11‏/02‏/2011

ڄائم جنھن ڄام ڳوٺ ۾ - انجنيئر عبدالوهاب سھتو

ڄائم جنھن ڄام ڳوٺ ۾

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

 


ڄام ڳوٺ، ڄام جو ڳوٺ يا ڳوٺ ڄام نورالله، ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشھري فيروز ۾، موجوده نيشنل هاءِ وي يا راوڙ واري قديم رستي تي، ڪنڊيارو شھر جي اوڀر ۾ ۽ سنڌونديءَ جي کاٻي هٿ تي واقع آهي. سنڌو ندي، اتر-اولھه واري پاسي کان ڏهه پندرهن ميل پري وهي ٿي. ڳوٺ ته پڪي تي آھي پر ڪچو ويجھو هئڻ سبب، پراڻي زماني ۾ ٻوڏين جو خطرو رهندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪنڊيارو شھر، درياهي ٻوڏ کان بچڻ خاطر، نوشھري، هالاڻيءَ، ڪوٽڙي ڪبير ۽ شڪارپور وانگر مٿي دڙي يا ٽٻي تي ٻڌل آهي. اها سھوليت، حيدرآباد، سکر ۽ روهڙيءَ کي، قدرتي طور مليل آهي. جڏهن ته ۱۹۲۸ع واري وڏي ٻوڏ ۾، چوڌاري بند ٻڌي، ڄام ڳوٺ کي بچايو ويو هيو.


نيشنل هاءِ وي، ڏکڻ طرف کان گهرن سان لڳو لڳ ٺھيل آهي. ٿورو اڳڀرو ڍوڍا مائينر، ان کان اڳ-ڀرو پڊعيدن کان محرابپور ويندڙ فيڊر ٽرين جي اجڙيل ريلوي پٽڙي ٺھيل آهي. جڏهن ته انھيءَ پور- وڇوٽيءَ سان اڃا ميل کن پري ڏکڻ ۾، اوڀر کان اولھه طرف وھندڙ روهڙي ڪئنال آھي، جنھن کي وڏو واهه يا باريج يا برانچ به سڏيندا آھن.

لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ڌامراه ۾ ٻه ذاتيون رهن ٿيون؛ ڌامراه ۽ جوڻيجا. شڪارپور شھر جي ڀرسان جنو شريف وڏو ڳوٺ آھي، مجنھس ٻه ذاتيون؛ مھر ۽ ڀٽا آباد آھن. شڪارپور ضلعي جي مدئجي شھر ڀرسان پنھور-پليجا يا پنھور-ڀٽا ڳوٺن ۾ ٻه ٻه ذاتيون رهن ٿيون. تيئن ڄام ڳوٺ ۾ به ٻه وڏيون ذاتون رهن ٿيون؛ سھتا ۽ گهانگهرا.

ھڪڙي موچيءَ کان پڇيائون؛ “تنھنجي ڳوٺ ۾ گھر گھڻا آھن؟” ورندي ڏنائين؛ “ھڪڙو گھر اسان پاڪ روھي-پوٽن جو، ھڪڙو گھر سيد جو، ٻي لاٽ لوٽ به گھڻي آھي.”

ان مثال وانگر، اسان جي ڳوٺ ۾ ھڪ گھر پاڪ روھي-پوٽن جو ۽ ھڪ گهر سيد جو به آهي. ان کان علاوه ٻي لاٽ لوٽ به گھڻي آھي. جھڙوڪ؛ سھتا، گھانگھرا، ڀٽ، ميربحر، ماڇي. پيرزادن جا چار گهر ۽ ڄامن جا پنج گهر به آهن. ڄام ڳوٺ جا ڄام ۽ پيرزادا به اصل ۾ سھتا آهن. موھن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ جي رھندڙ، نامياري ليکڪ، مرحوم انور پيرزادي ھڪڙي دفعي پڇيو ھيو؛ “توھان جي ڳوٺ ۾ پيرزادا آھن؟” منھنجي ھاڪار تي يڪدم پڇيو ھيائين؛ “اھي اصل ڪھڙي ذات جا آھن؟” ٻڌايو ھيومانس؛ “سھتا آھن ۽ توھان؟” موٽ ۾ ٻڌايو ھيائين؛ “اسان ٻلھڙيجيءَ وارا پيرزادا، شيخ آھيون.”

موهن جو دڙو ايئرپورٽ تان، ڪراچي-نوابشاهه لاءِ اڏامندڙ جھاز، پورن پنجن منٽن کان پوءِ، ڄام ڳوٺ مٿان لنگهندو آهي. جڏهن ته روڊ رستي، پنھنجيءَ ڪار ۾ ٽن ڪلاڪن ۾ پھچي وڃبو. جيڪڏهن لاڙڪاڻو-خيرپور واري درياهي پل چالو ٿي وڃي ته ڏيڍ ڪلاڪ جو پنڌ ٿيندو. اڃا به جيڪڏھن سڌي پل پوي ته اھو سفر مني ڪلاڪ جو مس بيھندو.

انگريزن جي دور ۾ آندل آبپاشي نظام کان اڳ، موهن جي دڙي جي سامھون سَرِ ڏکڻ ۾، نصرت نالي سڳين جي شھر وٽان ڦاٽ کائي هڪ سدا واه (Inundation Canal) وهندو هيو، جيڪو موجوده نيشنل هاءِ وي کي، ڄام ڳوٺ جي اوڀر-ڏکڻ واريءَ ڪنڊ کان عمودي طرح ڪپيندو هيو. ان کان علاوه موجوده اجڙيل ريل جي پٽڙيءَ ۽ روهڙي ڪئنال کي به عمودي طرح ائين ڪپيندو هيو، جيئن لاڙڪاڻي شھر مان لنگهڻ وقت، رائيس ڪئنال، گهاڙ  واھ کي، جيڪو پڻ سدا واھ ھيو، عمودي طرح ڪپي ويندو آهي.

ڄام جو ڳوٺ، انھيءَ سدا واهه جي اولھائين ڪپ تي، درياه واري پاسي کان اڏيل آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻو، گهاڙ واهه جي کاٻي ڪپ تي درياهه واري پاسي کان اڏيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو، ٻنھي هنڌن تي جر جو پاڻي مٺو آهي. ۱۹۳۲ع وارن آبپاشي سڌارن کان پوءِ، روهڙي ڪئنال ٺھيو ۽ سدا واه وهڻ بند ٿي ويو. سندس نشان، ڦٽل ڀڏي جي صورت ۾ اڄ به ائين موجود آهن، جيئن رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال ٺھڻ کان پوءِ گهاڙ ۽ پراڻي ناري جا موجود آهن. لاڙڪاڻي شھر وٽ ريگيوليٽر رکي، گهاڙ واهه ۽ آبڙو ڪڍيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح روهڙي ڪئنال تي ڪنڊيارو شھر وٽ ريگيوليٽر رکي، نصرت واهه، سھڙا شاخ ۽ ڇنڊڻ (Escape) ڪڍيا ويا آهن. ڇنڊڻ، ڪمال ديري ۽ ڊڀري جي وچ تي موٽي درياه ۾ پوي ٿي. سدا واه، درياهه ۾ چاڙهه اچڻ سبب، چئن مھينن (مئي کان آگسٽ) دوران، تارِ وهندا هيا. نه ته تري ۾ پاڻي وهندو هين. تري ۾ وهڻ سبب ڪنڌيءَ وارين زمينن کي، موجوده ناري جي ڪنڌيءَ وارين زمينن وانگر نارَ/ چرخيون چاڙهي، زير زراعت آڻبو هيو. پـَرَ-ڀَرِين زمينن ۾ کوهه کوٽي، نارَ چاڙهبا هيا. تڏهن ٿيندو هيو، مارو ماڻھن جو چاڙهو ۽ گذران.

ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ نيشنل هاءِ وي سان لڳ، سدا واهه کان الھندي طرف، عيسي جو کوهه، ڄام عثمان جو کوهه ۽ حبيب جو کوهه موجود هيا. ان جي اولھه ۾ قديمي مقام آهي، جنھن ۾ پڻ کوهه هيو. مقام جي اولھه ڏکڻ واريءَ ڪنڊ تي عثمان گهانگهري جو کوهه هيو. پراڻي نقشي مطابق، ان کوهه جي اتر ۾ لقمان نالي ڳوٺ هيو، جيڪو اصل ۾ اوائلي هيو. ان جي ڦٽڻ بعد موجوده ڳوٺ ٻڌو ويو آهي. ڪيترا دفعا زمين ڪاهيندي، انھيءَ هنڌ تان ٺڪر جون ڏياٽيون، ڏيئا، ڪنا، پارا مليا آهن. جيڪي ڪاشيءَ جا سنھا هيا، ٿلھا ۽ کاٻڙوڇي نه هيا. سڪا به ملندا هيا. ڊٺل جاين جا به نشان هيا پر کوهه جو ڪٿي به نشان نه هيو. يا ته اتان جا رهندڙ مقام واري کوهه مان پاڻي ڀريندا هيا يا ڀرسان وهندڙ ڀانڊي مان. ان وقت نيشنل هاءِ وي اڃا نه ٺھيو هيو. نقشي مطابق فقط اَٺَ-فُٽي واٽ وهندي هئي. جڏهن ته سدا واهه ڪراس ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کان اڌ ميل ڏکڻ ۾، ريل جي پٽڙيءَ ٽپڻ کان پوءِ، پڪين سرن جي ڳاڙهي موري ٺھيل هئي.

اهڙيءَ طرح اڃا اوڀر طرف وڃبو ته سدا واهه جي ڦٽل ڀڏي کان ٻه فرلانگ پري، درياهن وارو کوهه نالي جڳھه آهي، جتي هالاڻيءَ ۾ لڳندڙ ويساکيءَ واري ميلي دوران، ان وقت جا واڻيا/ هندو، سيسا ورهائيندا هيا. جن ۾ ڪھر، پاپڙ ۽ پوريون هونديون هيون. انھيءَ ڪري کوه کي سيسن وارو کوهه به ڪوٺيندا هيا. اتي ھن وقت وڏو پيٽرول پمپ لڳي چڪو آھي. ان جي اتر ۾ عمر وارو کوهه يا گمبي وارو کوهه هيو، جيڪو ڪَنڊِ واري زمين ۾ هيو. ڳوٺ جي اتر ۾ جمن وارو کوهه آهي. پراڻي زماني ۾ سدا واهه مان، اتان ٻه واهه وهندا هيا. هڪ ساڄي هٿ تي ۽ ٻيو کاٻي هٿ تي. ساڄي هٿ واري کي ڀانڊو سڏيندا هئا. جيڪو ڳوٺ جي اتر طرف کان ٿيندو، موجوده گرڊ اسٽيشن جي مٿان گهمندو، ڪنڊيارو شھر جي اوڀرئين پاسي کان قبائين کان ٿيندو، لقمان ڳوٺ ۽ اسٽيشن جي وچان نڪري وڃي واپس سدا واهه ۾ پوندو هيو. جڏهن ته کاٻي هٿ تي وهندڙ کي سَتَ- ناري سڏيندا هيا. مٿس ست نار چڙهيل هيا. جن سان زمينن کي پاڻي ڏبو هيو. اها به ڀانڊي وانگر، ڏکڻ ۾ وڃي موٽي سداواه ۾ پوندي هئي.

ڳوٺ جي بيھڪ، اتر کان ڏکڻ طرف، هڪ-ڪَريُن چئن ڦتيلن تي مشتمل آهي. اولھائين ڦتيل جي ڏکڻ ۾ پرائمري اسڪول، هٽ/ هوٽل ۽ مٽلن جو ويڙهو آهي، جنھن ۾ منھنجي ناني محمد جمن جي پونيرن، عيسي سھتي، نبوءَ سھتي وارن جا گهر آهن. اترئين ويڙهي ۾ ملا ۽ پيرزادا آهن. انھن جي پويان چنا پاڙو آهي. جنھن ۾ وسايي موچيءَ، ديدي ماڇيءَ ۽ جوسي موچيءَ وارن جا گهر آهن. اڃا اتر ۾ وسايي موچيءَ واري مسيت، کوهي ۽ کڏ آهي. کڏ ڳوٺ لاءِ آساس طور ٺھيل آهي.

ان سان لڳو لڳ، ٻي ڦتيل جي ڏکڻ واري حصي ۾ غازي واڙ آهي، جتي هن وقت سومر صوبيدار جا پونير بنگلو اڏائي رهيا آهن. ان کان پٺيان، اتر ۾ ڄامن جي اوطاق ۽ مسيت آهي. ان جي اڃا اترئين حصي ۾ اولھه پاسي کان پيرزادن جي اوطاق هئي، جنھن ۾ هاڻي ٽي گهر لڏي ويٺا آهن ۽ اوڀارئين پاسي ۾ فقير غلام حيدر واري اوطاق آهي. جنھن جي اڳيان ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول جڙيو آهي. ان جي پويان، بني جو انبن جو باغ هيو، جيڪو دينل جو باغ سڏبو ويو.

ٽين ڦتيل جي ڏاکڻئي حصي ۾ دوساڻو ويڙهو آهي، جيڪو دوست محمد سھتي جي نالي پويان سڏجي ٿو. دوست محمد سھتو وڏي هنياريءَ وارو شخص ٿي گذريو آهي. بيماريءَ جي بستري تي هيو جو وڏا ڄام کانئس پڇڻ لاءِ آيا. پردي ڪرائڻ کان اڳ، وڏي وهاڻي تي ٽيڪ لڳائي ويٺو. مُڇ کي چانور اٽڪائي ڄامن کي اچڻ جي اجازت ڏنائين. ڄام آيا ته ساڻن چڱي خوش تازا ڪيائين. سٺو ڳالھايائين. کين ٻڌايائين؛ “اڄ طبيعت ڪجهه سڌري آهي، اڄ ئي چانور گرهه چکيو آهي.”

“ها بيشڪ!” هڪڙي ڄام ھام ڀريندي چيس؛ “ڪڻو، مڇ کي به لڳل آهي.” صحت جي ۽ زندگيءَ جي دعا ڪري ڄام اٿيا. اڃا ويڙهي وارو در ٽپيا ئي ڪونه هوندا جو پويان ماين ۽ ٻارن ۾ ريھاڙ پئجي ويو. پوءِ خبر پئي ته دوست محمد دنيا مان برقعو مٽائي ويو. ڄام به ڪنھن کي اندر جو انت ڪونه ڏيندا هيا پر دوست محمد جي بردباريءَ تي آخر تائين نازان هوندا هيا. هونئن به سھتا، ستن نانگن جا کاڌل آهن. جڏهن نانگ کان ڏنگجندي، ستين ڀاءُ رڙ ڪئي، تنھن تي ڇھن کيس ٿڪ ٿڪ ڪئي؛ “اڙي اسان نه ڪڇيو ته تو ڇو ڪڇيو!؟”

شڪارپور شھر ڀرسان، جني شريف جي ڀٽن لاءِ مشھور آهي؛ ڀٽو ته ضد نه ته ڪتي واري گوري. هوندو! ڇو جو پاڻ ٿا چون. پر ضد ته اصل سھتي جو وڙ آهي. ضد ۾، سھتا ابوجھل جو اولاد آهن. سھتو ته ڪتي وارو ضد، نه ته سھتو ئي نه.

جڏهن محمد بن قاسم، سنڌ تي حملو ڪيو ته سھتي ڪلمو ڀرڻ کان اڳ، جڻيو ڳھي ڇڏيو. تڏهن چوندا آهن؛ سھتا؛ مھتا. يا ائين به چوندا آھن؛ سھتي کي جڻيو پيتل آهي. سھتو سڏائي ۽ سيٽ نه هجيس ته پڪ سھتو نه هوندو. سھتو ته سيٽ، نه ته سھتو ئي ناھي.

جو سيٽيو، سو سٽيو. سھتا سدائين سيٽيل ۽ سٽيل هوندا. وڏي قوم هوندي به ڪو ايم پي اي يا ايم اين اي ته ڇا پر تعلقي يا يوسيءَ جو ناظم به نه چونڊيو هوندو. جيڪڏهن ڀل سل ۾ چونڊجي ويو آهي ته پڪ چِند سھتو نه هوندو. پڪ ئي پڪ کارُ هوندو. يا ماءُ ماڇاڻي هوندس يا جوءِ.

بچو فقير چوندو هيو؛ “ابا! اصل سھتي جي نشاني ٻڌايانءِ!؟”

پڇبو هيس ته؛ “ٻڌاءِ!”

چوندو هيو؛ “اصل سھتو اهو آهي، جنھن کي ديڳ جو ڀت نه وڻي ۽ ديڳڙيءَ جو ڀت کوٽي پيو کائي.”

سندس چوڻ جو مطلب هيو؛ هونئن هڪ ٻئي جي گهر پيا ايندا ويندا. گهرئون ماني گهري پيا کائيندا. باقي جيڪڏهن شاديءَ يا خيرات جو سڏ ڏيندس ته مڙس ڦوڪجي/ڪاوڙجي ويھي رهندو. چوندو؛ “مان فلاڻي سان کاوان ئي نه. مرڻي پرڻي، اسان جو رستو ڪاٽا آهي.”

هونئن به شاديون ٿينديون ڪھڙيون اٿن. پنھنجون اٿارين ڪو نه. پاڻ ٻئي هنڌان پرڻجي اچن. عرب مشرڪ ته جيئري پوري، هڪ سور پرائيندا هئا. هي ويھاري اڇا مٿا ڪري ڇڏين. ته به تڏر، توڏر مل کان گهٽ نه هوندن.

دوساڻي ويڙهي جي اترئين پاسي کان گهٽي آهي. ان جي اتر ۾ نوناري پاڙو آهي. منجهس اولھائين پاسي کان ڄامن جا گهر آهن ۽ اوڀارئين پاسي کان اسان خميساڻين جا گهر آهن. منھنجي پڙ ڏاڏي جو نالو خميسو هيو. جنھن ڪري ڳوٺ ۾ خميساڻي ۽ پاڙي جي ڪري نوناري سڏجون ٿا. پٺيان ڄامن جا واڙا آهن. انھن جي پويان بچوءَ جي ٻڪرين جي واڙ، ماڇين ۽ گهانگهرن جا گهر آهن. انھن جي پويان گهٽي آهي. جنھن جي پويان وڏي کڏ آهي، جيڪا سرڪار طرفان ڳوٺ لاءِ آساس آهي.

چوٿين ڦتيل ۾، ڏکڻ واري پاسي کان ميربحرن ۽ ڀَٽن جو ويڙهو آهي. پويان لقمان جي واڙ آهي. گهانگهرن جو چوڻ آهي ته لقمان گهانگهرو هيو ۽ ڄامن جو چوڻ آهي ته سھتو هيو. لٺين ۽ ڊينگهرن سان ٻنھي ڌرين ۾ ويڙهه به ٿي هئي. بعد ۾ ڄام لطف الله وارن منجهس کوهي کڻائي هئي ۽ اوڏڪو ڪوٽ به چاڙهيو هيو. انھيءَ کوهيءَ کي ڀَٽن واري کوهي سڏيندا هئا. بھرحال لقمان، سھتن جو نالو گهٽ آهي. جيڪڏهن واقعي اهو لقمان ساڳيو آھي، جنھن جي نالي پويان مقام جي اولهه وارو ڦٽل ڳوٺ هيو ته پوءِ اهو گهانگهرو ئي ٿي سگهي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن. انھيءَ واڙ جي اتر ۾ گهانگهرن جا گهر آهن. چوٿين ڦتيل، سدا واه جي ساڄي ڪپ سان اتر- ڏکڻ ۾ هلي ويل آهي.

سھتن جي چئن ويڙهن منجهان، مٽلن ۾ مولوي عبدالخالق ڪنڊياروي، الله اوباهيو سھتو ۽ پيرزادن جي گهرن ۾ الڳ الڳ کوهيون هيون. دوساڻي ويڙهي ۾ وچ تي هڪ کوهي هئي. صوبيدار عبدالغفور وارن جي گهر ۾ به هڪ کوهي هئي. نونارين ۾ فقط ڄامن جي گهرن/واڙن جي پويان کوهي هئي. ڀٽن جي ويڙهي ۾ کوهي نه هئي. ڀٽ ۽ ميربحر، لقمان واري واڙ ۾ اڏيل کوهيءَ تان پاڻي ڀريندا هئا. شادين غمين ۾ ميربحر پاڻي ڀريندا هيا. وٽي وٺندا هيا ۽ ڍورڻا ڏيندا هيا. پٽ ڄائي تي، ڀٽ مراد مڱيندا هيا.

گهانگهرن جي چئن ئي ويڙهن مان، هڪ ۾ به کوهي نه هئي. هڪڙا گهانگهرن جي مسيت آڏو ٺھيل، قدير واڍي جي نار تان پاڻي ڀريندا هيا. ٻيا ڀٽن واريءَ کوهيءَ تان. چنا ويڙهي ۾ فقط وسايي موچيءَ واري کوهي هئي. مٿي ٻڌايل سمورا کوهه، کوهيون، نلڪن لڳڻ ۽ موٽرن جي اچڻ سبب، لٽجي چڪا آهن.

ڀٽن واري کوهيءَ تي وهنجڻ جي سھوليت هئڻ جي باوجود ڪير به اتي وهنجندو نه هيو. هڪ پاڻي ڪڍڻ جي تڪليف، ٻيو پاڻيءَ جو نيڪال ته ڪيڏانھن وڃي؟ ان ڪري سڀڪو، شاخ تي وهنجڻ کي ترجيح ڏيندو هيو. عيد ڏينھن ته شاخ ۾، خاص طور تي ڦالھ تي يعني فال (Fall) واري جاءِ تي، ڄڻ ماڻھن جو ميلو لڳندو هيو. مرد سيفٽيون ۽ صابڻ کنيو، صبح سويرو ئي سونھينءَ تي اچي سنان ڪندا هيا. هونئن به گرمين ۾، اڪثر ماڻھن جو وقت شاخ منجهه گذرندو هيو. اريگيشن کاتي جو ائين اڇو منھن نه ٿيو هيو، جيئن هاڻي آهي. تڏهن مالڪي هئي. هڪڙو بيلدار ئي ٽن ميلن جي شاخ لاءِ ڪافي هوندو هيو. ڪير به شاخ ۾ مال نه ويھاريندو هيو. وڏ-وڏيري کي به جرائت نه ٿيندي هئي. گهٽ گهيڙ نه هوندا هيا. فقط ماڻھن جي لاءِ وهنجڻ واري سھوليت هوندي هئي. تنھن هوندي به ڳوٺ جا سمورا ٻار، شاخ تي پڪنڪ وانگر وهنجندا هياسين. سڄو ڏينھن سونھينءَ ۾ تُڙڳڻ کان ٿڪبا نه هياسين. هلڪو ڦلڪو ترڻ به سکندا هياسين. بعد ۾ نواب شاهه واري گاجرا واهه تي، شڪارپور واري سنڌ واهه تي ۽ ڪنڌڪوٽ واري تنگواڻي مائينر ۾ وهنجڻ ۽ پڪنڪ ملھائڻ لاءِ موقعا مليا. مزو به ڏاڍو آيو پر جيڪا ورونھن ڳوٺ ڀرسان وهندڙ شاخ تي، ننڍي هوندي آئي، سا ٻئي هنڌ نه آئي.

شاخ تي وهنجڻ تڏهن بند ٿيو، جڏهن سدا واه جي پيٽ ۾، ڄام ڏنل واري ڀڏي وٽ ۱۹۷۳ع ڌاري واپڊا اسڪارپ طرفان اڍائي سؤ فوٽ اونھون ٽيوب ويل لڳو. منجهانئس وهندڙ صاف شفاف ۽ ٿڌي پاڻيءَ کي ڇڏي، ڪو پاپي ئي شاخ جي ميري ۽ ڌپياري پاڻيءَ ۾ وهنجندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ٽيوب ويل لڳڻ سان سم سيلاب ته ختم ٿي ويو پر جر نوي فوٽ کان هيٺ لھي ويو. کوهه ته ڇا نلڪا به سڪي ويا. پهرئين سال، نلڪا ڏهن فوٽن کان لاٿ ڪري ٽيھن يا پنجيتاليھن فوٽن تائين پھتا هيا. هن وقت نوي فوٽ بور ڪرڻ کانپوءِ پاڻيءَ-ڳاڙ ملي ٿي. لاڙڪاڻي جي حيدري محلي، ريشم گلي ۽ جيلئس بازار سان به ساڳي ئي ويڌن آهي.

زمينن وارن، مٿي ذڪر ڪيل ٽن کوهن؛ عيسي وارو، عثمان وارو ۽ حبيب وارو جي لٽجڻ جا ٽي سبب آهن. هڪ پڪي روڊ جو ٺھڻ، ٻيو شاخ جو نڪرڻ، ٽيون ريل جي پٽڙي. انھن ٽنھي سببن، زمينن کي ٽن ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو. ڍوڍا مائينر، جيڪا روهڙي ڪئنال مان نڪري، ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي کان لاميري ٿي، ريل ۽ روڊ کي اريب ۾ ڪپيندي، ڪنڊياري جي اتر ۾ وهي ٿي. منجهانئس ملندڙ نھري پاڻيءَ جي سھوليت سبب به کوهه ڦٽي ويا. منجهانئن جانين ضايع ٿيڻ جو خطرو رهڻ لڳو.

حبيب وارو کوهه، مولوي عبدالخالق ڪنڊيارويءَ واري زمين ۾ هئو، جيڪا ڳوٺ جي اولھه ڏکڻ ۾، مقام جي ڀرسان ئي هئي. اتي ڪا وسنھن نه ٿي سگهي. جڏهن ته عثمان وارو کوهه، وڏيرو لطف الله واري زمين ۾ هيو. اتي وڏي اوطاق هئي. جنھن ۾ هڪ حصو خاص ڪچھريءَ لاءِ هيو. اوڀر پاسي، پپر جو وڻ هيو. اولھه پاسي کان ٿلھو هيس. جتي کٽون ۽ مُوڙا رکي، ڪچھري ڪبي هئي. وچ تي کوهه هيو. اوطاق جي پٺي، اتر ۾ هئي، جتي واڙي هئي، جنھن ۾ ڀاڄيون پوکيندا هيا. اها واڙي روڊ سان اچي لڳندي هئي. واڙيءَ ۽ اوطاق جي اولھه ۾ ڏکڻ-اتر وهندڙ گهٽي هئي، جيڪا روڊ کان نڪري شاخ تي ويندي هئي. گهٽيءَ جي اولھه ۾ عام اوطاق هئي. جنھن جي اترئين ڀاڱي ۾ بڙ جو وڻ هيو. روڊ ۽ اوطاق جي وچ ۾ فقط واٽر ڪورس وھندڙ هيو. بڙ جي ڇانءَ ۾، واٽر جي اندرئين ڪپ تي ماڻھو ويھي ڪچھري ڪندا هيا. غريب غربو کٽن ۽ منَھَه ۾ به آساس وٺندو هيو. ٻار رانديون ڪندا هيا. شادي غميءَ وقت، گڏ ٿبو هيو. ڏاکڻئي ڀاڱي ۾ به ڪچين سرن جي اوطاق هئي. جنھن جي ٻنھي ڪمرن ۾ پھرين اسڪول هيو. ۱۹۶۵ع ڌاري، سرڪاري عمارت منظور ٿي. وڏيري ئي ڳوٺ واري پاسي کان پَٽُ ڏنو، جتي اسڪول تعمير ٿيو ۽ روڊ پرئين پاسي کان پٽجي اورئين طرف اچي ويو. جڏهن ته اوطاق واري خاص حصي ۾، ڄام لطف الله جي اڪيلي نياڻي، صوبيدار محمد سومار خان جي بيٺڪ هوندي هئي. اتي پاڻ ۽ سندس مھمان ترسندا هيا. ھن وقت اھو نقشو ڦٽي چڪو آھي. سومار صوبيدار جي حياتيءَ ۾ مٿس ماڊرن طرز جي اڏاوت سان بنگلي نما اوطاق جوڙائي وئي ھئي.

عيسي جي کوهه واري زمين ۾، چاچي گل فقير جو انبن جو باغ هيو ۽ روڊ سان لڳو لڳ سندس هَٽُ به هيو. ان سان گڏ، ڪريمداد سھتي جي اوطاق به هئي. ٻئي عام ماڻھن لاءِ کليل هيا، عوامي هيا، هر ڪو واپرائيندو هيو. صوبيدار عبدالغفور سھتي جي خاص بيٺڪ ڪريمداد واري اوطاق ۾ هئي. عيسي وارو کوهه، شاخ واري پاسي کان، اوطاق کان پر ڀرو، ڦٽل حالت ۾ هيو. جنھنڪري ڪريمدار سھتي، چاچي گل فقير جي هٽ اڳيان نلڪو هڻايو هيو. ان نلڪي جو پاڻي برف وانگر ٿڌو ۽ مٺو هوندو هيو. عيسي جي کوهه وارو پاڻي به ائين ئي مشھور هيو. هڪ دفعي مشھور ڳائڻي مائي جيوڻي، اتان اچي لنگهي ۽ کوهه جو پاڻي پيتائين. پاڻي ڏاڍو وڻيس. تنھنڪري گهڙي سوا، کوهه واري ڪچھريءَ تي ويٺي. پاڻيءَ جي تعريف ۾ چيائين؛ “مون به سڄي سنڌ جو پاڻي پيتو آهي، هڪڙو شڪارپور جو پاڻي ٿڌو ۽ مٺو لڳم. ٻيو هن کوهه جو.” بھرحال، اسان ڪريمدار واري نلڪي جو پاڻي پيتو آهي ۽ اڄ تائين ٻئي ڪنھن نلڪي جو اهڙو پاڻي نه پيتو آهي. لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جو پاڻي پيتو اٿم. شڪارپور جو پيٽ تي ڀرتي ڪندڙ ۽ لاڙڪاڻي جو وار ڇاڻيندڙ/ اڇا ڪندڙ پاڻي آهي. اھي پاڻي ڪريمدار جي نلڪي سان نه لڳن. ڪن جو چوڻ آهي ته؛ ڪريمدار سخي مڙس هئو، تنھنڪري خدا تعالى سندس نلڪي کي اهو شرف ڏنو آهي. والله اعلم بالصواب. نيشنل ھاءِ وي طرفان روڊ ويڪرو ٿيڻ پڄاڻان اھو نقشو پڻ ميسارجي چڪو آھي.

ڳوٺ ۾، گهرن واري پاسي کان هڪ ئي مُچي ۾ ٽي اوطاقون آهن. هڪ پيرزادن جي، ٻي فقير غلام حيدر واري، ٽين ڄامن واري. ڄامن واري اوطاق سان گڏ، اوائلي جامع مسجد پڻ آهي.

ڄامن واري اوطاق، وڏن ڄامن؛ ڄام محمد بچل، ڄام غلام محمد، ڄام نور الله (پويون)، ڄام عبدالھاديءَ جي حياتيءَ ۾ متل/ وسندڙ هئي. ڪچھريون لڳنديون هيون. آيو ويو پيو منجهس ڍُرندو هيو. ڄام نورالله (پويون) پاڻ حڪمت جا ٽوٽڪا ٺاهيندو هيو ۽ پاڻ تي ئي پيو آزمائيندو هيو. ڀڳل ٻانھن جو علاج ڪرڻ وغيره سندس شوقيه ڪرت هئي. اوطاق ۾ نمن جا وڻ هيا، جن جي ڇانئن ۾ وهٽ ٻڌبا هيا. وڏين کٽن تي وڏا ڄام، ڪانڀ ڪڍي ويھندا هيا. مھمان، مُوڙن ۽ کٽن تي ويھندا هيا. گهڙا-منجين تي وڏا دلا رکيل هوندا هئا. وڏو شاهي حقو وچ تي ڦرندو هيو. ٽانڊي ٽوپيءَ ۽ پاڻي ڪانجهي ڀرڻ، مھمان لاءِ ھنڌ-بسترا ۽ ماني پاڻي آڻڻ لاءِ وٽن ٻيلي بيٺل هوندا هيا. منجهانئن هڪڙو ميھوال نالي ٻيلي هيو، جيڪو ننڍي هوندي مائٽن کان ڀڄي نڪتو هيو ۽ وٽن پيٽ تي ڪم ڪندو هيو. اڌ وهيءَ موٽڻ کانپوءِ، مائٽن اچي ڳولھي لڌس ۽ پرچائي وٺي ويس.

ڄامن جي اوطاق لاءِ، ٻن ٽِين جي دٻن سان، ڪنواٽيءَ ذريعي، ميھوال ئي پاڻي ڀريندو هيو. مال ۽ گهوڙن کي گاهه ۽ ڪتر وجهندو هيو. پاڻي عثمان واري کوهه يا ڪريمداد واري نلڪي تان ڀريندو هيو. ڄامن واري اوطاق/ مسجد ۾ نلڪو ڪونه هيو. ميھوال جي وڃڻ کانپوءِ، ستين ڪال، مسيت واري پاسي کان نلڪو لڳو.

پيرزادن ۽ فقير غلام حيدر واريون اوطاقون، عوامي ڪين هيون. مخصوص ماڻھو ايندا ويندا ۽ ويھندا هين. فقير غلام حيدر، بچي فقير وانگر، مولوي عبدالخالق ڪنڊيارويءَ جو ڀاڻيجو هيو. ٻين لفظن ۾ بچي فقير جو ماسات هيو. عالمن/ بزرگن سان خاص لڳندي هيس. اوطاق ڀرسان، بني وارو يا بنل وارو باغ پنھنجو هيس. انب ۽ اَنُ، ڪنڊياري واري مدرسي ۾، مسافر طالبن لاءِ، ڏيندو هيو. ڳوٺان ڪنڊياري واري مدرسي ۾ منجهند جي ماني موڪلرائڻ ۾ سندس ئي هٿ هيو. سندس اوطاق هاڻي پٽس فقير عبداللطيف پٺيان سڏجي ٿي.

آخر ڌاري بعدالذڪر اوطاقن ۾، گهوڙن جون ڪڙهيون ۽ ڪڪڙن جون کڏيون هونديون هيون. فقير عبداللطيف وٽ گهوڙي ته چڙهيءَ لاءِ هوندي هئي، جڏهن ته پيرزادن ۾ ميان شانوءَ ۽ ميان مٺوءَ وٽ، ٽانگي/ بگي لاءِ گهوڙا هوندا هيا. گهوڙن کي کرکڻا هڻڻ، توٻرن ۾ ڪتر وجهڻ لاءِ ٻئي ڀائر، پاڻ محنت ۾ لڳيا پيا هوندا هيا.

ڳوٺ ۾ ٽانگو يا بگي، انھن ٻنھي ڀائرن کان علاوه حاجي ڪنڍي جي ڀاءُ گل گھانگھري، رمضان ڀٽ، سوائي گھانگھري ۽ الھجياري گھانگھري وٽ ھيا. گل گھانگھري حياتيءَ ۾ ٽانگي جو ڌنڌو ڦٽو ڪيو هيو ۽ ڪنڊياري ۾ ڪو ڌنڌو ھيس. الھجياري، ڪنڊياري ۾ گهوڙن کي نال هڻڻ ۽ بگيءَ جي ڦيٿن تي لوهه جي گول ويھڪ ۽ رٻڙ چاڙهڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو هيو. جنھن ڪري ٽانگو وهائڻ ڇڏي ڏنو هئائين.

رمضان ڀٽ غريب جو، حياتيءَ ۾ هڪ ڌنڌو نه هيو. ٽانگو به وهايائين، پوءِ پٽس امام بخش/ امو ڀٽ عرف ڳپلو/گپلو ٽانگو وهائيندو هيو. امام بخش تي ڳپلو نالو، ننڍي هوندي، مانيءَ جا ڳپل، چورائي کائڻ سبب رکيو هئائين. رمضان ڀٽ، ٺارو شاهه کان ٻن گهر وارين ۽ ٻارن سميت لڏي آيو ۽ هتان جي ڀٽن کيس حويليءَ ۾ پَٽُ ڏنو، جنھن تي جاءِ جوڙائي ويٺو. دودي ڀٽ کي نياڻو ڪيائين. ياد ناهي ته پھرين دودو پرڻيو پوءِ رمضان لڏي آيو يا پھرين رمضان لڏي آيو پوءِ دودو پرڻيو. بھرحال ٻئي ڪم ساڳئي وقت جا آهن. فقير رمضان جو ڪو به ڌنڌو ڌاڙي مقرر نه هيو. محنت مزوريءَ تي گذر هيس. ڪڏهن خيرپور وڃي، کجين جا ٿڙ ٺيڪي تي کڻندوهيو. ٻه ٽي مھينا مند جا رهي، ڪتل ۽ روڪڙ کڻي ايندو هيو. ان کان علاوه قصي گو پڻ ھيو. ڪڏھن ڪڏھن وڏو قصو کڻندو هيو ته راتين جون راتيون گذري وينديون هيس. منھنجي ناني مرحيات جمن وانگر الائي ڪيترا قصا، ڪھاڻيون، نقل، نظير ياد ھوندا هيس. ڪڏهن وڏيري لطف الله جي اوطاق ۾ ته ڪڏهن ڪريمداد واري اوطاق تي ٻڌائيندو هيو. ڳوٺ ۾ قصو کڻڻ واري کي ملندو ڪجهه به ناهي. گهر جو پير، چلهه جو مارنگ. گهڻو وقت انھن ڳالھين ۾ وڃائڻ معنى ٻچا بک مارڻ. ان سببان ڳالھين کڻڻ کان، بعد ۾ ڏاڍو لھرائيندو هيو. ڳالھين سان ڳوٺ ڪونه ٻڌبا آهن. گهر ڪين هلندا آھن. مايون ٻچا نه ڄڻينديون آهن. بھرحال وڏو ڪوي-سر ۽ سپورنج ھيو. جھڙي ڪچھري هوندي هئي، تھڙو گفتو ڪڍي ڄاڻندو هيو.

جڏهن ته سوائي گهانگهري، حياتيءَ جي آخر تائين ٽانگو وهايو. تمام شريف ماڻھو هيو. ٻارن ٻچن وارو، سندس ئي ٽانگي ۾ چڙهڻ کي ترجيح ڏيندو هيو. ڇو جو آخر ۾ بچيو ئي ڳوٺ ۾ اهو ٽانگو هيو. منجهس هڪ عادت هئي. رستي ۾ جيڪو به اڳيان گڏبو هئس، تنھن سان باقاعده کيڪر بازي ڪندو هيو؛ “فلاڻا! خوش جوڙ متارو! ٻار ٻچا! دين ايمان! فلاڻا احوال! فلاڻو!” وڏي ڊَڪي ۾ پئجي ويندو هيو. پاڻ خوش تازا ڪندو هيو ته گهوڙو وري روڊ کان لھي ڪچي ۾ بيھي رهندو هيو. ٽانگي ۾ ويٺل مريض جو ڀلي ساهه هليو وڃي، پر هن جي خوش تازا رستي وارن سان پوريءَ طرح هلي ايندي. جڏهن خوش تازا کان واندو ٿيندو ته وري نئين سر ڇمڪيون هڻي، گاريون ڏئي، گهوڙي کي هڪليندو. اڃا روڊ تي چڙهندو ئي مس ته سامھون ٻيو واقفڪار نظر ايندس. ان سان وري ساڳي خوش تازا ڪندو. پنڌ وارو ماڻھو ڪنڊياري پھرين پڄندو، سوائيءَ جو ٽانگو بعد ۾.

ڄام لطف الله به تمام شريف ماڻھو هيو. يتيم ٿي پليو. فقيراڻي طبيعت هيس. ڪنھن کي ڏنائين نه ته ڏکويائين به نه. ڪنھن کي به تنگ نه ڪندو هيو. ٻڌائي ڇوڙائيءَ مان مور نه ڄاڻندو هيو. پھرين سٽ ته سندس اوطاق تي ڪير به فيصلو کڻي نه ايندو هيو. کڻي ايندو هيو ته ٻنھي ڌرين کي گڏ ڪرڻ، امين وارڻ، شاهد گڏ ڪرڻ به ان جو ئي ڪم هوندو هيو. جيڪڏهن وڏيري لطف الله فيصلو ڪيو ته پوءِ تعميل (Implement) نه ڪرائي سگهندو هيو. جنھنڪري ڪير به کانئس فيصلو نه ڪرائيندو هيو.

ڄام نور الله (پويون) به رڄ اشراف ماڻھو هيو. حڪمت جا ٽوٽڪا ٺاهيندو هيو. ڪرڙوڍ عمر ۾ شادي ڪئي هئائين. نسخا پاڻ تي به آزمائيندو هو. ڪڏهن پير سُڳا پيا هوندا هئس ته ڪڏهن سوڄ سبب منھن ويڙهيو پيو هوندو هئس. ٻاهريان ماڻھو کانئس دوا وٺڻ ايندا هيا. ڳوٺ جو ڪو به ماڻھو نه وٺندو هيس. ڳوٺ جي ماڻھن مٿي ٻڌايل ٽنھي شخصن لاءِ مشھور ڪري ڇڏيو هيو ته؛

سوائي گهانگهري جي ٽانگي کان، ماڻھو پنڌ ڀلو،

وڏيري لطف الله جي فيصلي کان، ڏاند ويو ڀلو،

ڄام نورالله جي دوا کائڻ کان، ماڻھو مئو ڀلو.

سوائي گهانگهري جو وڏو پٽ هيو سڪندر، جنھن کي هرڪو سِڪو ڪوٺيندو هيو. پيءُ سان ٽانگو وهائڻ کان اڳ، ڪُھر کپائيندو هيو. چڻن جو ٿالهه، گهر اڳيان ڪڍي اچي ويھندو هيو. ٻار ئي کانئس ڪُھر وٺندا هئا. پھرين ٻه چار ڄڻا، ڏوڪڙ ڏئي چڻا وٺندا هيس. بعد ۾ اهي ئي ڏوڪڙ کسڪائي، وري کانئس ٻيھر ڪُھر وٺندا هيا. جنھن سببان مون واري مرحيات سؤٽ وريي، جنھن تي اسان جي ڏاڏي سعد الله جو نالو رکيل هيو، مٿس چيڙ ٺاهي هئي؛ “ڪھر به سِڪوءَ جا، ڏوڪڙ به سِڪوءَ جا.” اها ٽوڪ؛ ٿڪ به کدڙي جي، چُتِ به کدڙي جيءَ وانگر، ڳوٺ ۾ ضرب المثل ٿي وئي هئي. جنھن اٻوجهه سان اهڙي جُٺِ ٿيندي آهي، تنھن کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.

ڳالهه پئي هلي، ڄامن جي اوطاق جي. ميھوال کان علاوه وٽن دائود نالي به خدمتگار هيو. محبت ديرو جتوئيءَ جو رهاڪو هيو. ڳوٺ ۾ ڀيڻ ڏنل هيس، ان وٽ به گهڻو نه ويندو هيو. ڄامن جي اوطاق ۾ پيو هوندو هيو. آخر مائٽ کيس به پرچائي وٺي ويا. ان کانپوءِ ڄامن جي اوطاق جو اوج/ ٺاٺو ڦٽڻ لڳو. اوطاقون وسنديون آهن، مانيءَ سان. ماني پچائينديون آهن مايون، سو به دل سان. پوين مانيءَ ڏانھن توجهه نه ڏنو. وسنھن ڦٽي وئي. آخر ۾ گڏهه پيا ليٽندا هيا.

انھن اوطاقن کان علاوه، ڳوٺ ۾ ٽي مسجدون پڻ هيون، جيڪي مھمان مسافر جي ٽڪڻ جون جايون هونديون هيون. اتي ڪچھري پڻ مچندي هئي. هڪ هئي ڳوٺ جي اولھائين، اتر واري ڪنڊ ۾ وسايي موچيءَ واري مسيت، ٻي هئي ڳوٺ جي اوڀارين، اتر واري ڪنڊ ۾ گهانگهرن جي مسيت، جيڪا قدير واڍي واري نار جي اوڀر ۾ هئي. ان جي اوڀر ۾ حجرا ٺھيل هيا. جيڪي اوطاق طور ڪم ايندا هيا. مڙني جي اتر ۾ قدير جو، انبن جو باغ هيو. اهي سمورا، پراڻي سدا واهه جي ساڄي ڪپ تي هئا. جتي هاڻي ڀڏو آهي. انھن حجرن ۾ ۽ اڱڻ تي ڪچھري لڳندي هئي. نار تان سمورا گهانگهرا پاڻي ڀرڻ لاءِ ايندا هيا ۽ اتي ئي هڪٻئي سان ميل جول ٿيندو هين ۽ ڪچھري به ٿيندي هين.

ٽين مسجد، ڳوٺ جي اولھائين، وچ واري حصي ۾ آهي جنھن کي ملن واري مسيت سڏيندا آهن. بابا جي پڙناني، نظام الدين جي وقت جي هئي. نظام الدين، نقشبندي سلسلي جو وڏو بزرگ هيو. پيري مريدي، پار تائين هيس. درگاهه وڏي وسندڙ هيس. سندس وفات کان پوءِ، سندس پٽ ۽ ان جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ عبدالخالق گاديءَ جو وارث ٿيو. مريد، عبدالخالق کي پار طرف، پاٽ شريف ۾ پڙهڻ لاءِ وٺي ويا. اتي پڙهڻ کانپوءِ، پير جهنڊي ۾ وڃي پڙهيو. جتي مولانا عبيد الله سنڌيءَ سان به آخر ۾ ڏيٺ ويٺ ٿي هيس. عقيدي ۽ علم ۾ وڏو ڦيرو آيس. چوندو هيو؛ “اصل دين جو علم، هاڻي سکيو اٿم.”

جيڪي مريد خادم، قبرن جون مٽيون پٽي کائيندا هيا، تن کي جهليندو هيو؛ “هر هفتي، مٽيءَ جو گڏهه ڀرائي قبرن تي وجهان ٿو. مونکي خرچن ۾ نه وجھو. اھا مِٽي پٽي نه کائو”.

نفس کي مارڻ جي نيت سان، جيڪي مريد مسيت جي اڱڻ تي ليٽندا ۽ ليٿڙيون پائيندا هئا، تن کي روڪيندو هيو؛ “ابا! مسجد جي زمين زنده آهي، ان تي دڙها نه هڻو”.

اهڙي رنڊ-روڪ کانپوءِ، وڏن جا مريد، پير جهلڻ لڳا ۽ چوندا هيا؛ “پير جو پٽ کري ويو. وهابين کيس الائي ڪھڙيون پٽيون پڙهايون آهن. اسان کي منجهانئس اها اميد نه هئي.”

مولوي صاحب جو وڏو ڀاءُ غلام حسين، زمينن جو ڪاروبار سنڀاليندو هيو. ان جي وفات کان پوءِ، بنا پڳ ٻڌڻ جي، پڙهڻ بند ڪري اچي ڳوٺ ۾ رهيو. زمينن سنڀالڻ سان گڏوگڏ قرآن پاڪ جو درس پڻ ڏيندو هيو. زمينن سان دلچسپي گهٽ هوندي هيس. قرآن سان وڌيڪ. گهڻو وقت قرآن کي ڏيندو هيو. زمينن ڏانھن اک کڻي به نه ڏسندو هيو. جيڪو هارين بچائي آڻي ڏنس. اکيون پوري قبوليندو هيو. قرآن مجيد سان دلچسپيءَ سبب، سندس درس ۾ گهڻا نوجوان ويھندا هيا. پوڙهن جا پيريءَ ۾ ڪنا ڪين وريا. نوجوانن تي اثر ڏاڍو ٿيو. بدعت جي پاڙ پٽجي وئي. جهونا گذاري ويا. اڄ ڳوٺ ۾ ڪا به بدعت ناهي. پردو سخت آهي. ڇوڪرين کي انگريزي پڙهائڻ جي اڄ به ڪو جرئت نه ٿو ڪري. جڏهن ته حالتن جي نزاڪت اها آهي ته ڇوڪريءَ کي، دنيا سارو تعليم ڏيارڻ گهرجي.

۱۹۳۵ع ڌاري ڳوٺ ڇڏي، نواب شاهه واري مسجد ۾ خطيب ٿيو. اتان ۱۹۳۶ع کان ۱۹۳۸ع تائين، معارف رسالو ماهوار جاري ڪيائين. بعد ۾ سانگهڙ ضلعي اندر، سھتن جي ڳوٺ، ٻرهون ۾ سال کن رهيو. اتان ڇڏي، حيدرآباد وڃي ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾، فقہ جو استاد مقرر ٿيو. ڪورين واري پڙ ۾، خالي روڊ تي رهائش هئس. اتي مسجد ۾ به درسِ قرآن ڏيندو هيو. نبي ڪريمجن جي سيرت مبارڪ تي، سادي ۽ سليس عبارت ۾، جامع ۽ مڪمل ڪتاب لکائين. جيڪو حالات حضور جي نالي سان ڇپيو. ان کان علاوه حياتِ ملت نالي سان هڪڙو ننڍڙو ڪتاب لکيائين، جيڪو سورة الڪوثر جو تفصير هيو. مسجد ۾ درس ڏيندي، معارف القرآن نالي سان تفسير لکڻ شروع ڪيائين. جنھن جا ٻه سيپارا، مسجد وقف سوسائٽي حيدرآباد وارن ۱۹۴۲-۴۳ع دوران ڇپايا هيا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مولوي صاحب، پنجن پارن جو تفسير لکيو هيو. بقايا ٽي پارا، ڪيڏانھن ويا؟ تن جي ڪا خبر ناهي. جيترا وات آهن، اوتريون ڳالھيون آهن.

مولانا ڪنڊيارويءَ جي لکڻين ۽ تفسير تي ابوالڪلام آزاد ۽ الھلال جو وڏو اثر هيو. هڪ دفعي ڄامن جي اوطاق ۾ ايوب فقير، جيڪو لوڙهي واري فقير دلمراد جو مريد هيو، چيو؛ “آزاد لاءِ ڪير ٿو چوي ته عالم آهي؟ ڏاڙهي ڪوڙي ٿو. مڇون وڏيون اٿس. چانھن پيئي ٿو.” سندس ايترو چوڻ ۽ ڀريءَ ڪچھريءَ ۾ مولوي صاحب جو، جوتو کڻي مٿس ورڻ؛ “ڇا ٿو چوين آزاد ڏاڙهيءَ-ڪوڙ آهي. تون ان جي جتيءَ برابر به ناهين. تون ٿو ان لاءِ گٿا لفظ ڳالھائين!”

وڏا ڄام، بريلوي عقيدن جا هيا. مولوي صاحب نياڻو هئن، تنھنڪري سندس رايو رکي ويا. مولوي صاحب کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. پٽس، پويان اولاد ڇڏي، دنيا ڇڏي ويو آهي. نياڻي ٽن ڌيئن ۽ هڪ پٽ سميت حال حيات اٿس.

مولوي صاحب، منھنجي ڄمڻ کان چوڏهن سال اڳ، ۱۹۴۶ع ڌاري حيدرآباد ۾ ٽي بيءَ وگهي فوت ٿي ويو ۽ سندس لاش ڪاري رنگ جي موٽر ڪار ۾ ڳوٺ کڻي آيا ھيا. مسجد جي ڀرسان اَباڻي مقام ۾، کيس دفنايو ويو. اهي سمورا حال، وڏڙن کان معلوم ٿيا هئم. خاص ڪري پنھنجي پيءُ کان.

بابا مرحوم بيشڪ اڻ پڙهيل هيو، پر هيانءَ جو سڄو هيو. قرآن مجيد به شاديءَ کانپوءِ پڙهيائين. دؤر ڪرڻ وقت پيو اکرن کي ڏڏريندو هيو. مولوي صاحب جي صحبت جا اثرات مٿس ججها هيا. دين جون ٻڌل اصولي ڳالھيون ياد نه هيس. ياد ڪرڻ جو دماغ مون وانگر گهٽ هيس. باقي جيڪا شيءِ سمجهه ۾ هڪ دفعو ويھجي ويس، سا ٻئي دفعي بيان ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿيندي هيس. جوانيءَ ۾ مَلُھه هيو. سياست ۽ مذهب بابت معلومات ۽ ٻڌ سڌ ججهي رکڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ڪچھرين ۾ گفتا ٻڌڻ، ذهن لڙائي سمجهڻ ۽ ياد ڪري ٻيھر ٻئي موقعي تي مناسبت سان ڦھڪائي ڏيڻ، سندس ڏائي هٿ جو کيل هيو. سڄي عمر مسڪينيءَ ۾ گذاريائين.

ملن واري مسيت ۾، مسجد اسڪول يا ملان اسڪول به هيو. جيڪو مولوي صاحب جي حياتيءَ ۾ هلندڙ هيو. سائين وڏو عرف ميان احمد سھتو، اتي پاڙهيندو هيو. مولوي صاحب وارن جي سؤٽاڻ مان هيو. دين جي اصولي ۽ فقھي مسئلن بابت چڱي ڄاڻ هيس. مولوي صاحب جي وفات کان پوءِ، ماڻھو ديني مسئلن بابت وٽس ايندا هيا. چاچا الله اوباهيو، بابا جو پڦاٽ هيو. انھن مڙني جا گهر مٽلن ۾ هڪ ئي ويڙهي/ حويليءَ ۾ اندر هيا ۽ ملن جا گهر سڏبا هيا.

ملن جي گهرن جي ڏکڻ ۾، منھنجي ناناڻن جا گهر هيا. وچ ۾ گهٽي هئڻ جي باوجود، مٽلاڻي سڏبا آهن. مون پنھنجو نانو نه ڏٺو. پاڪستان، جنھن سال ٺھيو، تنھن سال گذاري ويو. آخر ۾ اکين کان وڏو ٿي ويو هيو. جوانيءَ ۾ اکين جو سڄو هيو. محنت مزدوريون ڪندو هيو. بعد ۾ ڳالھيون کڻندو هيو ۽ نقل نظير ٻڌائي ماڻھن جي دل وندرائيندو هيو ۽ پيٽ گذر ڪندو هيو. ڪچھريءَ ۾ ويھندو هيو ته ماڻھن کان ڪم وسري ويندا هيا. ويٺا جمعي فقير جا گفتا ٻڌندا هيا.

۱۹۳۲ع کان اڳ روهڙي ڪئنال ٺھيو، اتي مزدوري ڪندو هيو. ڳوٺ جا ٻيا ماڻھو به مزدوري ڪندا هيا. هڪ ڏينھن پاڻ ۽ محمد صديق، مزوري ڪري شام ڌاري ورڻ لڳا ته واٽ تي ست-ناريءَ مان هٿ منھن ڌوئڻ ويٺا. سندن سامھون ٻه گرگليون مايون به هٿ منھن ڌوئڻ ويٺيون. پاڻ ۾ کل کجڪو به لڳو پيو هين. کلندي کلندي ساڻن ڇيڙخاني ڪندي، کانئن پڇيائون؛ “تيرا نان ڪي؟”

“صديق!” محمد صديق کين ٻڌايو. محمد صديق به پڪو پختو همراه هيو. ۱۹۲۸ع ڌاري، هندستان ڇوڙدو تحريڪ ۾، مولانا ڪنڊيارويءَ سان، لاکا روڊ اسٽيشن تان افغانستان لاءِ لڏي ويو هيو. اتي کاڌي نه ملڻ، بيماريءَ ڦھلجڻ ۽ پٺاڻن جي اکين ڦيرڻ بعد واپس موٽيا هيا. منجهس حياداري به وڏي هئي. ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو اخلاق به هيس. منھنجي پيءُ جو سؤٽيءَ-سؤٽ ھيو.

“صديق!” وڏيءَ چيٽ سان، ماين سندس نالو ورجايو ۽ وري ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳيون. مٿان وري مون واري ناني کان پڇيائون؛ “تيرا نان ڪي؟”

“جمن!” ناني جواب ڏنن.

“جمن!” انھيءَ نالي تي چيخون ڪري ٽھڪ ڏيڻ لڳيون ۽ پاڻ ۾ کلندي کلندي هڪڙيءَ ٻيءَ جي مٿان ڪرندي، کيس چيو؛ “ادي لٻڪي!”

“جي ادي کرکوج!” ٻيءَ وراڻيس.

“ادي لٻڪي، ڪدي صديق نانءُ سڻيئه!”

“نا ادي نا!”

“ڀلا جمن!”

“نا ادي نا”

“ادي لٻڪي، جي صديق ۽ جمن نان، ادي ڦٻاڪُچي سڻي ته هنسي هنسي مري وڃي.”

گهر ۾ ويٺل، ڦٻا ڪچيءَ ڏانھن اشارو ڪندي، ويتر کلڻ لڳيون. سندن انھن ڳالھين تي صديق ۽ جمن به کل ۾ ويڙهجي، اچي ڳوٺ نڪتا.

جمن جي شادي، ٻڌن يعني ٻڌ ذات وارن مان ٿيل هئي. اسان جي ڳوٺ جي اوڀر ڏکڻ ۾ عدر ٻڌ جو ڳوٺ آهي. اتان صالح ٻڌ وٽان، ڦلن مٺ تي سڱ ورتو هئائين.

عدر ٻڌ جي ڳوٺ ۾، هڪ مائيءَ کي چار ڌيئر ۽ سدوري نالي سان پنجون پٽ هيو. مڙس فوت ٿي ويو هيس. هڪ دفعي سدورو، ڳوٺ جي سنگتين سان سنگت ڪيون، هالاڻيءَ جي ويساکيءَ واري ميلي تي ويو. سواريون نه هونديون هيون. پنڌ ئي اچبو وڃبو هيو. پنج ڇھه ميل کن پنڌ هيو. واپسيءَ تي سدوري کي ڪنھن ڪک سنگهي ورتو. ڳوٺ ۾ سندس لاش کٽ تي کڻي آيا. ماڻھس ۽ ڀينرن کي ڏاڍو صدمو رسيو.

انھيءَ غم ۽ صدمي پڄاڻان، سدوري ماءُ، پنھنجون سموريون ڌيئر هڪ ٻئي پٺيان ڄام ڳوٺ ۾ ڏنيون. هڪ الله اوباهيي سھتي کي ڏنائين. هڪ پيرزادن ۾ ميان وهيل کي ۽ ٻي سندس پٽ ميان جاڙل کي ڏنائين. چوٿين جيڪا دائم ٻڌ کي ڏنل هئس ۽ ان مان هڪ ڌيءُ هئس، سا به دائم جي فوت ٿيڻ بعد، حاجي پٽ عيسي واري کي ڏنائين. حاجي سھتو منھنجي ناني وارن جي سؤٽاڻ مان هيو. انھيءَ ڪري منھنجي ناني لاءِ به، اتان سڱ ورتائون. اها ٻي ڳالهه آهي ته منھنجي نانيءَ، ان کان پوءِ ٽي سڱ ٻيا به ٻڌن مان ورتا آهن. هڪڙو پٽ لاءِ، ٻيو پوٽي لاءِ، ٽيون نياڻي لاءِ.

مٽلن ۾ وڏي ڏيا وارو مڙس گل فقير هيو. منھنجي ناني جو سؤٽ هيو. پڇاڙيءَ ۾ هٽ/هوٽل هلائيندو هيو. صبح مردان جو قرآن مجيد کولي دؤر ڪرڻ لاءِ ويھندو هيو. جيڪو قرآن مجيد جو پڙهيل هٽ تي ايندو هيس، تنھن کي چوندو هو ته؛ “قرآن مجيد پڙهندو هل ته مان آڱر رکي ٻڌندو هلان.” قرآن مجيد پڙهڻ وارو پڙهندو هلندو هيو ۽ هيءُ اکرن تي آڱر رکندو هيو. جڏهن ته قرآن مجيد پڙهيل به نه هيو. جيڪڏهن ٻِٽو پنو اٿلائجي ويندو هيس ته مٿين ڪُنڊ واري اکر مان ڄاڻ پئجي ويندي هيس. جيڪڏهن پڙهڻ وارو ماڻھو هٿ نه ايندو هيس ته پوءِ قرآن پاڪ جي سٽن تي آڱر گهمائيندو ويندو هيو ۽ سٽ سٽ تي بسم الله پڙهندو ويندو هيو.

“قرآن مجيد جوانيءَ ۾ نه پڙهئين، هاڻي پيريءَ ۾ پڙهڻ جو شوق ٿيو اٿئي.” هڪ ڏينھن قرآن پڙهي ٻڌائيندي پڇيو هيومانس.

“ان جو هڪڙو سبب آهي.” دليل ڏيندي ٻڌايو ھيائين: “جوانيءَ ۾ ته الائي ڪٿي هوندا هياسين. تنھن هوندي به هڪڙي درويش سان سنگت هوندي هئي. دل گهريو ماڻھو هئو. ان مون کي چيو؛ هڪڙو ڪم ڪر. چيومانس؛ ٻڌاءِ! ٻڌايائين؛ هڪڙو مھتو آهي، هڱورجن ۾، جنھن اوطاق جي در جي چانئٺ هيٺان قرآن مجيد پوري ڇڏيو آهي. آيو ويو مٿانئس لنگهي ٿو. قرآن جي بي حرمتي ٿئي ٿي. اهو قرآن مجيد، اتان ڪڍي اچ!”

“پوءِ! قرآن مجيد اتان ڪڍي آئين؟” پڇيومانس.

“ها قرآن مجيد به ڪڍي آيس!” وقفي بعد ٻڌايائين؛ “مھتي جي منڍي به ڪپي آيس. ٻئي اچي، ان دل گهريي دوست کي ڏنم. ان کان پوءِ قرآن مجيد ڏانھن دل وري. پر هاڻي پڪيءَ ۾ ڪھڙا ڪَنا ورن.”

بھرحال اهو قرآن جو معجزو هيو. جنھن کيس آخر تائين نه ڇڏيو ۽ حفاظت به ڪيائين. ور نه جوانيءَ ۾ رهزن ڌاڙيل هيو. ٽوهه چانڊيي جي ٽولي ۾ شامل هيو. ۱۹۳۲ع ڌاران، جڏھن سکر بيراج ٺھيو، ڌاڙا ڇڏي، ڳوٺ ۾ گوشه نشين ٿيو. تنھن هوندي به آخر عمر تائين ڀڙ بيٺو هيو.

جوانيءَ ۾، اڪيلي سر ڇيلي کي ليٽائي، ڪھي، ٻوٽاري رڌي کائي ويندو هيو. چمڙي جي پٽي ۾، سکن جي ڪرپان وانگر، سيني سان ڪاتي ٻڌل هوندي هيس. ديڳڙي ۽ ڏوئي، ڪلھي تي هوندي هيس. جهنگ ۾ ڪٿي به بک لڳي، ڪنھن جو به ڌڻ جهنگ ۾ چرندي نظر آيو، سٽ ڏئي ڇيلو يا گهيٽو پڪڙڻ ۽ لت ڏئي سير وجهڻ. رڌي، اڪيلي سر ڳڙڪائي وڃڻ ۽ اوڳرائي به نه ڏيڻ.

سائين وڏي جي ڀيڻ پرڻيل هيو. اولاد ڪونه ٿيس. ٻي شادي ڪا نه ڪيائين. ان ڪري ڀائٽين ۽ انھن جي اولاد سان وچڙ سچڙ گهڻي هوندي هيس.

بگهڙ ڪراڙو ٿيڻ کان پوءِ، رڍ کي سامھون ڏسي به چوندو آهي؛ “مان بزرگ ٿي ويو آهيان.” نه ته ڇا گل فقير، ڇا گوشه نشيني؟ کوڙو ئي ڪو نه ٿو لڳي. گل فقير، جوانيءَ ۾ هلي ته زمين ڌڏندي هئي. ڪنھن کي مجال نه هئي جو ڪير اک کڻي ڏسيس. نه تر مان چوري ڪيائين، نه ڪرڻ ڏنائين. ننگ جو خيال آخر تائين هيس. زنا کان صفا پري. چوندو هيو؛ “جيڪو مرد، پنجويھن سالن جي عمر تائين پاڻ کي بچائي رکندو، اهو آخر تائين بيٺو هوندو، ختم نه ٿيندو.” سندس حواس آخر تائين سالم هيا. نظر، سؤ سال کان مٿي عمر هئڻ جي باوجود، چِٽي هيس. وار، نڀور اڇا نه هئس. صفا گنجو به نه ٿيو هيو. آخر تائين پٽڪو ٻڌندو هيو.

ڪراڙپ ۾ جسم جو ماس لڙڪندو هيس. کنڊرات انھيءَ ڳالهه جا شاهد هيا ته عمارت جوانيءَ ۾ عظيم هئي. گهوڙي سواريءَ جو وڏو ڏانءُ هيس.

جوانيءَ جي دور جا کوڙ قصا ٻڌايائين. منجھانئن ٻه چار ياد اٿم سي هتي لکان ٿو:

هڪڙيءَ عورت کي ڀيڻ ڪري سڏيو هيم. هڪ ڏينھن دانھن ڏنائين ته هالن جي پاسي جو هڪڙو همراهه مون کي ستائي ٿو. غيرت جي باهه وڪوڙي ويم. خبر لڌم؛ وٽس هڪ ڀلي گهوڙي آهي، جنھن کي وِڄ جا پاڻي آيل آهن. ھڪڙي ڏينھن شام ڌاري وڃي سندس ڳوٺ پھتم. ٻه ٽي ڏينھن، چوڌاري جو واءُ سواءُ ورتم. گهوڙي، ڪوٽ جي اندر بند هئي. ڪوٽ کي ڪاٺ جو وڏو در هيو. در جي ڏيوڍيءَ ۾ بندوق سان همراهه ستل هيو.

ٽئين ڏينھن، سج لھڻ کانپوءِ، مال سان رل مل ٿي، مان به ڪوٽ ۾ گهڙي پيس. ڪڙٻ جي کري ۾ لڪي ويھي رهيس. سڄي ماحول تي به نظر پئي رکيم.

هئه مئه ٽرئي کانپوءِ جڏهن سمجهيم ته هڙئي اگهوڙ ننڊ ۾ آهن. بندوقچي چوڪيدار به کونگهرا پيو هڻي ته اٿيس. گهوڙي زنجير سان نيئر ۾ ٻڌل هئي. نيئر لوهي ڪل ٿيندو آھي، جيڪو ڏاڍي زمين ۾ ڦاٿل هوندو آھي. ٻيو ڪو حل نه هيو. چڱيءَ طرح پيرَ کوڙي، ٻنھي هٿن سان لوهي ڪِلُ، زمين مان ڇڪي ڪڍيم. انھيءَ تي گهوڙي ڇرڪي وئي. وڏي هڻڪار ڪيائين. صدر دروازي وارو چوڪيدار سجاڳ ٿي پيو. گهوڙيءَ کي پنھنجيءَ جاءِ تان هٽيل ڏسي، ڀريل بندوق سان ويجهو آيو. تيستائين مان هيٺ ڪري سمھي پيم ۽ ڀرسان پيل ڪڙٻ پاڻ مٿان ورائي ڇڏيم.

همراهه ننڊ جي گهيرٽ ۾ هيو. ويجهو اچي سمجهيائين ته گهوڙيءَ ٽاهه کاڌو آهي. جنھن سببان ڪل ڪڍايو اٿائين. ساڳي جڳهه تان هٽي ٻئي هنڌ ڪل کوڙڻ لڳو. اهو ٻيو هنڌ منھنجي ران هئي. ران جي مٿان بيھي ڪل کوڙيائن پئي ته چون ئي نه ڪيم. اتي چون ڪرڻ معنيٰ پاڻ کي ھٿ سان ظاھر ڪرائي پڪڙائڻ. تنھنڪري ڇڙھ ھنيو، ڇانھر ڪيون، ستو رھيم. لوهي ڪل منھنجي سٿر مان آرون پار ٿي ويو. ڪل، منھنجي ران ۾ کوڙي، تسلي ڪري وڃي بي اونو ٿي ستو.

جڏهن تسلي ٿي ته همراهه اگهور ننڊ ۾ آهي ته وري آهستي آهستي اٿيس. زور سان ڪل پٽيم. ٻيو ڪجهه هٿ نه آيو. پٽڪي جو ٽڪر ڦاڙي سٿر کي ٻڌم. گهوڙيءَ کي ٻچڪار ڪيم ۽ هٿ ڦيريم ته صبر سان بيھي رهي. ڏاڍي صدوري هئي. دل ۾ چيم؛ “هاڻي دروازو ڪيئن کوليان؟ دروازو کلڻ سان ته چيچٽ ڪندو.” پوءِ ٿورو هيڏي هوڏي هلڻ سان هڪڙي ٺڪر جي ٿانءَ جو ڀڳل ٽُڪر مليو. منجھس پيشاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. ڄنگھ ۾ تازي زخم سبب، ڳاڙَ پيشاب جي آئي. جيڪا کڻي اچي دروازي جي انجيسن تي هنيم. ان کانپوءِ آهستي آهستي ڪري دروازو کوليم. چيچٽ نه ٿيڻ ڪري ڀرسان ستل همراهه کي خبر نه پئي. موٽي وڃي گهوڙيءَ تي چڙهيس. گهوڙيءَ کي ٻچڪار ڏئي واڳون ڇڪيم. گهوڙي پھرئين بل ۾ چوڪيدار جي کٽ پار ڪري وئي. جنھن تي هو سجاڳ ٿيو ۽ يڪدم بندوق جو ڦائير ڪيائين. ڇِرا، گهوڙيءَ جي پوين ڄنگهن ۾ لڳا. تنھن ھوندي به گهوڙيءَ کي ڪَرَ ئي نه آئي.

وونئڻن جي مند وارا ڏينھن هئا. گهوڙيءَ کي سڄي رات ڇڪيم. پوين وٽ، مونکي ڳولڻ لاءِ، گھڻا گهوڙا هيا. پيرو کڻي پھچي وڃن ها. ڀنڀرڪي ڌاري ڪوٽ لالو ۽ پڊعيدن جي وچ تي پھتم. گهوڙي به ٿڪجي پئي هئي. مان به ساڻو ٿي پيو هئس. گھوڙيءَ سميت، مانڌن جي موريءَ لڳ، وونئڻن جي فصل ۾، ڦان ڪري اچي ڪريس. سج اڀرئي ڌاري، هاري ناري پھتا. تن کي، حال احوال پڇڻ تي، ٻڌايم ته ڌاڙيلن زخمي ڪيو آهي. همدرديءَ خاطر ڏاڍي خدمت ڪيائون. زخم کي پٽي وغيرھ ڪيائون. ٿورو آرام ڪري، ٽپھريءَ کان اڳ، انھن حالن ۾ گهوڙيءَ تي چڙھي اچي، سڳيون ۽ سوڀوديرو لڳ، ٽوھ چانڊيي جي دُڻيءَ ۾ گھوڙي ٻڌم. اھا گھوڙي ڪي سال مون وٽ ھئي.

پيريءَ ۾ به ڪن دوستارن کي انھيءَ ڦٽ جو نشان، سوراخ سميت، ڏيکاريندو ھيو. پيريءَ ۾ به، لڙڪندڙ ماس مان، هرڪو اندازو لڳائي ويندو هيس ته جوانيءَ ۾ طاقتور مڙس هيو. ڏورن جي لڙڪندڙ ماس ۾، ڳولي ۽ آڱر ٽنبي ڏيکاريندو هيو ته هتي گولي لڳي آهي. هتي ڪھاڙي لڳل آهي. کاٻي بغل ۾ ڪھاڙيءَ جي گهاءَ جو نشان هئس. ان لاءِ ٻڌايائين:

هڪ دفعي چوريءَ تي نڪتاسين. هڪ ڳوٺ ۾ چوري ڪندي مالڪ سجاڳ ٿي پيا. چور چور ٿي وئي. ڀڄ ڀڄان ٿي وئي. هڪڙا اڳ ۾، ٻيا پوءِ ۾. منھنجي ئي ساٿين منجهان هڪ، پوئتي منھن ورائي، اوندھ جي ڪري مون کي ڪھاڙي وهائي ڪڍي.

“تنھنجي ساٿين توکي ڪھاڙي وهائي ڪڍي؟!” حيرت مان پڇيومانس؛ “اهو ڪيئن؟ توکي سڃاتائون نه ڇا؟”

“ان جو سبب اهو هيو ته!” دليل سان سمجهائيندي ٻڌايائين؛ “جڏهن چور چور ٿيندي آهي ته چور به چور چور ڪري ڀڄندا آهن ته جيئن ڏسڻ وارا سمجهن ته اهي چور ناهن. مان به چور چور ڪندو پئي آيس ته اڳين همراهن، ڀاڳيو سمجهي ڌڪي وڌو. پوءِ ته رڙ ڪيم. جنھن تي ڪلھن تي کڻي کنيائون ۽ اچي ٽوهه چانڊيي جي ٻڪرين واري واڙ ۾ اڇلايائون. واڙ گهرن ۾ هئي. هڪٻئي تي اعتبار هيو. ماين سان گڏ گهر ۾ پيو هيس.”

“ڀلا علاج!” پڇيومانس؛ “اسپتال وغيره ۾ نه!”

“علاج!” حيرت مان اکيون ڦاڙيندي ٻڌايائين؛ “انگريز جي حڪومت هئي. مون تي ۽ ٽوهه تي گوليءَ جو آرڊر هيو. ٻاهر کليءَ طرح نڪري علاج نه پئي ڪرائي سگهيس. بس اتي ئي پيو هئس. هڪ ڏينھن ڇڏي، ٻئي ڏينھن سندس واڙ ۾ بيٺل گـَهٽي کي لت ڏئي ڪُٺم. ٻن ٽن ڏينھن کانپوءِ ٽوهه آيو. ڏٺائين ته ٻه ٽي گهٽا گم آهن. خبر پيس ته گل ڪھي کاڌا آهن ته اچڻ سان ڀونڊو ڏئي چيائين؛ “اڙي زخم به مَلا ۽ رڍ به مَلا! مرڻا اَهي ڪِ!؟” بغل کولي ڏيکاريومانس ۽ چيومانس؛ “ڏس! ڦٽ جا چونئرا به وري ويا آهن.” ان تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين: “هيءَ سڄي واڙ پئي اٿئي، جيڪي ڌڻ مان وڻئي، ڪھي ويٺو کاءُ.”

“پوءِ! گهڻيون رڍون ڪھي کاڌئي!”

“ٻه چار مس کاڌم.”

“ڇو؟”

“پوليس کي خبر پئجي وئي ته گل، اتي ڳوٺ ۾ ترسيل آهي. ڳوٺ کي ڪڙو چڙهي ويو. مان اڇو برقعو پائي، هڪ همراهه سان ڳوٺ کان ٻاهر نڪتم. اڃا درياهه تي مس پھتاسين ته پٺيان پوليس کي سڻس پئجي وئي ته برقعي ۾ گل هيو. پوليس به اسان جي پويان، درياهه تي اچي پھتي. ٻيڙي پتڻ تي هئي پر پوليس جلد پھچي وئي. تنھنڪري مٿس سوار ٿيڻ خطري کان خالي نه ھيو. اسان ٻئي درياهه ۾ ٽپي پياسين. ساهي پَچايل هئي. ڪجهه سيڻھه ذريعي، ڪجهه ساه منجهائي، درياهه جي پاڻيءَ ۾ هلياسين پئي ته پوليس جي ٻيڙي به ڪڙو چاڙھيندي اچي پھتي. درياهي وهڪري کان بچڻ خاطر، پتڻ کان پتڻ تائين ٻڌل وڏي رسي جي سھاري هلي پئي. جڏهن اسان کي ڦري آئي ته مون گُهت هڻي، سيني سان ٻڌل ڪاتي ڪڍي وڃي رسي کي ڪپيو. جنھن ڪري پوليس جي ٻيڙي تکي وهڪري سبب اونڌي ٿي پئي. وارو وارو ٿي وئي. پتڻ تي بيٺل ٻيڙيون مدد لاءِ لٿيون پر رسو ٽٽي چڪو هئو. جيستائين پاڻ بچائي هنن تائين پھچن ۽ کين بچائين تيستائين اسان درياهه پار ڪري وياسين. اتي منھنجي ساٿيءَ چيو؛ “اِهه ڀيڻا ڪِھه ڪيتي، اسان مئل همراه، تئن زخمي، پوليس دي ٻيڙي اونڌي ڪر ڇوڙيئه!” مطلب ته مرندڙ بچي ويا، ماريندڙ ٻڏي ويا.

۱۹۷۳ع  ڌاري، نور محمد هاءِ اسڪول ۾ اٺون درجو پڙهندو هيس ۽ چاچا سان گڏ مٺارام هاسٽل جي ميس ۾ ماني کائڻ ويندو هيم. مٺا رام هاسٽل ۾ رهندڙ، ٽريننگ تي آيل ماسترن مان، هڪڙي ماستر تازي ڏسي آيل فلم جو سين ٻڌايو. جنھن ۾ ھيرو وڏي ڪوٽ جي ڀت، گھوڙيءَ سميت ٽپي ويندو آھي. تنھن تي ٻئي ماستر ٽيڪاٽپڻي ڪندو چيو؛ ”ائين ممڪن ڪونھي.“ تنھن تي ھڪڙي ٻئي ماستر گل فقير بابت ڪوٽ جي ڀت تان گهوڙي ٽپائڻ جو هڪڙو سچو قصو ٻڌايو. جنھن تي ڪجهه حيرت به ٿيم. ڪجهه عجب به ٿيو. ڳوٺ موٽي اچڻ بعد کانئس پڇيم.

پاڻ ٻڌايائين؛ “ڪرونڊيءَ جي پاسي ڏي شرن، چانگن جي ٻانھن کنئي هئي ۽ ڪوٽ ۾ بند ڪئي هئائون. گهڻي زور بار سان به واپس نه پئي ڪيائون. هڪڙو چانگ ۽ مان، گهوڙين تي چڙهي، شرن جي ڳوٺ ۾ پھتاسون. شام ڌاري اوس پاس جو واءُ سواءُ لڌوسون. اڌ رات ڌاري، ڪوٽ جو در ڀڃي اندر گهڙياسين. مون سان گڏ جيڪو چانگ هيو، سو به زبردست جوان هيو. تنھن صدر دروازي تي بيھي شرن جي مڙسن سان مقابلو ڪيو. مان گهوڙيءَ سميت اڱڻ تي پھچي ويس. گهوڙين جي دنبھن ۽ هڻڪارن تي ۽ مڙسن جي لٺ لٺيان تي گهر ڀاتي جاڳي پيا. ماين ۽ ٻارن ۾ ڊيھاڙ پئجي ويو. جيڪا ٻانھن اسان کي موٽائڻي هئي سا ته مان سڃاڻندو ئي نه هئس. سڃاڻڻ وارو همراهه پوئتي جهيڙي ۾ ڦاٿل هيو. جي موٽي جهيڙو پيو ڪيان ته مقصد پورو نه پئي ٿيو. ٻيو ڪجھ نه ڏسي، هڪڙيءَ ڀڄندڙ مائيءَ کي پوتڙي جي ڪُمند هڻي ڦاسايم. پٺي سندس پٺيءَ ڏانھن ڪري، پوتڙي کي سيني سان سڪ ٻڌم. يڪدم بل ڏئي مائيءَ سميت گهوڙيءَ تي چڙهيم. گهوڙي صفا وڄ وانگر پئي ڊوڙي. وچ اڱڻ ۾ ٻه چار ڦيرا ڏنم پر دروازي کان نڪرڻ جي وٿي نه پئي مليم. چوٿين چڪر سان گهوڙي، مائيءَ ۽ مون سميت، ڏهن ٻارنھن هٿن وارو ڪوٽ ٽپي وئي. چانگ به مقابلو ڪري پاڻ ڇڏائي، مڙسن جي گھيري مان بچي آيو.

“چانگ وري تو کان به وڌيڪ طاقت وارو هيو ڇا؟”

“هون! طاقت جي جاءِ آهي.” اکيون ڦوٽاري ٻڌايائين؛ “ان کان به وڌيڪ طاقت وارا مڙس هيا. هڪ دفعي رات جو لاکا روڊ واري ڪچي رستي سان وڃڻو هيو. ماڻھن گهڻو جهليو. رستي ۾ بگهڙ آهن. مارجي ويندؤ! نه مڙياسين. مون سان گڏ گهوڙي تي، ٻيو همراهه به هيو. ٻنھي بوٽ لاهي ڪُکين سان ٻڌا. ڇو جو بگهڙ پھريون وار، ڪُکِ تي ڪندو آهي. پوءِ هلي پياسين. رستي ۾ مونکي ٿورو، ڪنھن جانور جي لُوهَه جو آواز ڪن تي پيو. گهوڙيءَ ٽاه به کاڌو، پر پوءِ سڌي ٿي هلي. جڏهن وسنھن ۾ انجامي ماڻھن جي اوطاق تي پھتاسين ته لھڻ وقت ڏٺم ته پوئين ھمراھ کي ڪا شيءِ ھٿ ۾ آھي. ماچيس جي تيلي ھڻي، ان جي روشنيءَ تي ڏٺوسين ته مئل بگھڙ ھيو. رستي ۾ هڪڙي بگهڙ مٿس نرو ڏنو هيو. جنھن تي ھن جو هٿ وڃي ڳچيءَ ۾ پيو هيس. بگهڙ اتي ئي گهوگهاٽجي مري ويو هيو ۽ کُرڙي به نه هنئين هئائين.”

“اهو همراهه ڪير ھيو؟” تجسس مان پڇيومانس.

“اھو پاڻ به ذات جو بگهڙ هيو.” 

اھو قصو ھڪ دفعي جج عبدالرزاق انصاريءَ کي، سندس دستگير ڪالوني حيدرآباد واري گھر ۾ ڪچھريءَ دوران ٻڌايم. انصاري صاحب بگهڙ ذات لاءِ ٻڌايو ته اھا ذات، راڄپر جو پاڙو آهي.

هٽ تي اوائلي ڏينھن ۾، ٻانھن ٻيليءَ طور رحيم ڏني گهانگهري عرف رحيمني کي رکيو هئائين. ڪنھن ڳالهه تان ناراض ٿي رحيمنو ڇڏي ويس. گهڻيئي پرچائڻ لاءِ وس ڪيائينس. پر رحيمنو نه پرچيس. ٻئي هنڌ ٿورن پئسن تي گهڻيءَ محنت وارو ڪم ڪرڻ لڳو. وٽس سجيهه پئسن تي ٿڌيءَ ڇانءَ وارو هلڪو ڪم به نه وڻيس. ويتر منٿن تي نه آيو ته چيائينس؛ “جڳ سان راضي پازي، گل فقير سان ٽانڊو”. انھيءَ ڳالهه کي دودي ڀٽ ڏاڍو مشتھر ڪيو. جنھن کانپوءِ ڳوٺ ۾ اها ڳالهه ضرب المثل ٿي وئي.

آخر ڌاري هٽ وارو صندل، ٻاهر ڪڍي رکيو هئائين. وکر گهٽائي ويو هيو. فقط کٽمٺڙن وغيره جون اٺ ڏهه برنيون صندل جي هڪ پاسي کان رکندو هيو. باقي اڌ تي نوٽڻ جو چيلو ٺھيل هيو، جنھن تي نوَ ٽڻ کيڏندا هيا. غلام حيدر ڀٽ کي ٻانھن ٻيلي ڪري رکيو هئائين. چانھن به هلائيندا هيا. نَوَ-ٽِڻ تي وڏي ڪچھري مچندي هئي. جهونا جهونا ويھي حال احوال ڪندا هيا ۽ نَوَ-ٽِڻ جي چالن تي مٿو ويڙهائيندا هيا. ڏاسُن جون هُشڪرون ۽ ڪوڪريا هوندا هيا. انھن ۾ اول مرهيات شعبان سھتو هيو. بعد ۾ غلام ٻڌ، عيسو ڀٽ، رمضان ڀٽ، دودو ڀٽ، دائو ٻوڙو ۽ بچو فقير وغيره. اونھاري ڌاري نم جو ٻُور به گهوٽي پيئندا هيا، جيڪو پيٽ جي گرميءَ کان اڪسير هوندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن وزير گهانگهرو ڳوٺ ۾ ايندو هيو ته پوءِ سلفين جي سَرِ ڪرڻ جا مقابلا پڻ هلندا هيا.

يار محمد سھتو به ڦُٽين جو واپار ڪندو هيو. ڪريمداد جي اوطاق يا گل فقير واري هٽ جي اڱڻ ۾ برڪيون سٿي رکندو هيو. رات جو واهت لاءِ، پاڻ سمهندو هيو. پڇاڙيءَ ۾ واپار ۾ ٽوٽ پيس. هڪ اڌ برڪي پنھنجي ۽ هڪ اڌ برڪي چاچي گل جي، هٽ جي اڱڻ تي رکي رات جو سمھي پھرو ڏيندو هيو. هڪ رات چور آيا ۽ پوئين پير برڪي گھلي، ڀر ۾ وھندڙ پڪي روڊ يا نيشنل ھاءِوي تائين کڻي ويا. جتان پوءِ خبر ڪا نه پئي ته هالاڻيءَ ويا يا ڪنڊياري. صبح جو پيرو کڻن ته ڪنھنجو؟ پير ليڪن ته ڪنھن جا؟ چور ته پنھنجا پيرا برڪين جي گيھي سان ڊاهي ويا هيا.

يار محمد واري اها ڳالهه، دودي ڀٽ ۽ ياقوءَ گهانگهري کي هٿ اچي وئي. ٻنھي سندس بزدليءَ ۽ ننڊ تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا. “يارو به ٿا چور وٺن!” جملي کي ايڏو مشتھر ڪيائون جو ڳوٺ ۾ ضرب المثل ٿي ويو.

گل فقير جي هٽ کان علاوه، ان وقت ڳوٺ ۾ فقط نبوءَ وارو هٽ مشھور هيو. جيڪو وڏيري لطف الله واري پٽ تي، بچي فقير جي پلاٽ جي جنڊي ۾ هيو. ڀٽن واري کوهي ۽ گهانگهرن واري واٽ، اوڀر ۾ هيس. اڱڻ تي سرينھن جا وڻ هيا. جن جي ڇانئن ۾ ڪچھري لڳندي هئي ۽ پتي راند هلندي هئي. حاجي ڪوڙي ميربحر، پريي ميربحر ۽ رسولي ميربحر، بعد ۾ هٽ کوليا. رسولو نواب شاهه لڏي ويو ۽ هٽ بند ٿي ويس. نبوءَ وارو هٽ سندس حياتيءَ ۾ بند ٿي ويو هيو. پريي ميربحر وارو هٽ، سندس پٽ غلام حيدر هلائيندو ھيو. غلام حيدر جي وفات بعد، ھاڻي ان جو اولاد ساڳيو ھٽ ھلائي ٿو. ڪن گهرن ۾ عورتون به هَٽَ هلائينديون هيون.

دودو ڀٽ به جوانيءَ ۾ ڪوپو جوان هيو. وڏو هٽو ڪٽو هيو. ڀَٽُ فقير هئڻ ڪري، ملهه ڪين وڙهيو. باقي طاقت ۾ وڏن ملھن کان سٻر هيو. هڪ دفعي پيءُ جي زور ڀرڻ تي، ٿـڙڪندي ٿـڙڪندي ميدان تي لٿو پر اڳئين ملھه جي سندري ۾ اهڙو سُڪ هٿ وڌائين جو نئين انگوڇي جو سندرو ٻه اڌ ٿي ويو. جنھن کان پوءِ ڪڏهن ملھه ڪين وڙهيو. باقي ٻن چئن کي هٿ ڳنڍائي ملھه لاءِ وڏيون هُشڪريون ڏئي ڄاڻندو هيو. ڦٽاڪن واري عيد تي، وڏيرن جي گهر ڀرسان واڙ ۾ رکيل وڏي ڊگهي لوهي سيخ ۾، ڄاٽي ٺاهي کڻي هلندو هيو. جيڪا ڪريمداد جي اوطاق وٽان کڻي، لاکا روڊ واري رستي تي، ريل جي ڦاٽڪ تائين پڄائيندو هيو. عيد جي رونشي ۾ هر ڪو ڦٽاڪا ڇوڙيندو؛ “عيد عيد ڄاٽي، ڪافر جي ....  ڦاٽي” ۽ “عيد عيد مشالو، ڪافر جو منھن ڪارو” جا نعرا هڻندو هلندو هيو. اها گرم ۽ ڳري ڄاٽي کڻي هلڻ ۾، دودو ضرب المثل ٿي ويو هيو. ڪير به ڪنھن ڳالھ جي حام هڻندو هيو ته کيس ٽوڪ طور چيو ويندو هيو؛ “آهين به مڙس دودو؟!”

جڏهن رمضان ڀٽ، اسانجي ڳوٺ ۾ لڏي آيو، تڏهن کيس سڱ ڏنائين ۽ اولاد وارو به ٿي پيو. ان کانپوءِ اڳ ٻين جي ٻارن جا ڳٽا پٽيندو هيو. ڳوٺ ۾ اهڙا چار ماڻھو ٿي گذريا آهن، جن کي پراون پٽن جا ڳٽا پٽيندي مزو ايندو هيو. چمي ڏيندي يا چڪ پائيندي، وات گگ سان نه ڀربو هين. هڪڙو هيو دودو ڀٽ، ٻيو خدا بخش عرف خدو سھتو، ٽيون وريو سھتو، چوٿون شفو ٻوڙو. سواءِ خدوءَ جي، باقي الله کي پيارا ٿي ويا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي، جڏهن کين اولاد ٿيو ۽ ٻيو ڪير ڳٽا پٽيندو هين ته چڙي پوندا هيا. شايد پنھنجي نيت، اکين اڳيان ڦرندي هئن. سمجهندا هيا ته ٻيا به سندن پٽن جا ڳٽا ساڳيءَ نيت سان ٿا پٽين. ٻيا ته فقط بدلي جي نيت سان، سندن ٻارن جا ڳٽا پٽيندا هيا. دودو ڀٽ، ڳٽن پٽڻ مھل وٺي رڙيون ۽ ڪوڪريا ڪندو هيو. جنھنڪري ڇوڪرا سندس موجودگيءَ ۾ روڊ تي چڙهندا ئي ڪين هيا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪائنچ جو اڳٺ ڇوڙي، وڌائي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيندو هيو. يا هٿ پوئتي ورائي، ان سان ٻڌي ڇڏيندو هيو. سندس اهڙي جُٺِ کانپوءِ، وڌ ۾ وڌ جيڪڏهن خائف رهيو ته نجب رهيو. نجب سھتو غريب جو ٻار هيو. ننڍڙي هوندي ڪارڙو ٽيٽھر جھڙو هيو. حرڪتي به ڏاڍو هيو. دودي تي جڏهن نظر پوندي هيس ته تيور ڦري ويندا هيس. روڊ تان ائين غائب ٿي ويندو هيو جيئن ڳئونءَ جا مٿيان ڏند. هاڻي به دودي جو نالو کڻڻ سان لڱ ڪانڊارجي ويندا اٿس.

هن وقت نجب، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري آهي. فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ به رهيو. سول انجنيئرنگ ۾ بي. اِي به ڪيائين. ننڍي هوندي وڏو حرڪتي هوندو هيو. ٻاهر ٻارن سان وڙهندو هيو ته ڊڪي وڃي سندن گهرن جا دلا ڀڃندو هيو. گهڙا-منجهيءَ تي رکيل سمورا مٽ ۽ دلا، سرن سان ڀڃي، ڀڄي ويندو هيو. هڪ دفعي، سندس پڦڙ ڏني سھتي جي پٽ، ٻاهر مار ڏنس. انھن جي گهر ۾ دلا هيا ئي ڪين. ٻيو ڪونه پڳس، جهول مٽيءَ جو ڀري اچي، چلھ تي چڙهيل ڪُنيءَ ۾ وڌائين. ويچارا ٻوڙ به ٻارهين مھيني چاڙهيندا هيا. ان ڏينھن شاخ مان کڳو ماري آيا هيا. سو به حرام ڪري ڇڏيائين. پوءِ ته ڏني ڇتي جي سڄي آڪھ اچي ڪٽڪو چاڙھيس. اهڙي سيکت ڏنائونس جو سڄي عمر لاءِ سکي ويو.

چاچي گل فقير جي هٽ تي، ساڻس شانائتي نموني ۽ فضيلت سان ڪچھري ڪندي، پنھون خان گهانگهري کي ڏٺم. پنھون خان گهانگهرو سنڌ جي اڳوڻي وزيراعلى ايوب کھڙو جو پرسنل سيڪريٽري رهيو هيو. علي ڳڙهه مان بي.اي ڪئي هئائين. جڏهن بي.اي ڪري موٽيو ته الائي ڪيترا ماڻھو ريلوي اسٽيش تي کيس ڏسڻ/وٺڻ ويا هيا. اسان جي ڳوٺ ۾، خاص ڪري گهانگهرن ۾، اهو پھريون ماڻھو هيو، جنھن بي.اي ۽ سا به علي ڳڙهه مان ڪئي هئي. تمام غريبي حال ۾ پڙهيو هيو. چندا ڪري، ڀاڙا ڀتا ڪري علي ڳڙهه پھتو هيو. ڳوٺ ۾ ڀاڻس قادر بخش به رازڪو ڪم ڪندو هيو.

گهانگهرن ۾ پنھون خان ڄڻ کري پيو هيو. ڇو جو وڌ ۾ وڌ اهو ئي ماڻھو سڌريو، وڌيو، ترقي ڪيائين. خيرپور جي شيخن مان شادي ڪيائين. جڏهن گاديءَ جو هنڌ، ڪراچيءَ مان لاهور کڄي ويو ته نوڪري ڪرڻ ڏکي ٿي ويس ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ئي نوڪريءَ تان رٽائر ڪري آيو. لطيف آباد، حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سنڌي- مھاجر وارو فرق ڪين هيو. نه جهيڙا هيا، نه نفرتون هيون، مھاجرن سان مٽيون مائٽيون ڪيائين. ڌيءُ به ڏنائين، پُٽَ به پرڻايائين. هڪڙو پٽ ڊاڪٽر خالد، آمريڪا ۾ مقيم (Settle) اٿس. هڪڙي ڌيءُ لنڊن ۾ مقيم اٿس. هڪڙو پٽ شميم، واپڊا ۾ انجنيئر هيس ۽ رٽائر ڪيو اٿائين. هڪڙو پٽ ڊاڪٽر جاويد ھيس. جيڪو چمڙيءَ جو ماهر ڊاڪٽر هيو. ايل ايم سي ۾ پروفيسر هيو ۽ هيرآباد روڊ تي نور محمد هاءِ اسڪول واري هاسٽل ڀرسان ڪلينڪ ھيس. ڪراچيءَ  ۾ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويو. پنھون خان جيئرو هيو ته مھيني ماسي ڳوٺ جو ڀيرو ڀريندو هيو. سندس وفات کان پوءِ يا ڀاڻس قادر بخش جي وفات کان پوءِ فقط ڊاڪٽر جاويد زمينن جي معاملي ۾ هڪ اڌ دفعو ڳوٺ آيو نه ته ٻيو ٿيو خير. ڊاڪٽر جاويد، سمورا معاملا ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري جي معرفت ئي حل ڪرائي وٺندو آهي.

ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو، مھراڻ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ اسلاميات جو پروفيسر آهي. کيس ماڻھو ڪرڻ ۾ پنھون خان وارن جو هٿ آهي. ننڍي هوندي وڏو ٽڻڪ هيو. سنڌي ۽ قرآن مجيد، گڏ پڙهياسون. ڏاڍو شرارتي هيو. غفور ماڇي، اسان جي ڳوٺ ۾ مينھن جي کير چاريندو هيو. ان جي آخري پٽ جو نالو به عبدالرزاق هيو. اهو به ساڳئي دور ۾ مدرسي ۾ پڙهندو هيو. ساڳئي نالي سبب، ڪڏهن ڀل سل ٿيندي هئي. ان ڪري ان جو نالو مٽائي ڪٽلي رکيائين. ڪٽلي نالي تي ماڻس، ضمير ماءُ ڏاڍي ناراض ٿي. آخر ڪٽلي، پوءِ اٽلي پوءِ اتلي نالو ايترو ته مٿس پڪو ٿي ويو جو ڳوٺ جي اڪثر ماڻھن کان سندس اصل نالو ئي وسري ويو. حتى ڪه گهر ۾ نه اچڻ ڪري، ماڻس ڳولھڻ لاءِ نڪرندي هئي ته ٻين ٻارن کان پڇائيندي هئي؛ “ابا منھنجو عبدالرزاق ڏٺو؟”

ٻار پڇندا هيس؛ “ماسي ڪھڙو عبدالرزاق؟”

آخر بيزار ٿي چوندي هئي؛ “ابا اهو اتلي ڪونھيم، پٽ منھنجو!”

بھرحال اڄڪلهه جيڪو عبدالرزاق آهي، سو سڌريل عبدالرزاق آهي، ورنه سندس سڪا ساوا نه ٿيا ۽ هنيا سنوان نه ٿيا. خدا هدايت ڪريس، هاڻي ته “قرآن مجيد جا ترجما ۽ تفسير” جي موضوع  تي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ورتي اٿائين. مھراڻ اڪيڊمي وارن اهو ڪتاب ڇپايو به اٿس. ان کان علاوه مھراڻ رسالي ۾ به اڪيچار مقالا ۽ تبصرا ڇپجندا رهندا اٿس. غريب جو ٻار هيو. پڻس، چاچو محمد آچر، ڪنڊيارو هاءِ اسڪول ۾ پٽيوالو هيو. هر هيڊ ماسٽر جي خدمت ڪيائين. صلي ۾ پٽس کي سچل شاهه، اڳوڻي ڊائريڪٽر، ماستريءَ جو آرڊر ڏنو. جنھن کانپوءِ محنت ڪري PCS پاس ڪري ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو. بعد ۾ مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پھتو. جيڪڏهن سڌريل گهانگهرن جو تذڪرو نڪرندو ته پنھون خان کان پوءِ سندس نالو ايندو. ور نه حاجي رموءَ جي اھا ڳالھ به صحيح پئي لڳندي آھي ته؛ “اهو الله سائينءَ جو احسان آهي جو مولانا الياس رحمة الله عليہ محنت ڪري، تبليغ جماعت وارو سلسلو جاري ڪيو، جو اڄ عبدالرزاق گھانگھري جھڙا بشني به بزرگ ٿي پيا آهن.”

محمد رمضان عرف حاجي رمو، حاجي ڪونھي. سنگت کيس، ڪوٺي ڪوٺي حاجي بنايو آهي. ڪريم داد جو چئن نياڻين سان اڪيلو پٽ هو. ننڍي هوندي پيءُ گذاري ويس. يتيم ٿي پليو. سدائين احساس محروميءَ ۾ رهيو. الائي ڪيتريون نوڪريون مٽيائين. ھڪڙيون ڇڏيائين، ٻيون ڪيائين. ڪڏهن سڪرنڊ طرف ٽيوب ويلن تي نوڪري ته ڪڏهن نوبشاهه ۾ سنڌڙي بوڪ اسٽال تي، ڪڏهن دمبالي ۾ آبدار ته ڪڏهن تپيدار، ڪڏهن ماستر ته ڪڏهن ٽريننگ تي. هاڻي، هڻي وڃي هنڌ ڪيو اٿائين. ٻن زالن جو ور هوندي به هيڊ ماستر آهي. پيءُ پڄاڻان، اوطاق ورثي ۾ آيس. سار سنڀال ڪير ڪري؟ صوبيدار عبدالغفور ئي، نوڪريءَ تان لھڻ پڄاڻان اچي ديرو دمايو ھيس. ھن وقت نيشنل ھاءِ وي طرفان روڊ ويڪرو ڪرڻ سبب اوطاق روڊ ۾ اچي وئي آھي ۽ سندس آثار ميسارجي ويا آھن.

صوبيدار عبدالغفور جي بيٺڪ، ڪريمداد واري اوطاق ۾ ئي هوندي هئي. نوڪريءَ دوران ۽ لٿي کانپوءِ به، وڏيءَ حشمت ۽ حياءَ وارو شخص هيو. ۱۹۷۴ع ۾ چوڏهن سون واري لسٽ ۾ کيس به لاهي ڇڏيو هئائون. جڏهن ته کائُو ۽ راشي/ راڙُو نه هيو. جيڪي کائُو، راشي ۽ راڙُو هيا، تن تي ته ڪنھن به آڱر نه کنئي هئي. ڇو جو کائو، کاٽو پٽ پڻ هوندا آهن. سندس حشمت واريءَ انھيءَ ڳالهه جي تصديق، ۱۹۹۹ع ۾ ٿي وئي. اسان جي کاتي جي اسسٽنٽ انجنيئر، شبير شاهه جو والد گذاري ويو. منھنجي پوسٽنگ ان وقت حيدرآباد ۾ ورلڊ بئنڪ پراجيڪٽ ۾ ھئي. اتان ھڪ ڏينھن نوابشاھ ڀرسان ھڪ ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي وزٽ ھئي. شام ڌاري موٽندي شبير شاھ سان عذر خواهيءَ لاءِ، کيبرن کان لڙي اڏيري لال پھتس. اوطاق کولائي ويٺاسين. سندس ماما پڻ آيا. دعا گهرڻ پڄاڻان، تعارف ڪرائيندي کين ٻڌايائين؛ “هيءُ سائين سھتو آھي ۽ صوبيدار عبدالغفور سھتي جو مائٽ آهي.”

“عبدالغفور سھتي جو مائٽ!” رڙ ڪري ٻئي سيد، مئي جي پاٿاريءَ تي اٿي بيٺا ۽ ٻيھر ڀاڪر پائي مليا. “سائين! عبدالغفور جھڙا مڙس ڪٿي؟”

مار! ڇا ته مڙس هيو. ڪاڏي ۱۹۷۴ع ڪاڏي ۱۹۹۹ع. جڏهن ته پاڻ اڏيرو لال ۾، لھڻ کان گهڻو اڳ تعنيات هيو. اڄ جي صوبيدار کي مھينو گذرڻ کانپوءِ، ٿاڻي جا سپاهي به نه ٿا سڃاڻن.

کيس ٻار، بابا ڪوڪ وارو ڪوٺيندا هيا. ٻارن ۽ وڏن سان ڏاڍي سٺي سلوڪ/ ورتاءَ سان پيش ايندو هيو. ڳوٺاڻي سياست تي وڏا بحث ڪندو هيو ۽ ماڻھن کي ڏاڍا ڏاهَه جا ڏس ڏيندو هيو. اليڪشن ۾ بيٺو هيو. کٽيائين ڪونه پر هڻي مڙسن جا پگهر ڪڍي ڇڏيائين. آخر دم تائين غريبن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ۱۹۸۱ع ڌاري، مري به غريبن جي غم سبب ويو.

تن ڏينھن ۾، ڳوٺ جو ٻيو به صوبيدار هيو جيڪو کانئس ڏهڪاءَ ۾ وڌيڪ هيو. سندس بيٺڪ، ڄام لطف الله واريءَ اوطاق ۾ هوندي هئي. سوين ماڻھو سندس ڪچھريءَ ۾ ايند اهيا ۽ بڙ جي ڇانءَ ۾ ڇانيا پيا هونديا هيا. ڳوٺ ۽ تر وارن سان وڙ ڪرڻ سندس نيم هيو. پاڙي اوڙي جو ننگ ۽ حيا داري وڏي هيس.

چورن ۽ لوفرن لاءِ پويون ڏينھن هيو. ڳالھائڻ وقت، ڄڻ ڪنڌ ۾ ڪِلي هوندي هيس. چور/ لوفر، ڪرونڊيءَ ۾ گم ٿيو هجي يا ميھڙ ۾ لڪو هجي. مانجهند ۾ مئو هجي يا غيبي ديري ۾ ٿميو هجي. کيس ڳولڻ ۽ پڪڙي حڪومت حوالي ڪرڻ، سندس ڏائي هٿ جو کيل هيو. سيکاٽ ٿاڻو هجي يا بائو ديرو. غريب جي ڌيءُ کڳي، سومر جي پيرن کي باهه لڳي. جيستائين نه موٽي، چڱن ڀلن جا پٽڪا پيرن ۾ پيا ليٿڙندا. وجهندو به چڱن جي چوٽيءَ ۾ هٿ هيو. حيدرآباد ۾ دستگير ڪالونيءَ ۾ فاروق ميمڻ صاحب سان منھنجي سنگت ھئي. شام ڌاري ڪچھري لڳندي ھئي. ھڪ ڏينھن ڪچھريءَ ۾ ان ٻڌايو؛ بدين جي هڪڙي سيد لاءِ، هڪ غريب بيواه عورت، سومر وٽ ٿاڻي تي دانھين آئي؛ “فلاڻي سيد، منھنجي نينگري ناحق کڻي حويليءَ ۾ ويھاري آهي.” انھيءَ تي سومر چيس؛ “مائي! ماري ڇڏيئي! يا اهو سيد رهندو يا سھتو. اڄ ٻنھي مان هڪڙي جو سِر ضرور کڄندو”. پوءِ ان همراهه کي بدين جي بازار مان، گوڏ گنجيءَ ۾، گھلي ٿاڻي تي آندو هئائين. ڪنھن جي به سفارش نه ٻڌائين. ڇوڪري ماءُ حوالي ڪري، پوءِ جوابدار مان هٿ ڪڍيائين ۽ سنگت ساٿ سان ڪچھريون ڪيائين.

ڳوٺ جو ماڻھو ڪھڙي به وقت، ڪھڙي به ڪم لاءِ پھچندو هيس ته پيرين اگهاڙي نڪري ايندو هيو. پھرين ماني، پوءِ ڪم، ان کان پوءِ حال احوال پڇندو هيس.

ايوب جي دور حڪومت ۾، سرڪار کي خيال ٿيو ته هاريءَ کي حقدار کان ڌار ڪجي. هارين کي نجي طور ٻنين جا ٽڪرا ڏنا وڃن ته جيئن پنھنجي منھن ڪاهي، ٻئي مٿا کڻي سگهن ۽ وڏن زميندارن جي ٺٺ ٺٺوري بند ٿي وڃي. ان وقت خيرپور ڊويزن جو ڪليڪٽر مسعود نبي نور هيو. جيڪو ان سلسلي ۾ ڳوٺن ۾ ڪچھريون ڪندو، اسان جي ڳوٺ ۾ اچي پھتو هيو. ڄام لطف الله جي اوطاق ۾ ماڻھن کي سڏي گهرايو ويو هيو. اڳيان موڙن ۽ ڪرسين تي زميندارڙا ويٺا هيا. ان کان پويان کٽن تي هلڪا ڦلڪا زميندارڙا ۽ واٺا ويٺا هيا. ٻيا هاري ناري ۽ ڪت خلق، پٽ تي ۽ واٽر ڪورس جي ڪپن تي ويٺي هئي.

“حڪومت جي مرضي آهي ته ٻه چار ٻارا، هارين کي ڏجن ته اهي پنھنجي منھن ڪاهين”. مسعود ڪليڪٽر، عام ماڻھن ڏانھن متوجه ٿيندي چيو؛ “توهان صلاح ڏيو، اها حڪومت جي پاليسي، ڪيتري قدر صحيح آهي.”

هڪڙي زميندار چيو، “سائين هاري ويچارا غريب آهن، اهي ڪٿان ٻج ڪلر وجهندا ۽ ڪٿان ڍلون ڀريندا”.

“ائين ته ممڪن ئي ناهي”. ٻئي زميندارڙي وٽ وراڻ ڪندي چيو.

اها ڳالهه ئي زميندارن/ وڏيرن خلاف هئي، سي ڪيئن ٿا حامي ڀرين. ان تي مسعود ڪليڪٽر پاڻ ٻڌاين؛ “مان هڪڙي ڳوٺ وٽان لنگهيس پئي ته هڪڙي هاريءَ تي نگھه پئي، جيڪو واٽر ڪورس ۾ اگهاڙو وهنجي رهيو هيو. سندس ڪپڙا، ڪپر تي سڪي رهيا هيا. پاڻيءَ ۾ ويھي ڪپڙن سڪڻ جو انتظار ڪري رهيو هيو. مون کانئس پڇيو؛ “رڳو پاڻيءَ ۾ ويٺو آهين، ٻاهر ڇو نه ٿو نڪرين؟!” ٻڌايائين؛ “ڪپڙن جو اهو ئي وڳو آهي، سڪڻ کانپوءِ پائڻو اٿم. تنھن ڪري پاڻيءَ ۾ لڪيو ويٺو انتظار ڪيان”. مٿان پڇيومانس؛ “ڀلا تنھنجي گهر واريءَ کي گهڻا وڳا آهن؟” وراڻيائين؛ “ان کي به جان وارو وڳو آهي.” پڇيومانس؛ “اها ڪيئن ڌوئي؟” سمجهائيندي چيائين؛ “اها به ائين ئي ڌوئي. کٽ تي رلي رکي سڪڻ جو انتظار ڪري، يا پراڻو سراڻو ڪپڙو جان تي ڪري ويھي. اسان غريب، ائين ئي وقت ٽپائيندا آهيون.”

اها ڳالهه ٻڌائڻ کانپوءِ ڪچھريءَ ڏانھن متوجہ ٿيندي پڇيائين؛ “ادا! هارين ويچارن جا حال خسته آهن، سندن مدد ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟! آهي ڪو صلاح ڏيڻ وارو؟!”

سمورن وڏيرن کي، نانگ سنگهي ويو هيو. مجال آهي جو ڪنڌ به چرين/ زبان هلين. چُپ ٿي وئي. انھيءَ تي مسعود صاحب، وري هارين ڏانھن متوجہ ٿيو؛ “توهان ٻڌايو ته هاري گذارو ڪري سگهندؤ؟”

سمورا هاري ويچارا به وڏيرن جي موچڙن سٽي خلق وانگر ڇڙهه رهيا. زميندارن جي وڏيرپ وڃڻ ۽ موٽ ۾ ملندڙ سندن غضب سبب چپ ئي رهيا. ڪليڪٽر ٻيھر پڇين. زور ڀرڻ تي فقط هڪ ئي هاريءَ ڪچھريءَ مان ڳالھايو. اهو هيو منھنجو پيءُ، فقير محمد بچل سھتو. وڏي جرائت ڪري ڳالھيائين؛ “صاحب! هاري گذارو ڇونه ڪري سگهندا؟ جيڪي هڪڙي وڳي ۾ وقت گذاري سگهن ٿا، سي زمين تي ٻن ٻارن هوندي، زندگي ڇونه گذاري سگهندا؟ غربت کان ٿورو ڏاڪو مٿي چڙهندا ته ڇونه گذارو ڪري سگهندا؟”

“ڪيئن ڪري سگهندا؟” ڪليڪٽر پڇيس؛ “اهو اسان کي سمجهاءِ”

بابا کيس سمجائيندي ٻڌايو؛ “صاحب! مان غريب هاري آهيان. وڏيري حاجي ڪنڍي گهانگهري جي، هن سال زمين ڪاهي هيم. وونئڻ پوکيم. کائڻ لاءِ گهر ۾ ڪي ڪين هيو. سيٺ مشرف وٽ ڪنڊياري ۾، ويھين روپئي مڻ تي، پنج مڻ ڦٽيون ٻولي آيس. سؤ روپيا مليا. سورنھين روپئي مڻ تي پنج مڻ ڪڻڪ ورتم. لوڻ مرچ لاءِ ويھه روپيه بچيا. اسان هاري ائين گذارو ڪندا آهيون.”

“ها! ائين ته گذاري ٿي سگهي ٿو.” ڪليڪٽر صاحب اچرج کائيندي پڇيس؛ “پر ٻچ ڪلر، ڍل وغيره ڪيئن وٺندو؟”

“اهي به ائين ئي”. بابا کيس سمجهائيندي چيو؛ “فصل پوکڻ کان اڳ فصل جو ڪاٻارو ڪنداسين. هاڻي به ٻج ڪلر، اڌ اسان هارين تي آهي. وڏيرا سمورا ڀريندا آهن ڇا؟ ڍل جو به اڌ ٿا ڀريون. هر ته سڄو ئي اسان تي آهي. سرڪار کان مليل زمين ڇو نه سنڀالي سگهنداسين؟ غريب پھرئين ڏاڪي تي بيٺل آهي. ٻئي ڏاڪي تي پھچندو ته خوش ٿيندو. زميندار سؤ ڏاڪي تي بيٺل آهي. اهو جيڪڏهن هڪڙو ڏاڪو لھي، نوانوي تي پھچندو ته روئندو. چوندو؛ هڪڙو ڏاڪو ڪري پيم. اهو ڪونه سوچيندو ته نوانوي ڏاڪي تي بيٺو آهيان. پنھنجي ۽ هاريءَ جي وچ ۾، گهٽيل ڏاڪن کي ڏسي پيو ڏرندو. سرڪار جي انھيءَ ڳالهه سان وڏيرا ئي متفق نه ٿيندا. باقي هاري ڇونه ٿيندا.”

بھرحال گهڻو بحث هليو. آخر ۾ گاڏيءَ ۾ چڙهڻ وقت، سڀني کان موڪلائيندي ڪليڪٽر صاحب، بابا کي چيو؛ “فقير! مان تنھنجي ڳالھين کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان. تون مون وٽ اچ، تو لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بلو ڪندس.”

“سائين تو تائين پھچڻ ته پوءِ جي ڳالهه آهي.” بابا وڏي واڪ، بيباڪ ٿي ٻڌايس؛ “هتي ئي وڏيرا، منھنجو بُج بُج ڪري ڇڏيندا. تو تائين پھچڻ ڇو ٿا ڏين.”

“نه نه! ڇو تنگ ڪندا!” ڪليڪٽر حيران ٿيندي پڇيس؛ “ڇو ڪندا؟ سرڪار ڏئي ٿي، سندن گهران ڇا ٿو وڃي جو تو کي تنگ ڪندا.”

“ابا! ڀانڊاري  ته ڀڄين ٿي. وڏيرو ڪيئن سھندو ته ڳوٺ ۾ مون جھڙو ٻيو به هجي يا منھنجو جيسي به هجي.” بابا سمجهائيندي چيس؛ “باقي اتي تو وارا پٽيوالا ئي تنھنجي آفيس ۾ ڇڏڻ کان اڳ، ڪتن وانگر ڏهڙي رکندا. هروڀرو ڪرايا ڀاڙا ڪري، ڪپڙا لٽا ليڙون ڪرايان، تنھن ڪري ڏيندو الله، جيڪو اڄ تائين ڏيندو آيو آهي.”

“بھرحال وري به اميد الله ۾ آهي.” ڪليڪٽر تاڪيد ڪندي چيس؛ “تون اچجانءِ ضرور.”

اٺن ڏينھن کانپوءِ، سومر صوبيدار ڳوٺ ۾ آيو. مٿينءَ ڪچھريءَ ۾ ٿيل گفتگوءَ بابت، چمچن سندس ڪن ڀري ڇڏيا هيا. جيئن ئي سڄي ڪچھري متي، هاري ناري جمع ٿي ويا ته هلندي ڪچھريءَ ۾، موڙي تان ويٺي، هڪڙي اک ٻوٽي، ڪنڌ ۾ ڪلي تاڻي، سومر صوبيدار پڇيو؛ “اڙي! ڪليڪٽر صاحب کي ڪنھن جواب ڏنا هيا؟!!”

“سائين! ٻئي ڪنھن ڪونه ڳالھايو هيو.” ٻيلين ۽ چاپلوسن کيس ٻڌايو؛ “فقط بچي فقير کيس جواب ڏنا هئا.”

“اڙي! تنھنجي اها مجال جو اسان جو هاري ٿي ڪري، اسان جي اوطاق ۾ ويھي، اسان جي خلاف ڪليڪٽر کي کتا جواب ڏنا اٿئي.” سومر ڪاوڙ مان سونڊ وجهندي، بابا ڏانھن چنجھي اک ڪري چيو؛ “ڀانڊي واري زمين کي گهڻا هر ڏنا اٿئي؟”

“هڪ به نه!” واٽر ڪورس جي ڪپ تي، ڪانڀ ڪڍي، ويٺي ويٺي بابا رکو جواب ڏنس.

“ڇو؟” سومر خار مان پڇيس؛ “اڙي ڇو؟”

“منھنجي مرضي آهي!” بابا به خار مان رکائيءَ سان جواب ڏنس؛ “ڪمائيندس ته کائيندس، نه ڪمائيندس ته بک مان مرندس!”

“پوءِ زمين ڦٽي ڪر!” ڪڙڪي سان چيائين.

“منھنجي مٿي تي پئي آهي جو ڦٽي ڪيان.” رکائيءَ  مان ورندي ڏيندي چيائين؛ “پئي ٿي وڃي کڻ!”

“اڙي! ڳالھائين ائين ٿو ڄڻ ته لک گهر ۾ پوريا پيا اٿئي يا صفا سڃو آهين.”

“منھنجا لک مون وٽ. منھنجي سڃائي مون سان، تون ڊڪ! وڃي زمين کڻ، متان سج لھي وڃئي.” بابا ترش ٿيندي چيس.

انھن لفظن تي، سومر صوبيدار کي ڏاڍا مرچ لڳا. خار مان الريو ئي مس ته پريان چاچو ڪريمداد سر جو اڌڙ کڻي مٿس ڀڳو آيو. گار ڏيئي چيائينس؛ “متان فقير تي هٿ کنيو اٿئي. هٿ ڪپي ڇڏيندوسانءِ. مغز واري سر اهڙي ايندئي جو رت ڪتا نه چٽيندءِ. اهي ٿاڻي تي، جيلن ۾ قيدي ماري ڏٺا هوندئي. هتي ڪنھن سھتي تي آڱر کنيئي ته دوڏا ڪڍي ڇڏينداسين.”

ننڍڙا وڏيرڙا به سھتا هيا. هڪ ٻئي سان ٿورا گهڻا سڱ ملي پئي آين. سو ڪريمداد کي جهلي ته ڪير جهلي؟ ڪنھن جي مجال نه ٿي.

سومر سڄي فضا ڦرندي ڏسي، ويھي رهيو ۽ چيائين؛ “اڙي! هيءُ ڇا ٿا ڳالھايو!”

“ڳالھايو جا پٽ!” ڪريمداد رڙ ڪري چيس: “اڙي تو سمجهيو پاڻ کي ڇا هي؟ هتي به تنھنجو ٿاڻو ٿو هلي ڇا؟ ڳوٺ ۾ به تون اسان لاءِ صوبيدار آهين ڇا؟ اڃا هاڻي پاڻي ڀرڻ بند ڪري نوڪريءَ تي چڙهيو آهين. تو کي ڳوٺ جو ماڻھو ڪير نه سڃاڻي ڇا؟”

چاچي ڪريمداد اڃا به جذباتي ٿيندي چيس؛ “ڪو به سھتو، اڄ کان پوءِ تنھنجي زمين ڪو نه ڪاهيندو. ڏسان ته ڪھڙو ٿو سھتو، تنھنجي زمين ڪاهي؟” وري ويٺلن ڏانھن رخ ڪري چيائين؛ “اڙي اٿو! جيڪي به سھتا آهيو، اٿو!”

ڪريمداد، سھتن کي اٿاري وٺي ويو. اوطاق اڌ ٿي وئي. ڄام لطف الله جي اوطاق جو اوج، ان ڏينھن کان ٽٽي ويو. نه سندس زمين تي ڪو سھتو هاري ٿيو، نه ئي وري سندس سڏ تي ڪو سھتو ڪنھن فيصلي لاءِ ويو.

ڪريمداد سھتي کي بابا، بي ڊي اليڪشن ۾ ڄام لطف الله جي مقابلي ۾ بيھڻ لاءِ همٿايو هيو. پاڻ به تائيد ڪئي هئائين ۽ حاجي سھتي کان به ڪرائي هئائينس. حاجي سھتي کي سومر صوبيدار وارن، زمين لکي ڏيڻ واري لالچ ڏئي، تائيد تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر ريھي ريبي بابا ئي کيس وٺڻ ويو هيو. وڏيري نبن گهانگهري وارا به ڄام لطف الله جا مخالف هئا، تنھن ڪري ڪريمداد کي پنھنجي ڳوٺ کان علاوه تپي/ديھه جي ٻين ڳوٺن جي به حمايت حاصل هئي. هونئن ته غريب مسڪين هيو پر دل جو سخي ۽ غريبن جو همدرد/ هڏ-ڏوکي وڏو هيو. اهو ئي سبب هيو جو هر ڪو کيس ڀانئيندو هيو. زمين وٺڻ مھل، سڏي مفت ٻه آنا يا چار آنا حصو ڏيندو هيس. سپتيئي ماڻھوءَ وانگر، مالدار جي حصي ۾ ڀائيوار ٿيندو هيو. حاجيءَ عيسي جي کيس، اوطاق لاءِ، سنگت ۾ پَٽُ ڏنو هيو. اهو سمورو، سندس خوش اخلاقيءَ سبب هيو. ووٽن ۾ سندس نشان وڻ هيو ۽ وڏيري لطف اللھ جو جھاز هيو.

سومر صوبيدار، ووٽن واري ڏينھن پاڻ اچي، پيٽين مٿان ويٺو هيو. ڳوٺ جي سھتن جي به مرضي نه هئي ته وڏيرو هارائي. سومر الائي ڪيترا ڪوڙا ٺپا جھاز کي هڻايا. وڏيءَ ڌانڌليءَ جي باوجود، ڪريمداد پندرنھن يا ويھن ووٽن تان هارايو هيو. ايڏو مقابلو ڪريمداد جي توقع کان ته وڏو هيو پر وڏيري نبن گهانگهري کي ڏندين آڱريون اچي ويون. چي؛ “اسان کي خبر هجي ها ته مقابلو ائين ٿيندو ته پاڻ اچي ويھان هان ۽ ڪوڙا ووٽ هلڻ نه ڏيان ها! لطف الله جو سڄي عمر لاءِ پتو ڪٽجي وڃي ها.”

کٽڻ جي باوجود، وڏيرن کي دلي سڪون سڄي عمر لاءِ نه رهيو. ان کان پوءِ پنھنجي زمينن ۾ هارين جي طور تي جوڳين ۽ پنجابين جا ڳوٺ ٻڌرايائون. انھن جا ووٽ داخل ڪرايائون. تنھن هوندي به هر اليڪشن ۾ ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ جتيون گسائڻيون پونديون اٿن ۽ وڏي سھڪ سھڪان هوندي اٿن.

وڏيرن جي اوطاق جو ڦيٽھڙو، ان ڏينھن به ٿيو. جنھن ڏينھن عبدالله گهانگهري جو خون ٿيو. ان خون جي نحوست سان سھتن ۽ گهانگهرن ۾ پوريءَ طرح ڦوٽ پئجي وئي. هونئن مرني جا مفاد گڏيل هئا. هڪ ٻئي سان شاديءَ غميءَ ۾ اٿندا ويھندا هيا. ڳوٺ راڄ جي حساب ۾ اڄ به اٿندا ويھندا آهن پر ڄام ڳوٺ جي تاريخ ۾ اهو پھريون خون هيو، جنھن جي نحوست جا اثرات اڃا تائين ڪارن ڪڪرن جي صورت ۾، ڳوٺ مٿان ڇائنيل آهن.

ٿيو هيئن جو ڀيماڻين (گهانگهرن جو پاڙو) ٻين، ٽن ڳوٺن جي بندوقچين، پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته سوئر جو شڪار ڪجي. هڪڙيءَ چانڊيوڪيءَ رات جو، ٽارچون ۽ بندوقون ساڻ ڪري شڪار لاءِ آيا ته سوئر ٿم ۾ لڪي ويو. هاڻي شڪار ڪيئن ٿئي؟ ٻن چئن همراهن کي، تڙ لاءِ ڀڏي ۾ لاٿائون. ڀڏي ۾ چيلھه جيڏو پاڻي هيو ۽ گهاٽي ڏير (ڪَلُ/ پن) هئي.

لٿل همراهه، شڪار جي تـڙ کان نااميد ٿي موٽيا ته ٻيا ٻه ٽي همراهه اڳ ۾ نڪري آيا. عبدالله گهانگهرو پوئتي رهجي ويو. مٿي بيٺل شڪارين، نڪتل ماڻھن جو تعداد سنڀاليو ڪو نه. پوئتي رهجي ويل مڙس، کانئن وسري ويو. سمجهيائون ته پوئين کڙ کڙ، شڪار جي آهي. گيڙ بگيڙو ۽ هڻ هڻ جا آواز ٿي ويا. دڦ تي بندوقون ڇٽي ويون. مڙس اندران رڙيون ته ڏاڍيون ڪيون، پر جيڪي ٿيڻو هيو سو ٿي ويو. ڦَٽيل حالت ۾ مڙس ٻاهر نڪتو پر بچي نه سگهيو. بندوقون گهڻن ڇوڙيون ھيون، الزام سھتن تي اچي ويو. سندس هڪڙو مائٽ گونگو هيو، جيڪو نه ڪنھن جي ٻڌي نه ڪنھن جي سمجهي، تنھن ته نئشنل هاءِ وي جي ٽريفڪ اڌ ڏينھن لاءِ بيھاري ڇڏي. پوليس ته پھرين پھتي هئي. ڪيس هليو. جن سھتن تي الزام هُيو، تن کي ست سال ٽيپ اچي وئي.

گهانگهرا ۽ سھتا عيد نماز الڳ پڙهڻ لڳا. گهانگهرا، جمعو ڪنڊياري پڙهڻ ويندا هيا. بعد ۾ جڏهن سھتن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيا ته ٻاهر روڊ تي مدينه مسجد تعمير ٿي. هڪڙو سال گهانگهرن اتي عيد نماز پڙهي. ٻئي سال کان وري الڳ عيد نماز پڙهڻ لڳا. هاڻي ڳوٺ ۾ ٽي عيد نمازون ۽ ٻه جمعا ٿيندا آهن. جڏهن ته مذهبي فرقه بندي ڪا به ڪانھي. فقط ذاتي عداوت ۽ عناد جي ڪري. وڏيرن جي اوطاق تي ويھڻ ڇڏي، عام ماڻھن شاخ واري موريءَ، گل فقير واري هٽ/ هوٽل، ڪريمداد واري اوطاق ۽ حاجي ڪوڙي ميربحر جي دڪان تي ويھڻ شروع ڪيو. نئشنل هاءِ وي ٺھڻ سبب، سواءِ حاجي ڪوڙي جي هٽ جي، سمورا ٿاڪ ڦٽي چڪا آهن. اوطاق وارو ڪلچر ختم ٿي چڪو آهي. مھمان/ مسافر اچڻ تي، ميزبان وتندو آهي مسيت جا پاسا تاڙيندو.

هن وقت روڊ جي مٿان، ڳوٺ واري  پاسي کان چڱا دڪان آهن. حميد ٻيلائيءَ جي پٽن جو، شبير فوجيءَ جو، صديق جي پٽ ايوب جو، پريي ميربحر جي پوٽن يا غلام حيدر جي پٽن جو، منھنجي سؤٽ مرھيات وريي جا ٻه دڪان، رمضان ڀٽ جي پٽن جو، غلام حيدر ڀٽ جي پٽن جو، نبن ڀٽ جي پٽن جو، دودي ڀٽ جي پٽن جو ۽ حاجي ڪوڙي ميربحر جي پٽن جو.

حاجي ڪوڙو ڪوري، بيمار رهڻ پڄاڻان گذاري ويو. ڳوٺ جا ميربحر ڳوٺ ۾ ڪوري به سڏبا آهن ته ميربحر به. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ قريشي سڏائيندا هوندا. جيئن ڳوٺ جا ماڇي ڳوٺ ۾ ماڇي، ڪنڊياري ۾ شيخ ۽ شاهپور چاڪر ۾ سولنگي سڏائيندا آهن. حاجي ڪوڙو، ميربحر يا ملاح ئي سڏائيندو هيو. ڀاڻس محمد بخش ملاح،  ڪنڊياري وارو دڪان وڪڻي، ڳوٺ واري جاءِ کپائي نواب شاهه لڏي ويو آهي. سندس ڀيڻيويو ۽ وڏيءَ زال جا پٽ به نواب شاهه لڏي ويا آهن. پاڻ، لڏڻ ۽ لڏي وڃڻ واري ڳالهه تي ڏاڍو ڪاوڙبو هيو. جوانيءَ ۾ سرون ڪاهيائين، ٻيڙيون ٻڌائين، حجامت ڪيائين، محنت ڪري دڪان ٺاهيائين. دڪان جي ڪمائيءَ مان حج ڪيائين. ٻي شادي ڪيائين، پٽ پرڻايائين، جاءِ جوڙايائين. محتاجيءَ کان بچيل رهيو. وقت تي مون جھڙن کي اوڌر پاڌر به ڏيندو هيو. ڪچھريءَ جو مور هيو. گفتو پڪو ھيس. گٿو لفظ نه ڪڍندو هيو. نه ئي وِيل هيو ۽ نه ئي اکين ٻوٽ. وقت تي وهي ويل ڪرڻ وارو ماڻھو هيو. سھتن توڙي گهانگهرن سان، ڀٽن توڙي ماڇين سان تعلاقات سٺا ھيس. سندس والده به ڏاڍي قربائتي هئي. جڏهن گذاري وئي ته ماين جي وڏي اصرار تي سندس جنازو سھتن جي دوساڻي ويڙهي ۽ نوناري پاڙي ۾ منھن ڏسڻ لاءِ آندو ويو هيو. اُهو فقط سندس قرب جي ڪري هيو.

ائين محنت مزوريءَ مان، پنھنجي اخلاق سان، هيٺان کان مٿي کڄڻ وارو ٻيو به شخص هيو. اهو هيو منھنجو وڏو مامو محمد سچل سھتو. غريب جو ٻار هيو. پيءُ گداگري ڪندڙ هيس. پاڙي جي ٽن گهرن مان خيرات جي ماني ايندي هئي. جيڪا مان پاڻ وٺي ايندو هيس. محنت مزوري ڪيائين. ٻڪريون چاريائين. پوءِ پنھنجون ڌاريائين. ايگريڪلچر کاتي ۾ ڪچو ملازم ٿيو. ڊرائيوري سکي، ڊرائيور ٿيو. نوڪري نه ملي سگهيس. ٽيڪسي هلائڻ شروع ڪيائين. ڀائيچاري تي پراڻي گاڏي ورتائين. ائين محنت ڪري وڌيو. پٽن کي به ساڳئي ڌنڌي سان لاتائين، جيڪي هن وقت ٽويوٽا هائي-ايس گاڏين جا مالڪ آهن. اهي فقط ماما جي سخاوت واري طبيعت جي ڪري هيو. اڻ هوند ۾ به، ڀائرن ڀينرن لاءِ پاڻ پتوڙيندو هيو. سڃائيءَ هوندي به، اسان سندن گهر ۾ رهندا هياسين. جوڳياڻيون گدا ڪرڻ وقت چونديون هيون؛ “اي ڪو بچِل سچِل ڏيو”. هڪ ڏينھن ازراهِ مذاق کين چيم؛ “گهر ۾ ڪمائين ئي اهي ٻه- هڪ بچل ٻيو سچل، توهان کي ڏيون ته اسان ڪاڏي وڃون؟” تنھن تي ھڪ جوڳياڻيءَ منھنجي نانيءَ کي يڪدم چيو؛ “اي سچل ماءُ! ڏس تنھنجو ڏوھٽو اسان کي ڇا ٿو چوي. اسان گداھ ڪرڻ آيا آھيون يا تنھنجي ڏوھٽي جون اھي ڳالھيون ٻڌڻ!”

خدا جي جوڙ آهي، ٻئي خدا کي پيارا ٿي چڪا آهن. بابا ۱۹۸۶ع جي ڊسمبر ۾ ۽ ماما ۱۹۹۴ع جي آخر ۾ هليو ويو. زندگيءَ جو گاڏو پوءِ به گھلجي پيو.

ڳوٺ ۾ موجود پنجن مدرسن مان، وسايي موچيءَ واري مسيت وارو هاڻوڪو آهي، جيڪو ماستر غفار سھتو هلائي ٿو. گهانگهرن واري مسيت وارو اڳڀرو آهي. مدينه مسيت وارو، حافظ احمد عليءَ جي پٽ جي ايڪسيڊنٽ کان پوءِ، گهانگهرن واري مسيت ۾ کڄي آيو ھيو. جيڪو مدينه مسجد اورينءَ ڀر ٺھڻ کانپوءِ، وري منجھس منتقل ٿي ويو آھي. روڊ جي ويڪري ٿيڻ سبب، مدينه مسجد شھيد ٿي وئي. ڳوٺ واري پاسي کان ڄام لطف الله جي پُٽَ، ڄام عبدالڪريم پَٽُ ڏنو، جتي مدينه مسيت جي نئين سر تعمير ٿي آهي. ڄامن واري مسيت ۾ مدرسو نه هيو. ھاڻي سائين دوست محمد جي پٽ عبدالسميع اچي منجھس مدرسو ڄمايو آهي.

چوٿون ۽ اوائلي مدرسو مولانا عبدالخالق ڪنڊيارويءَ واري مسيت وارو آهي. پاڪستان کان اڳ، اتي ملان مسجد اسڪول هوندو هيو. سائين وڏو عرف ميان احمد سھتو، منجهس پڙهائيندو هيو. بعد ۾ ملان مسجد اسڪول ختم ٿيا ته ٻارن کي قرآن مجيد جو سبق سائين وڏو ڏيندو هيو. سائين وڏي جي حياتيءَ ۾ ناظره قرآن پڙهائڻ لاءِ ڪيترا استاد رکيا ويا، ڪو به سال اڌ کان وڌيڪ ٽڪي نه سگهيو. منجهانئن گهڻو وقت، ٽڪڻ وارو فقط قاري منظور احمد ڏنگراج هيو. سائين قاري صاحب ۱۹۵۹ع ڌاري ڳوٺ ۾ آيو. طبيعت ۾ سخت هيو. اڃا شادي ٿيل ڪا نه هيس. ماري به ڄاڻندو هيو ته پاڙهي به ڄاڻندو هيو.

الائي ڪيترن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ناظره سان گڏ قرائت به سيکاريائين. فقھ جي مسئلن جا ڪتاب به پڙهي ٻڌائيندو هيو. قرائت جا مقابلا به ڪرائيندو هيو. گسائڻ تي جن کي مار ڏنائين، سا به تن کي ياد هوندي. مونکي به شروعاتي ڏينھن ۾، گسائڻ تي ڏاڍي ڦيھه ڪڍيائين. مان به سندس مار جي ڊڄ کان سڌريس. نه ته ننڍي هوندي وڏو اڻٽر هيس. ڀڄي ڀڄي ويندو هيس. بابا ڪلھي تي کڻي مدرسي ڇڏي اچي، مان ڀڄي وڃانس. آخر سائين قاري صاحب، حسب واعده سؤ لڪڻ ترين وارا وهائي ڪڍيا. هٿ ئي سڄائي رکيائين. ٽي ڏينھن ته ٽاڪور پئي ڪرايم. پنھنجي هٿن سان ماني ئي نه پئي کائي سگهيس. ان مار جي ڀَوَ کان پوءِ ڪڏهن به گسائڻ جي جرائت نه ڪيم. ڊڄ ۾ ايندو به هيس ۽ پڙهندو به هيس.

جنھن ٻار ۽ ان جي مائٽن، سائين قاري صاحب جي مار برداشت ڪئي ۽ صبرڪيو تنھن ٻار قرآن مجيد پڙهي پورو ڪيو ۽ اڄ تائين نماز/ قرآن پڙهندو اچي ٿو. جنھن سندس مار برداشت نه ڪئي، سو اَرَن مان نڪري ويو ۽ سڌري نه سڌريو. ڪي ٻار ته نَؤد هيا، مار ڏيڻ ته چون ئي نه ڪن، ڄڻ رٻڙ ڇڪي ڦٽو ڪيئي. ڪي وري اهڙا به هيا، جيڪي پھرئين لڪڻ تي؛ “پيشاب ڙي پيشاب!” جون رڙيون ڪندا هيا ۽ جنسي پيشاب به وهي ويندا هيا. جيڪڏهن پيشاب نه وهين ته مسجد جي اڱڻ تي گول ڦيراٽا ڏيندا هيا. اڳيان پاڻ، پويان لڪڻ.

سائين قاري صاحب، قرآن حفظ ڪرائڻ لاءِ، گهڻن تي جتن ڪيا. حافظ، فقط احمد علي سھتو ٿيو. حافظ صاحب بعد ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ مان ايم ايس ڪئي ۽ هاڻي شڪارپور ۾ گرينيولر ڪمپنيءَ ۾ ريجنل مئنيجر آهي. حافظ صاحب، ڳوٺ جو پھريون حافظ هيو. مولانا غلام مصطفى قاسمي چوندو هيو؛ “جيڪڏهن قيامت جي ڏينھن خدا تعالى مون کان نيڪ عمل بابت پڇيو ته پنھنجو شاگرد عبدالڪريم ٻير وارو اڳيان ڪري چوندومانس؛ فقط هيءَ هڪ نيڪي آهي. هن کي شاگرد ڪيو هئم.” سائين قاري صاحب به، حافظ احمد عليءَ جو ائين مثال ڏيندو هيو. قيامت ڏينھن خدا تعالى آڏو، هيءَ هڪ نيڪي پيش ڪندس.

سندس واسطا سڄي ڄام ڳوٺ جي سھتن سان هيا ۽ ھاڻي سندس پٽن جا آهن. سندس ڇڏي وڃڻ کان اڳ، ٻاهريان ماڻھو کيس سمجهندا ئي سھتو هيا. آخر ڌاري پنھنجي اباڻي ڳوٺ وڏا ڏنگراج ۾، نوشھرو فيروز-مٺياڻي روڊ تي مسيت ۽ مدرسو سنڀاليندو ھيو. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ اچي آسيس وٺي ويندو ھيو. سندس پويان، قاري عبدالعزيز گوپانگ مدرسو سنڀاليو پر اها ڳالهه منجهس ناهي. دنيا ڏينھون ڏينھن پوئتي آهي. اهي جُنگ جوان جُوءِ ۾ ناهن، سڄي جُوءِ خالي آهي.

 

نه رهيا وڻ، نه رهيا واهيرا،

ڀڳا ڏار، اڏاڻا هليا ويا ڳيرا.

ليست هناك تعليقات: