11/02/2011
”اڪري!“ چي، ”ڦڪري“
امان الله سومرو جي لکيل ڪتاب “جواب ڏيو” تي تنقيدي نظر- انجنيئر عبدالوھاب سھتو
امان الله
سومرو جي لکيل ڪتاب “جواب ڏيو” تي تنقيدي نظر
انجنيئر
عبدالوهاب سھتو
حيدرآباد جي بازارِ حسين سان
تعلق رکندڙ، ارم عرف ببليءَ واري مشھور ڪيس ۾ ملوث، ميرپورخاص جي مختيارڪار،
ايس.ڊي.ايم ۽ ڊي.سيءَ جي معطل ٿيڻ جي باوجود؛ غير مطمئن، ناراض ۽ احتجاجاً بک
هڙتال تي ويٺل، وڪيل ۽ اوٿ ڪمشنر، امان الله سومرو([1]) جو لکيل ڪتاب، “جواب ڏيو”
تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ڄائم جنھن ڄام ڳوٺ ۾ - انجنيئر عبدالوهاب سھتو
ڄائم جنھن ڄام
ڳوٺ ۾
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
ڄام ڳوٺ، ڄام جو ڳوٺ يا ڳوٺ ڄام
نورالله، ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشھري فيروز ۾، موجوده نيشنل هاءِ وي يا راوڙ واري
قديم رستي تي، ڪنڊيارو شھر جي اوڀر ۾ ۽ سنڌونديءَ جي کاٻي هٿ تي واقع آهي. سنڌو
ندي، اتر-اولھه واري پاسي کان ڏهه پندرهن ميل پري وهي ٿي. ڳوٺ ته پڪي تي آھي پر ڪچو
ويجھو هئڻ سبب، پراڻي زماني ۾ ٻوڏين جو خطرو رهندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪنڊيارو
شھر، درياهي ٻوڏ کان بچڻ خاطر، نوشھري، هالاڻيءَ، ڪوٽڙي ڪبير ۽ شڪارپور وانگر مٿي دڙي يا ٽٻي تي ٻڌل آهي. اها سھوليت، حيدرآباد، سکر ۽ روهڙيءَ کي،
قدرتي طور مليل آهي. جڏهن ته ۱۹۲۸ع واري
وڏي ٻوڏ ۾، چوڌاري بند ٻڌي، ڄام ڳوٺ کي بچايو ويو هيو.