بازار حيدرآباد وارن ڇپايو، منجهس راشٽر ڀاشا جي پرائمري ڪتابن جون، پاٺن آهر معنائون ڏنل آهن .
5- عربي سنڌي لغات
1-5: قرآن ۽ سنڌي ورجيسون
نياز سرڪي عردائي صاحب، قرآن اصطلاحن جون سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ معنائون ڏئي، ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، منجهس قرآني سورتن ۽ پارن جي نالن جا سنڌي ۽ انگريزي متبادل به ضميمي طور ڏنل آهن. ڊيمي سائيز جي 200 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌي ساهت گهر سال 2001ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .
2-5: الياقوت والمرجان في شرح غريب القرآن (الغات قرآن سنڌيءَ ۾)
هي ءَلغت امام قطب الاقطاب غوث الزمان العالم الرباني الشيخ المرشد مولانا حماد الله هاليجوي سنڌي (متوفي 1371هه) جن جي ترتيب ڏنل آهي، منجهس سورت اعراف کان سورت والناس جي ڏکين عربي لفطن جون معنائون ڏنل آهن، آخر ۾ حضرت سائينءَ جن جي تقرير پڻ ڏنل آهي. ڊيمي سائيز جي 158 صفحن واري هن ڪتاب جي ڪتابت عبدالرؤف مشتاق احمد 1395هه ۾ ڪئ يآهي، محمد امين الله عفا الله عنھ، خادم مدرسه مدينه حماديه پنو عاقل/ سکر، مشھور آفسيٽ پريس ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌري ڪئي آهي .
3-5: جديد اللغات عربي (سنڌيءَ مان عربي)
عبدالواحد شيخ ٿريچاڻوي صاحب جي ترتيب ڏنل هيءَ لغت ڪرائون سائيز جي 48 صفحن تي مشمتل آهي. منجهس سنڌي لفظن جون الفابيٽ ترتيب ۾ عربي معنائون ڏنل آهن .
4-5: عربي بول چال (سنڌيءَ ۾)
محمد سليمان ٻگهيو، معلم العربيته گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو جو ڪرائون سائيز جي 280 صفحن وارو هي ڪتاب مسلم بوڪ ڊپو شاهي بازار سکر وارن سال 1959ع ۾ پھريون ڀيرو، عربيءَ جي طالب العلمن حاجين، مسلم ممالڪ جي سياحن ۽ ڪاليج وارن جي مدد لاءِ ڇپرايو ويو. منجهس روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفطن جون نام مالھائون آهن .
5-5: مرشد المتبدي الي اللسان العربي (الجزءُ الاول)
شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد داؤدپوٽي جو، ڪرائون سائيز جي 192 صفحن تي جوڙيل هيءُ ڪتاب، مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي نون سنڌي سکندڙ شاگردن لاءِ ڪورس تي رکيل ڪتاب جو شرح آهي منجهس سمورن سبقن ۾ آيل عربي ڏکين لفظن جون معنائون آيل آهن. پاڻ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي پرنسپاليءَ دوران سال 1929ع ڌاري ترتيب ڏنو هئائون، جيڪو 1938ع ۾ ٻيو دفعو ڇپيو. ان وقت پاڻ اسماعيل ڪاليج انڌيري بمبئيءَ ۾ پروفيسر هئا. ٽيون ڇاپو 1948ع ڌاراي ڇپيو، جڏهن پاڻ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ هيا .
6-5: شرح مجموعت النثر و النظم
ابوبڪر شبليءَ جي ترتيب ڏنل هيءَ شرح ڪرائون سائيز جي 154 صفحن تي مشتمل آهي. منجهس عربيءَ جي مختلف مضمونن ۾ آيل ڏکين لفظن جون معنائون ڏنل آهن. آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس پبلشرس، بوڪ سيلرس شاهي بازار حيدرآباد (پاڪ) سال 7-1956ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو .
7-5: سنڌي عربي لغت (الف کان ي)
پروفيسر غلام حسين جلباڻي مرحوم جي ترتيب ڏنل هن لغت جو پھريون ايڊيشن ڊبل ڪرائون سائيز جي 390 صفحن تي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن اسلام آباد جي سھڪار سان سال 1995ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، ڪتابي سلسلو 167 طور ڇپائي پڌرو ڪيو .
8-5: بحرالجواهر (عربي سنڌي لغت)
ڊيمي سائيز ۾ ترتيب ڏنل هيءُ ڪتاب، ناقص حالت ۾، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو ۾ موجود آهي، فقط ص 19 کان 42 تائين موجود آهن جنھن ڪري ليکڪ ڪاتب ۽ ناشر جو نالو ۽ سال معلوم نه ٿو ٿي سگهي .
9-5: مڪمل لغات قرات الرشيده
عبدالواحد شيخ ٿريچاڻوي صاحب جي ترتيب ڏنل ڪرائون سائيز جي 32 صفحن واري هن ڪتاب کي ربيع الاول 1417 هه ڌاري جان محمد برائي ايصال ثواب مرحوم سليم الله لاءِ ڪتابت ڪرائي سلسلو 60 طور ڇپرايو آهي .
6- فارسي سنڌي لغات
1-6: فارسي سنڌي لغات
مجموسه 3 نثر درسي فارسي مترجم سنڌي (دوايه، ٽه وايه، آمد نامه)
مولوي عبدالفتاح صاحب جو ترتيب ڏنل ڪتاب هيٺين ادارن طرفان ڊيمي سائيز ۾ ڪيترائي دفعا ڇپيو آهي .
(الف). مولوي محمد عظيم اينڊ سنز تاجران ڪتب شاهي بازار شڪارپور.
(ب). هيمنداس تاجر ڪتب سکر، جارج پرنٽنگ پريس ڀڀرڪي بازار سکر .
(ج). مسلم بوڪ ڊپو شاهي بازار سکر.
(د). عبدالرسول ملا حبيب الله مينيجر ڪتب خانه عباسي، ليٿو پريس فريئر روڊ جهونا مارڪيٽ ڪراچي.
3-6: دوايه .هيءُ نسخو حافظ حاجي سيد حيدر شاهه مرحوم جي خليفي حضرت سيد مير علي شاهه جي گماشتي ميان عبدالواحد جي اهتمام سان، فيض سبحاني ڇاپخاني بندر ڪوٽڙيءَ مان، ڊيمي سائيز جي 16 صفحن تي ڇپيو، ڪتابت فقير فقير محمد ولد غلام صورت جي ٿيل آهي، ڇپائيءَ جو سال درج ٿيل ناهي .
4-6: ڪتاب فوائد المبتدي (سنڌي ۽ فارسي)
ڊيمي سائيز جي چوڏهن صفحن وارو هيءُ ناقص ڪتاب، جنھن جا اڳيان ۽ پٺيان صفحان ڦاٽل آهن، قاسميه لائبيريري ڪنڊيارو ۾ پيل آهي، ليکل جو نالو، سال ۽ ناشر جا نالا نامعلوم آهن .
5-6: جديد الغاته (يعني ڊڪشنري سنڌي کان فارسي)
عبدالواحد شيخ ٿريچاڻويءَ جو 1403هه ڌاري تاليف ٿيل هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز جي 32 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتابت ٿيل هن ڪتاب کي جان محمد برائي ايصال ثواب سليم الله مرحوم، ربيع الاول 1417هه ڌاري، سلسله نمبر:70 طور ڇپائي پڌرو ڪيو .
6-6: دويه (فاريسي، سنڌي)
منشي احمد دين جي ڪتابت سان، ڊبل ڪرائون سائيز جي 16 صفحن وارو هيءُ ڪتاب، راءِ وسنداس جي گماشتي (ايجنٽ)، جناب سيٺ جيشنمل ويشن پريس، لکمي داس روڊ ڪراچي مان سال 1313هه ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو.
7-6: ننڍو دوايه فاريسي
ڪرائون سائيز جي ڏهن صفحن وارو هي ڪتاب منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور، نون فارسي سکندڙن لاءِ نولڪشور پريس لاهور مان ڇپائي پڌرو ڪيو، مٿس اشاعت جو سال ڏنل ناهي .
8-6: معلم فارسي
محمد حسن بازري، مولوي فاضل، فاضل ديوبند، صدر مدرس، مدرسه عربيه اشاعت القرآن نصيرآباد تعلقو وارهه لاڙڪاڻو جو تصنيف ٿيل، ڪرائون سائيز جي 64 صفحن وارو هي ڪتاب رشيد آرٽ پريس ڪراچيءَ مان ڇپيو. جيڪو نرو محمد عثمان، ڪاٺياواڙ اسٽور بندر روڊ لاڙڪاڻي طرفان ڇپيل آهي .
9-6: مصدر نامه
حضرت مولانا محمد حسين بازريءَ جو تاليف ٿيل، ڊيمي سائيزجي 72 صفحن وارو هيءُ ڪتاب، پھريون دفعو، عليڳڙهه بوڪ اسٽور نيم جي چاڙهي سکر وارن ڇپائي پڌرو ڪيو. مٿس اشاعت جو سال درج ٿيل ناهي. منجهس روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مصدرن جون معناون ڏنل آهن .
10-6: ڪي ٽو دي بگنرس پرشين
چوٿين اسٽينڊرڊ تي لکيل ٽيون ڪتاب جي گائيڊ طور تيار ڪيل هن شرح ۾ تمام گهڻن فارسي لفطن، محاورن ۽ پھاڪن جون معنائون ڏنل آهن، جناب ڊي ايل لالواڻيءَ، ايل ڊوارڪارس ۽ برادرس بندر روڊ ڪراچيءَ وارن جي طرفان، سال 1940ع ڌاري، ڪي ايم جاميءَ جي انڊيا پريس ميريوپڌر ٽاور ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو .
7- انگريزي سنڌي ڊڪشنريون
1-7: نيو ايج پاپولر آڪسفورڊ پريڪٽيڪل پاڪيٽ ڊڪشنري
پاڪيٽ سائيز جي 467 صفحن واري هيءَ ڊڪشنري علي حسن چوهاڻ ڇپرائي آهي، انگريزي-سنڌي واري هن لغت جي قيمت پنجاه رپيا آهي. جڏهن ته ڇپايل اورينٽل بوڪ سوسائٽي، نپت روڊ، پيپر مارڪيٽ لاهور وارن جي، مٿس ڇپائيءَ جو سال ۽ مصنف جو نالو لکيل ناهي .
2-7: دي نيو پاپولر آڪسفورڊ نيو ايج پاڪيٽ ڊڪشنري
پاڪيٽ سائيز جي 823 صفحن واري هيءَ ڊڪشنري علي حسن چوهاڻ ڇپرائي آهي، انگريزي، سنڌي واري هن لغت ۾ سنڌي اُچار (Pronunciation) پڻ ڏنا ويا آهن، اورينٽل بڪ سوسائٽي، گنپت روڊ، پيپر مارڪيٽ لاهور وارن جي ڇپايل هن لغت جو ديباچو رحيم بخش لنڊ جو لکيل آهي.
3-7: نيو ايج پاپولر اورينٽل پاڪيٽ ڊڪشنري
هيءَ ڊڪشنري علي حسن چوهاڻ ڇپرائي آهي. انگريز-سنڌيءَ واري هن لغت ۾ سنڌي اچار (Pronunciation) پڻ ڏنل آهن. اورينٽل بڪ سوسائٽي گنپت روڊ، پيپر مارڪيٽ لاهور وارن طرفان ڇپايل هن لغت جي قيمت 42 روپيه آهي.
4-7: نيو ايج پاپولر آڪسفورڊ پريڪٽيڪل پاڪيٽ اسڪول ڊڪشنري
اورينٽل بوڪ سوسائٽي لاهوري ڇپايل 693 صفحن واري هي انگريزي-سنڌي لغت محترم رحيم بخش لنڊ صاحب جي جوڙيل آهي. قيمت 40 روپيا اٿس .
5-7: نيو ايج پاپولر آڪسفورڊ پريڪٽيڪل پاڪيٽ ڪمبائينڊ ڊڪشنري:
علي حسن چوهاڻ اورينٽل بڪ سوسائٽي لاهوري طرفان ڇپايل آهي. ٻن حصن تي مشتمل هن لغت ۾ 467 صفحن تي انگريزي، سنڌي ۽ 460 صفحن تي سنڌي انگريزي لغتون ڏنل آهن. جملي 937 صفحن واري هن ڊڪشنريءَ جي قيمت 90روپيا آهن .
6-7: پاپولر آڪسفورڊ ٽونٽي فرسٽ سينچري پريڪٽيڪل ڊڪشنري
ڊبل ڪرائون سائيز جي 842 صفحن واري هن انگريز، انگريزي، سنڌي لغت ۾ سنڌي اُچار (Pronunciation) پڻ ڏنا ويا آهن، اورينٽل بوڪ سوسائٽي لاهور طرفان، علي حسن چوهاڻ ڇپرائي آهي .
نيو ملينيم ڊڪشنري
حافظ گل محمد گلڻ جي ترتيب ڏنل، ڪرائون سائيز جي 511 صفحن واري هيءَ انگريزي، سنڌي ڊڪشنري گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد مان ڇپرائي آهي، منجهس پندرنھن هزار لفظن جون سنڌي اچارن (Pronunciation) سان معنائون ڏنل آهن. آخر ۾ نواب پھاڪا ۽ چوڻيون پڻ ترجمي سان ڏنل آهن. ڪمپوزنگ محمد سومر ڇٽو جي ٿيل آهي.
9-7: اسٽينڊرڊ انگلش ڊڪشنري:
اي جي ميمڻ جي ترتيب ٿيل هيءَ ڊڪشنري ممتاز ماهر تجربيڪار گرو تاليف ڪئي آهي. هن انگريزي سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ سنڌي اچار پڻ ڏنا ويا آهن، ڊيمي سائيز جي 1060 صفحن واري هيءَ ڊڪشنري، ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار ڪراچيءَ وارن 250 روپين جي قيمت سان ڇپائي پڌري ڪئي آهي. آخر ۾ پھاڪن مخففات، اصطلاحن/ فقرن ۽ Irregular Verb جون وچورون پڻ ڏنل آهن .
10-7: نيو ايڊيشن وي آءِ پي ڊڪشنري
اي ٽي شاهاڻيءَ جي تاليف ٿيل ڊڪشنري، جيڪا لطف الله سومرو صاحب ٻيھر ترتيب (Revised) ڏني آهي، سا ڪرائون سائيز جي 607 صفحن تي مشتمل آهي، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد طرفان ڇپايل هن انگريزي، سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ سنڌي اُچار (Pronunciation) پڻ ڏنا ويا آهن.
اها ئي لغت، بنا اچارن جي، 352 صفحن تي به ساڳئي اداري طرفان ڇپايل آهي.
11-7: اسڪول ڊڪشنري
سيلف اسٽڊي سيريز جي سري هيٺ، ڇھين ڪلاس کان انٽر تائين وارن شاگردن لاءِ جوڙيل انگريزي، سنڌي لغت ۾ سنڌي اچار پڻ ڏنا ويا آهن، هدايت منگي مرحوم جي هدايتن پٽ ترتيب ڏنل هيءَ ست هزار لفطن واري لغت، مائيڪرو پوليڪرافٽس، 2 گرائونڊ فلور، گرين پيليس هوٽل لاڙڪاڻو طرفان، ڊيمي سائيز جي 239 صفحن تي مشتمل سال 1999 ڇپجي پڌري ٿي آهي.
12-7: سنڌيڪا اسٽوڊنٽس ڊڪشنري
ثناءُ الله راڄڙ جي تاليف ۽ تدوين ڪيل هيءَ انگريزي سنڌي لغت، 327 ڊيمي صفحن تي مشتمل آهي. جنھن ۾ سنڌي اچار (Pronunciation) پڻ ڏنل آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان ڇپرايل آهن .
13-7: پاپولر راٺوڙ پريڪٽيڪل اسٽوڊنٽس ڊڪشنري
عبدالجبار جي ترتيب ڏنل انگريز، سنڌي ڊڪشنري ڪرائون سائيز جي 126 صفحت تي مشتمل آهي جيڪا راٺوڙ بوڪ ڊپو ريشم بازار حيدرآباد وارن، نگار پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپائي پڌري ڪئي آهي.
14-7: سنڌيڪا ڊڪشنري
ڊبل ڪرائون سائيز جي 1056 صفحن وار يلغت، 2003ع ۾ سنڌيڪا وارن ايڊيٽوريل بورڊ جي معرفت تيار ڪرائي ڇپرائي آهي، ايڊيٽرن ۾ حيدر بخش، عزيز گوپانگ، آصف علي ابوبڪر کوسو، غلام مصطفى سولنگي ۽ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو صاحب شامل آهن .
چار سؤ رپين جي قيمت واري هن ڪتاب ۾ عام انگريز لفظن سان گڏ، تعليمي ۽ سائنسي لفطن جون، شاگردن، استادن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙن لاءِ، معنائون، تعريفون ۽ وضاحتون ڏنيون ويون آهن .
15-7: پاڪ نيشنل پاڪيٽ ڊڪشنري
آر ايڇ احمد اينڊ برادرس، بڪ سيلرس شاهي بازار حيدرآباد طرفان 1967ع ۾ ٻيو دفعو ڇپايل هيءَ لغت، اي ايڇ ميمڻ جي تيار ڪيل آهي جنھن جو ديباچو پاڻ عبدالحسين ميمڻ لکيو آهي. جيڪو تڏهن ايس ايم آرٽس ڪاليج ٽنڊو الھيار ۾ ليڪچرر هيو، 858 صفحن واري اها لغت، فردوس پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپي هئي .
16-7: دي پاڪ نيشنل ڊڪشنري
ڊيمي سائيز جي 980 صفحن تي مشتمل هيءَ لغت آر ايڇ احمد اينڊ برادرس، پبلشرس، بڪسيلرس اسٽيشنرس شاهي بازار حيدرآباد وارن 1956ع ڌاري ڇپرائي، آر ايم ميمڻ جي تيار ڪيل هن لغت جو ديباچو محمد اسماعيل عرساڻي صاحب جو لکيل آهي. ياد رهي ته ساڳي ڊڪشنري، ساڳئي اداري ڪرائون سائيز بي 1000 صفحن تي مشتمل پاڻ ڇپرائي آهي .
17-7: اسٽوڊنٽس ڊڪشنري
سليم قريشيءَ جي تيار ڪيل هن لغت ۾ انگريزي لفظن جا سنڌيءَ ۾ اچار پڻ ڏنل آهن، ڊيمي سائيز جي 976 صفحن واري هن لغت کي اسٽوڊنٽس پبلشرس ڪراچيءَ وارن ڇپرايو آهي. مٿس سال لکيل ناهي .
18-7: ثناءَ اسٽوڊنٽس پريڪٽيڪل ڊڪشنري
محمد عثمان عباسي ۽ گلزار احمد ميمڻ جي سھڪار سان تيار ڪيل هيءَ انگريزي، انگريز ي سنڌي لغت ثنا بڪ ايجنسي ڇوٽڪي گهٽي حيدرآباد وارن ٽيون دفعو ڇپرائي آهي. ڇپائيءَ جو سال ڏنل نه اٿس.
ياد رهي ته مهمد عثمان عباسي، چنھائيءَ واري جي ترتيب ڏنل هن لغت جي پھرين ٻن ڇاپن ۾، سندس نالو موجود ناهي .
19-7: ڪفايت ڪمپريھينسو ڊڪشنري
محترم عبدالرشيد ميمڻ صاحب جي تاليف ٿيل هيءَ لغت، ڊبل ڪرائون سائيز جي 280 صفحن تي پکڙيل، ٽن جلدن Volumes ۾ ورهايل آهي، انھيءَ جامع انگريزي، انگريز سنڌي لغت ۾ هڪ لک کان وڌيڪ لفظن ۽ اصطلاحن جون معنائون ۽ مفھوم ڏنا ويا آهن. منجهس سائنسي، فني موضوعن، طب، قانون، زراعت، ڪيميا، نباتات، حيوانيات، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي وغيره جھڙن علوم سان تعلق رکندڙ اصطلاحن Themes جون معنائون ۽ مفھوم سمجهايا ويا آهن .
انھي لغت جي تياريءَ ۾، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماهرن جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آهن .
20-7: فريدي انٽرنيشنل انگلش لنگويج بڪ (سنڌي ميڊيم)
ايس ايم شميم الزمان جي تاليف ٿيل هن ڪتاب جو ترجمو عبدالقدير ڪاڃون صاحب ڪيو آهي. جنھن کي مڪتبه فريدي، اردو ڪاليج حيدرآباد جون 2002ع ۾ ڊيمي سائيز ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. منجهس روزمره استعمال ٿيندڙ لفظن، اصطلاحن ۽ فقرن جون نام مالھائون ڏنيون ويون آهن .
21-7: يادگار مپئڪٽ ڊڪشنري
اي ڊي شاهه ۽ بشير احمد منگيءَ جي تاليف ڪيل ننڍي ڪرائون سائيز جي 920 صفحن واري هيءَ لغت، پھريون دفعو 1992ع ۽ ٻيو دفعو 2003ع ۾ يادگار پبلشرس، يادگار لين اردو بازار حيدرآباد وارن ڇپرائي آهي .
22-7: نيو VIB جي بي سيريز ايڊيشن
مرزا امام علي بيگ اَفسر جي تاليف ڪيل، ڊيمي سائيز جي 1288 صفحن واري هيءَ لغت، گنج بخش ڪتاب گهر ڇوٽڪي گهٽي حيدرآباد، سنڌ طرفان محمد عمران قلندريءَ، پھريون دفعو ڇپائي پڌري ڪئي آهي. مٿس سال ڄاڻايل ناهي. البته قيمت 200 روپيا لکيل اٿس.
23-7: پاڪيٽ اسٽوڊنٽس ڊڪشنري
مشتاق مسرور باريچو صاحب جي تاليف ڪيل هيءَ لغت، ساجد علي پٺاڻ ڪمپوز ڪئي آهي ۽ يادگار پبلشرس، يادگار لين اردو بازار حيدرآباد وارن، ڊيمي سائيز جي 856 صفحن تي ڇپائي پڌري ڪئي آهي. قيمت 80 روپيا اٿس. ڇپائيءَ جو سال ڄاڻايل ناهيس .
8- سنڌي-انگريزي ڊڪشنريون
1-8: وي آءِ پي ڊڪشنري
گنج بخش پبلشرس حيدرآباد طرفان جي بي سيريز تحت، محترم لطيف الله سومرو صاحب کان تيار ڪرايل هيءَ لغت، ڊيمي سائيز جي 47 صفحن تي مشتمل، ڇپجي پڌري ٿي آهي، مٿس سال ڄاڻايل ناهي.
2-8: نيو اقرا ڊڪشنري
هدايت علي باريچي جي جوڙيل هيءَ لغت ڊيمي سائيز جي 560 صفحن تي اقرار پبلشرس، کوکر محله گاڏي کاتو حيدرآباد طرفان ڇپايل آهي .
3-8: نيو ايڇ پاپولر آڪسفورڊ پريڪٽيڪل پاڪيٽ ڊڪشنري:
علي حسن چوهاڻ جي تيار ڪيل، ڪرائون سائيز جي 460 صفحن واري هن لغت کي اورينٽل بڪ سوسائٽي گنپت روڊ پيپر مارڪيٽ لاهوري وارن ڇپرايو آهي .
4-8: GEM اسٽوڊنٽس ڊڪشنري
ايم ثقلين ڀٽو جي تيار ڪيل، ڊيمي سائيز جي 568 صفحن واري هيءَ لغت اظھر پبلشرس، 6 اردو بازار، لاهور وارن ڇپرائي آهي. منجهس 138 سنڌي پھاڪن، چوڻين جا انگريز نعم البدل پڻ ڏنل آهن .
5-8: دي پاڪ نيشنل ڊڪشنري
آر ايڇ احمد اينڊ برادرس پبلشرس، اينڊ بڪسيلرس، شاهي بازار حيدرآباد طرفان تيار ڪرايل، ڪرائون سائيز جي 364 صفحن واري هيءَ لغت ٻئي روائيزڊ ايڊيشن طور، نشان پرنٽرز حيدرآباد ۾ سال 71-1970ع ۾ ڇپي .
6-8: دي پاڪ نيشنل پاڪيٽ ڊڪشنري
غلام الرسول شاهه جي ترتيب ڏنل 552 صفحن واري لغت، جنھن ۾ 10400 لفظن جون معنائون ڏنل آهن. سال 58-1957ع دوران پھرين دفعو آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس، بڪ سيلرس، پبلشرس، اسٽيشنرس ۽ جنرل پيپرمرچنٽس شاهي بازار حيدرآباد طرفان شايع ٿي، ديباچو عبدالحسين ميمڻ صاحب جيڪو ان وقت ڊي ايل بي هاءِ اسڪول ميمڻ محلو ٽنڊو ڄام ۾ هيڊ ماستر هيو، جو لکيل آهي. منجهس انگن، ڀاڄين، ميون ۽ انگريزي سنڌي نام مالھائون پڻ ڏنل آهن. ان کان علاوه، انگريزيءَ جا سنڌيءَ ۾ گهر ڪري ويل لفظ Sindhised Words جي عنوان هيٺ پڻ ڏنا ويا آهن .
11-8: منير ڊڪشنري
مشھور عالم دين، مولانا دين محمد اديب فيروز شاهيءَ جي نوجوان پٽ، محمد منير چنا وڪيل مرحوم (متوفي 1967-10-21) جي تيار ڪيل، ڪرائون سائيز جي 1127 صفحن واري لغت، رام جي ذاتي لائبريريءَ ۾ ناقص حالت ۾ موجود آهي. اڳيان پنا ضايع ٿيل آهن. جنھن ڪري ڇپائيءَ جي سال ۽ اداري جي وقتي طور تي ڄاڻ نه ٿي ڏئي سگهجي .
12-8: نيو سنڌي ٽو سنڌي اينڊ انگلش ڊڪشنري
امان الله ايم عباسي (پي ايڇ ڊي بمبي) ۽ ڊاڪٽر محمد فريد عباسيءَ جي سھڪار سان جوڙيل هيءَ لغت، نيو ميمڻ بڪ اسٽور نيم جي چاڙهي سکر وارن سال 1988ع ڌاري ڪرائون سائيز جي 560 صفحن تي پڪي جلد ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي. آخر ۾ 170 سنڌي پھاڪن/ چوڻين جا انگريزي نعم البدل (Quotation & Proverbs) پڻ ڏنا ويا آهن .
13-8: سنڌي-انگلش ڊڪشنري
ڊولامل بولچند (Dulamal Bulchand) ، جيڪو ان وقت حيدرآباد جنرل لائبريريءَ ۾ لائبريرين هيو، اها لغت تيار ڪئي، جيڪا 1910ع ڌاري، ڊيمي سائيز جي 262 صفحن تي، ميريويڌر اسٽيم پريس ڪراچي (رجسٽرڊ انڊر ائڪٽ XXV آف 1867ع) ۾ پھريون دفعو ڇپي .
ياد رهي ته ڊولامل بولچند، ان کان علاوه ٻين ٻن ڪتابن جو پڻ مصنف آهي.
(الف) انگلش-سنڌي ڊڪشنري English-Sindhi Dictionary
(ب) سنڌي مينوئل Manual of Sindhi
9- گهڻ زباني لغتون
1-9: لساني رابطه
(اردو، سنڌي، پشتو، پنجابي ۽ بلوچي ڪي مشترڪه الفاظ)
هي ڪتاب، پروفيسر پريشان خٽڪ جو ترتيب ڏنل آهي. ڊيمي سائيز جي 205 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب کي اپريل 1987ع ڌاري، مقتدره التصنيف، مقتدره قومي زبان 16 ڊي (غربي) بليو ايريا، ايف 16/1 اسلام آباد، ڪتاب نمبر:141 طور ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
2-9: گائيڊ چار زبانين (پارٽ-I) ۽ اقبال پريڪٽيڪلز فور لئنگئيج پارٽ-II ۽ IV (اردو، عربي، سنڌي، انگريزي)
هي ڪرائون سائيز جي 212 ۽ 60 صفحن تي مشتمل ٻه ڪتاب، اقبال بن صديق قريشي سيوهاڻيءَ، اقبال پريڪٽيڪلز فار لينگويجز جي سري هيٺ حيدري پرنٽنگ پريس لجپت روڊ حيدرآباد سنڌ مان 1985ع ڌاري ٻئي ڇاپي طور ڇپائي پڌرو ڪيو. جڏهن به پھريون ڇاپو 1963ع ڌاري اقبال بڪ ڊپو سري گهاٽ حيدرآباد طرفان شايع ٿيو هيو.
هن ڪتاب جي آخري 12 صفحن تي اٺن زبانن، بنگالي، گجراتي، پشتو، فارسي، اردو، عربي، سنڌي ۽ انگريزيءَ جا هم معنى لفظ ڏنل آهن .
3-9: 60 ليسنز انگلش اسپيڪنگ ڪورس (سنڌ ۽ اردو اچارن سان)
علي محمد بلوچ، استاد غلامان عباس اسڪول، ماري پور روڊ ڪراچيءَ جي روزمره استعمال وارن لفظن تي انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ واري هن ڪتاب کي اقبال بڪ ڊپو بوهري بازار ڪراچيءَ وارن 104 ڪرائون سائيز وارن صفحن تي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
4-9: هفت زباني لغت
هيءَ لغت ٽن مرتبن، اشفاق احمد، محمد اڪرم چغتائي ۽ فصل قادر فضلي صاحبان ترتيب ڏني آهي. ڊبل ڊيمي سائيز جي 802 صفحن تي مشتمل هن لغت ۾ ستن زبانن، اردو، بنگله، بلوچي، پشتو، پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميريءَ جا هم معنى لفظ ڏنا ويا آهن .
”پاڪستاني زبانون کان ارتقا“ واري مقالي، جيڪو عبدالحق فريد ڪوٽيءَ لکيو آهي، سا گڏ ڪتاب جي منڍ ۾ بلوچي، پشتو، سنڌي ۽ ڪشميري زبانن جا حروف تھجي ۽ اصوات ڏنا ويا آهن. هيءَ لغت اشفاق احمد، ڊائريڪٽر جنرل، اردو سائنس بورڊ، 299 اپر مال لاهور، آگسٽ 1988ع ۾ ٻئي ڇاپي طور، سليم پيڪيجز ڪوٽ لکپت لاهور مان ڇپائي پڌري ڪئي آهي .
5-9: مرقع اقوال و امثال (اشاعت اول 1994ع)
عربي، فارسي، اردو، سنڌي، پنجاب ۽ پشتو زبان جا جملي 25 هزار پھاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون، ڊبل ڪرائون سائيز 1008 صفحن تي يوسف بخاري دهلوي (مرحوم) جي تاليف ڪيل هيءَ لغت، انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچيءَ طرفان ڇپجي پڌري ٿي آهي، منجهس موضوع وار پھاڪا ۽چوڻيون ڏنا ويا آهن .
6-9: ڪتاب انيس الطالبين يعني ٽه وايو (عربي، پارسي، سنڌي لغت)
ميان محمد بخش خان جو 1894ع ڌاري ترتيب ڏنل ڊيمي سائيزجي 38 صفحن وارو هيءُ ڪتاب منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور، اسلاميه پريس لاهور مان 1902ع ۾ ٻئي ڇاپي طور ڇپائي پڌرو ڪيو .
7-9: رفيق معلم
محمد مراد ڪيھر متولن شڪارپور، رٽائرڊ ماسٽر جو تصنيف ۽ تاليف ٿيل هيءُ ڪتاب پھريون دفعو سال 1965ع ڌاري ڪرائون سائيز جي 354 صفحن تي مدينه پرنٽنگ پريس لياقت روڊ لاڙڪاڻي مان شاهه محمد عباسيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. منجهنس پنج ڇھه هزار عربي ۽ فارسي لفظ جن کي اسان سنڌي سمجهي، لکون ۽ ڳالھايون ٿا، تن جون معنائون ڏنل آهن. ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ عربي زبان جا شمسي ۽ قمري حروف عربي الفاظن جا اشتقاق ۽ فارسي زبان جا اشتقاق به الڳ الڳ ڏنل آهن .
8-9: سندس ٽرپليٽ ڊڪشنري
ڊبل ڪرائون سائيز جي 815 صفحن واري انگريزي-انگريزي، سنڌي، اردو، لغت، عبدالڪريم گبول ترتيب ڏني آهي. منجهنس ٻاويھه هزارن کان مٿي اندراج (Main Entries) آهن. سندس Sundus انٽرپرائيز ڪراچيءَ وارن ڇپرائي آهي .
10- قلمي نسخا
1-10: راقم جي ذات يلمنعم لائبريريءَ ۾ پيل نسخا
1-1-10: اڳياڙيون
سنڌي اڳياڙين بابت، مرحوم عبدالرحمان چنا صاحب جي تيار ڪيل هن لغت جو قلمي نسخو راقم وٽ امانت طور رکيل آهي، منجهانئس چونڊ ڪري، ٻن قسطن جو مواد ماهوار ڪينجهر جي پڙهندڙن آڏو پڻ پيش ڪيو ويو آهي .
2-1-10: نصيحت آموز آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽چوڻيون
رقم جو تيار ڪيل هيءَ ڪتاب، جنھن ۾ سئو کن اهڙا پھاڪا/چوڻيون ڏنا ويا آهن، جن جو بنياد ڪنھن نصيحت آميز آکاڻيءَ تي مشتمل آهي .
3-1-10: موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون
راقم جو تيار ڪيل هيءُ ڪتاب، جنھن ۾ ڏيڍ سئو اهڙا پھاڪا، چوڻيون ڏنا ويا آهن، جن جو بنياد ڪنھن موزون آکاڻيءَ تي مشتمل آهي، اهو ڪتاب ماهوار ڪينجهر ۾ هليل ساڳئي سري تحت، ڏهن قسطن واري مواد جي تلخيص مان ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي .
2-10: سنڌ لئنگوئيج اٿارٽيءَ وٽ رکيل ڇپائيءَ لاءِ منتظر نسخا:
1-2-10: سنڌي، سنڌ ۽ انگريزي لغت
هيءَ لغت عبدالرشيد ميمڻ صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ واري هڪ جلدي لغت کي سامھون رکي، انگريزي داخلائن جي واڌاري سان تيار ڪئي آهي.
2-2-10: اسڪولي لغت
اندازن ڏهه هزار داخلائن واري هيءَ لغت آفتاب ابڙي تيار ڪئي آهي. منجهس پھرئين ڪلاس کان وٺي ميٽرڪ تائين جي سنڌي ڪتابن ۾ موجود ڏکين لفظن جون معنائون شامل آهن .
3-2-10: سنڌي-انگريزي لغت (ٻارن لاءِ)
ثقافت، سياحت کاتي جي تعاون سان ڇپائيءَ جي انتظار ۾ رکيل هيءَ لغت پروفيسر بشير احمد منگيءَ تيار ڪئي آهي .
4-2-10: سماجياتي لغت
پروفيسر تنوير جونيجو صاحب جي تيار ڪيل آهي .
5-2-10: صحافتي لغت
عبدالستار بلوچ جي تيار ڪيل لغت، ايڊينٽنگ ۽ نظرثانيءَ جي مرحلن هيٺ آهي .
6-2-10: دريائي ٻوليءَ جي لغت
هيءُ اصل ۾ الھنواز رڪڻائيءَ صاحب جو ڪتاب ”سنڌو درياءُ: ٻولي ۽ جيوت“ آهي، جنھن م دريائي ٻوليءَ بابت مختلف باب شامل آهن .
7-2-10: علم سياست جي لغت
خليل الرحمان شيخ جي تيار ڪيل آهي .
8-2-10: قانون جي لغت
خليل الرحمان شيخ جي تيار ڪيل آهي .
9-2-10: براهوي- سنڌي لغت
ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهيءَ جي تيار ڪيل آهي .
10-2-10: اقتصاديات جي لغت
پروفيسر غلام حسين خاصخيليءَ جي هدايت هيٺ، پروفيسر بشير احمد منگي تيار ڪري رهيو آهي .
11-2-10: تعليمي لغت
تعليمي نقطن ۽ اصطلاحن واري هيءَ لغت، پروفيسر عبدالفتاح مغل تيار ڪري رهيو آهي .
12-2-10: ڪمپيوٽر سائنس جي لغت
شاهده ٻگهيو ۽ سيد مظھر علي شاهه تيار ڪري رهيا آهن .
13-2-10: انگريزي-سنڌي لغت (ٻارن لاءِ)
خليل الرحمان شيخ جي تيار ڪيل آهي .
14-2-10: خاص لفظن ۽ اصطلاحن جي لغت
عبدالخالق شھيد سومرو تيار ڪئي آهي، جنھن جي ايڊيٽنگ عبدالقادر جوڻيجو صاحب ڪري رهيو آهي .
15-2-10: پھاڪن ۽ اصلطاحن جي سماجياتي لغت
اداري جو ريسرچ آفيسر خير محمد بلوچ، مختلف ٻولين جي خاص اصطلاحن ۽ پھاڪن جي تقابلي جائزي طور تيار ڪري رهيو آهي .
**
ليست هناك تعليقات:
إرسال تعليق