”اڪري!“ چي، ”ڦڪري“
انجنيئر عبدالوهاب سھتو
هڪڙي پگهاردار کان ڪنھن پڇيو.
”چنڊ جي خبر ناهي، باقي دال جي تيرهين تاريخ آهي.“
هر ڪو پنھنجي سمجهه، سوچ، ذهني ڪيفيت، معاشي حالت ۽ ظاهري حالات کان متاثر ٿي ڳالھائيندو آهي.
”امان!“ چي، ”ڦوٽ تمان!“ ٻڌڻ ۽ چوڻ جو ڪنھن کي به شوق نه هوندو آهي.
هڪ بجاءِ ٻيو جواب، ضروري ناهي ته رڳو بک ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي ڏنو وڃي. پيٽ ڀرائي کان به ڏئي سگهجي ٿو.
هڪڙو ايراني شھزادو، مغل بادشاهه اورنگزيب جي ڌيءَ زيب النساءِ جو مھمان ٿيو. دسترخوان تي ست رڇي پيش ٿيڻ بعد به از راھ دل لڳي خواهش ڪيائين. چي، ”سنبوسه بيسن ميخواهم.“
ان جملي جا هيٺيان ٻه مطلب هئا.
1- بيسڻ جا سموسا کپن.
2- بيسن يعني سن کان سواءِ، سنبوسه کپن. (سنبوسه لفظ مان اگر سن لفظ ڪڍي ڇڏبو ته پوئتي بچندو بوس ۽ بوسه جي معنيٰ آھي چُمي. ھاڻي جملي جو مطلب ٿيو ته؛ چمي کپي يا چميون کپن)
زيب النساءِ به وڏي داناء عورت هئي. تنھن کيس ورندي ڏني، ”مطبخ مادر گير.“
انھيءَ جملي جا به ٻه مطلب هئا.
1- اسان جي بورچيخاني مان ملندئي.
2- ماڻھين جي ..... مان ملندئي.
(1)
اهي ته اميراڻا احوال هئا. بھرحال اُڇَ جو پُڇ چوڻ لاءِ، ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا، جيڪي هيٺ ڄاڻائجن ٿا.
1- زبان جي اٽڪ.
2- ڪنن جي اٽڪ.
3- دماغ جي اٽڪ.
4- دل جي اٽڪ.
5- ڌاري/ اڻائي ٻوليءَ جي اٽڪ.
1- زبان جي اٽڪ:
زبان چم جي، ڪنھن نه ڪم جي.
زبان آلو لڪڻ، جيئن وهاءِ تيئن وهي.
زبان نه ڄاڻ ننڍڙي، آهي وهه جي ڳنڍڙي.
زبان کي ڏند ڪو نه ٿئي، ته به چٻيو وجهي.
اها ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري، اها ئي اُس ۾ ويھاري.
ادو به انھيءَ زبان سان چوڻو، انڌو به انھيءَ زبان سان چوڻو.
زبان جي اٽڪ، هڪ فطري يا قدرتي عمل آهي، جنھن تي انسان جو وس/اختيار نه ٿو رهي. اهڙي بي بس ماڻھوءَ تي پڪڙ به ناهي. مثال طور:
هڪڙو ٻاتو همراهه، هڪڙي شاديءَ کان موٽيو ۽ پنھنجي دوست سان ڪچھري ڪندي کيس حال احوال ڏنائين. ٻڌايائينس؛ ”سڪارپور ڪي سھر ۾، سڪور ڀائي ڪي سادي ۾، سڪر سھر ڪي سامي ڪباب، کائي هم ني.“
”اڙي ڀائي!“ دوست ٽوڪيندي چيس، ”ڪڀي ش ڀي بولا ڪرو!“
”چلو!“ نرڙ تي هٿ رکي، موڪلائڻ واري انداز ۾ چيائينس، ”الشلام عليڪم.“ (2)
اڻ پڙهيي جي زبان اٽڪي ايترو خلل پيدا نه ٿي ڪري، جيترو هڪڙي پڙهيل جي زبان اٽڪڻ بعد ڪري ٿي.
هڪڙو ڊاڪٽر ٻاتو هيو. وٽس هڪڙي مريضه آئي، جيڪا گهڻ-ڳالھائو ۽ تيز طبيعت هئي. ڊاڪٽر زبان ڏيکارڻ لاءِ چيس؛ ”مائي ٽانگ دکائو!“
”ٽانگ ماڻھين جي نه پئي ڏٺئي!“
ڊاڪٽر گهٻرائجي ويو. هوش سنڀاليندي، يڪدم چيائين، ”مائي هم ڪهتا هي، جوبن دکائو!؟“
”جوڀن ڀيڻين جو به چڱو هيو!“
مائي مسلسل ڏند ڪرٽيندي چيس.
ڊاڪٽر جا پگهر لھڻ چڙهڻ شروع ٿي ويا. ڏڪندي رومال کيسي مان ڪڍيائين. نرڙ تان پگهر اگهندي، ڪجهه نه ڪجهه ڏيکارڻ لاءِ چيائينس، ”مائي ڪس تو دکائو!“
جملي پوري ٿيڻ تي مائيءَ سينڊلن جا سٽڪارا ڪڍايس. (3)
ماڻھوءَ جي زبان، وڏا خلل پيدا ڪيا آهن. ان جون وڏيون تباهه ڪاريون آهن. هتي بيان ڪرڻ سان وڏا دفتر کلي ويندا. پاڻ ايتري تي اڪتفا ڪيون ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ڳالھائڻ واري زبان درست هوندي آهي، ته به خلل واقع ٿيو پون. اهي ٻڌڻ واري جي ڪنن جي اٽڪ يا گهٻراهٽ سبب ٿي سگهن ٿا. ڪنھن به گڙٻڙ ٿيڻ لاءِ يا ڦودني ۾ ڦير هوندو آهي، يا وٽ کوٽا هوندا آهن.
هڪڙي شاگرد کي پان ۽ سوپارين کائڻ جي پِٽَ پيل هئي. هڪ ڏينھن ڪلاس هلندي، چاٻا پئي ڏنائين ته استاد تنبيھه ڪندي چيس، ”اڙي نذير! ڪلاس ۾ ويٺو ٿو چاٻا ڏين! اٿ ٻاهر وڃي وات صاف ڪري آءُ.“
نذير وات صاف ڪرڻ لاءِ ٻاهر ويو ته استاد سندس موٽڻ تائين چُپ بيٺو رهيو. انھيءَ دوران سمورا شاگرد به پوري توجهه سان نذير جي وات صاف ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. اهو انتظار هڪڙي شاگرد کان برداشت نه ٿيو. يڪدم استاد کي چيائين، ”سائين! ڪلاس ۾ پساري کائڻ ۾ ڇا هي؟“
سڄي ڪلاس ۾ ٽھڪڙو پئجي ويو ته فرق کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استاد چيو؛ ”ڪئي لڌي سوپاري، چي؛ مان پساري!“ (4)
شاگرد جي ڪنن تي استاد جي رعب سبب گهٻراهٽ هوندي آهي. پر جي ڪير پيٽ ڀرائيءَ کان ڪنن کان گهٻرو ٿئي ته پوءِ واقعي خلل پئدا ٿئي ٿو. ان لاءِ مثال پيش ڪجي ٿو.
”اٽو“ چي؛ ”گهوٻاٽو!“
”فقير کي اٽي لپ ملي بابا!“
هڪڙي فقير، هڪڙي در تي سين هڻندي چيو.
”فقير کي اٽو ڏي!“ گهر ڌڻيءَ نوڪر کي حڪم ڏنو.
نوڪري سمجهيو، مالڪ ٿو چوي؛ ”فقير کي گهوٻاٽو ڏي!“
گهوٻاٽو کڻي، فقير تي الريو مس ته مالڪ رڙ سان روڪيندي چيس؛ ”اٽو! چي؛ گهوٻاٽو!“
3- دماغ جي اٽڪ:
ڳالھائڻ واري جي زبان ۾ اٽڪ نه هجي ۽ ٻڌڻ واري جي ڪنن ۾ به اٽڪ نه هجي، پوءِ به هڪوڻ جي ٽيڻ ٿئي ته نقص ڇا ۾ آهي؟
سوال از آسمان، جواب از ريسمان.
سوال پڇ روس جو، جواب ملي طوس جو.
سوال پڇ زال جو، جواب ملي ٻال جو.
ڳالھائيندڙ فصيح، ٻڌندڙ سرلو. پوءِ به جواب اوٽ تي اچي ته پڪ دماغ ۾ اٽڪ/ خلل آهي. دماغ جي اٽڪ جا به ٽي سب ٿي سگهن ٿا.
1-3 تـز لفظ نه ملڻ.
2- 3 خيالن جي وچڙ سچڙ.
3-3 بد حواسي.
3.1 تـز لفظ نه ملڻ:
ڳالهه دل ۾ هوندي آهي پر زبان تي نه چڙهندي آ. ان صورت ۾ ملندڙ جلندڙ لفظ يا محاورو ادا ڪري جان ڇڏائڻ ۾ تز لفظ يا محاورو ادا نه ڪري سگهبو آهي. جنھن سبب جي ڪري به خلل واقع ٿيندو آهي. انھيءَ کي سمجهڻ لاءِ، هيٺ مثال ڏجي ٿو.
”مڙس ڪيئن مئو؟!“ چي، ”مڙيئي نڀاڳ!“
بروهين جو هڪڙو مڙس مري ويو. جنازو کنيو پئي آيا ته رستي ۾ هڪڙي سنڌيءَ به اچي ڪلھو ڏنو. ڪلھي ڏيڻ بعد، پاسي کان هلندڙ هڪڙي بروهيءَ کان پڇيائين، ”ڪير گذاري ويو آهي؟“
”اسان جي قوم جو چڱو مڙس هيو، رات گذاري ويو آهي؟“ بروهي ورندي ڏنس.
”خير ته هئس!“ سنڌيءَ مرڻ جو سبب پڇڻ لاءِ سوال پڇيس، ”مڙس ڪيئن مئو؟“
”بس! پنھنجي کٽيءَ مري ويو“ کيس چوڻ گھربو ھيو. پر لاش سان گڏ ھلڻ سبب تز لفظ سندس دماغ مان محو ٿي وي. مناسب لفظ نه ملڻ سبب، ورندي ڏنائينس، ”مڙيئي نڀاڳ!“ (4)
2-3: خيالن جي وچڙ سچڙ
ٻه گدرا مٺ ۾ ڪين ايندا آهن.
گهڻن جو يار، ڪنھن جو يار به نه.
دل به يار، دست به ڪار.
تن تون ڏانھن، من گنديءَ واري ڏانھن، اکيون آٿر هيٺ.
ٻن جوين جو ور، تنھن جو جيئري ئي جھنم ۾ گهر.
جڏهن دماغ ۾ ٻه خيال هوندا آهن ته صحيح فيصلو نه ڪري سگهبو آهي. ڳالهه خلط ملط ٿي ويندي آهي. جواب ڏيڻ وارو، اٺ وانگر پنھنجي مٽ تي پاڻ ترڪي بيھي رهندو آهي. اهڙي دماغي ڪيفيت کي سمجهڻ لاءِ هيٺ مثال پيش ڪجي ٿو.
هڪڙو شاگرد، حسابن ۾ ڏاڍو هوشيار هيو. جيستائين نئون مليل پرابلم حل نه ڪندو هو، تيستائين آرام سان نه ويھندو هو. هڪ ڏينھن کيس هوم ورڪ طور هڪڙو نئون پرابلم مليو، جنھن تي سڄي واٽ مٿا ماري ڪندو پئي آيو.
گهر پھچڻ بعد، پين پنا کڻي، حل ڪرڻ لاءِ جنبي ويو.
ماڻس سندس ڪمري ۾ آئي، ان کي ڏسندي ئي چيائين، ”پھرين ميٽ مل ته مان وهنجان، پوءِ ماني کڻي آءُ ته کاوان!“ ائين چئي وري، پرابلم حل ڪرڻ ۾ کپي ويو.
ماڻس ميٽ ملي، جمن ميٽ جو ڀر ۾ رکي ويس. هن جو پرابلم ڊگهو ۽ ڏکيو هيو. ڳچ وقت لڳڻ بعد به حل نه ٿي سگهيو ته ماڻس مانيءَ جو ڊڳڙ ۽ دال جو تسر ڀري رکي ويس، ”ابا! وهنجين نٿو ته مانڙي ته کاءُ! بک تي ڪھڙو پڙهي سگهندين!“
”ها! امان!“ چئي وري حسابن حل ڪرڻ ۾ محو ٿي ويو. انھيءَ دوران ماني به کائي ويو. برابلم حل ٿيڻ بعد، وهنجڻ لاءِ اٿيو. ڏسي ته دال جو تسر ڀريو پيو آهي. ماءُ کي رڙ ڪري چيائين، ”امان! دال سان وهنجان ڇا؟!“
ماڻس ڪمري ۾ آئي ۽ دال جو تسر ڏسي چيائين، ”ميٽ جي جمن سان ماني کاڌئي باقي دال جي تسر سان وهنجين نٿو ڇا؟“ (7)
هڪ ئي وقت تي هڪ ڪم ٿي سگهندو يا حساب ٿي سگهندا، يا ماني کائي سگهبي.
اهڙي ڪيفيت کي واضح ڪرڻ لاءِ ٻيو مثال پيش ڪجي ٿو.
هڪڙو همراهه ڳنڍيريون کائيندو، هڪڙي دوست جي دوڪان تي آيو. ان وقت سندس دوست دڪان تي موجود نه هيو. ملازم کان دوست بابت پڇيائين.
”سائين! ويھو!“ ملازم دوڪان جو وکر کپائڻ ۾ مشغول هوندي چيس، ”سيٺ نماز کائي، ماني پڙهي اچي ٿو.“
”چڱو!“ آيل همراهه ڪرسي سيري، مٿس ويھندي چيو، ”مان به ڪرسي کائي، ڳنڍيرين تي ويھان ٿو!“
”سائين! ملازم ٽھڪ ڏيندي چيس، ”اهو ڇا ٿا چئو!“
”اِهو اُهو ٿو چوان، جيڪو تون ٿو چئين!“
ماڻھو جڏهن اڻ ڄاتل ماڳ، هنڌ، ڪيفيت يا ماحول مان گذرندو آهي، تڏهن به ٻِه-چتيو ٿي پوندو آهي. ان کي واضح ڪرڻ لاءِ هيٺ مثال ڏجي ٿو.
عبدالمنعم خان، صدر ايوب جي دورِ حڪومت ۾، بنگال جو گورنر هيو. هڪ دفعي جاپاني قونصل جنرل مسٽر تاڪانيڪا، کيس دعوت ڏني. ان ۾ جپان جي مشھور اسپيشل ڊش ”سوڪي پاڪي“ تيار ڪرائي کيس کارايائين، جيڪا بيحد پسند آيس.
گورنر عبدالمنعم خان، پنھنجي جاپاني ميزبان تڪانيڪا جو شڪريو ڊش جي پسنديدگيءَ جو اظھار فرمائيندي، موڪلائڻ وقت چيو، ”مھرباني مسٽر سوڪي پاڪي! توهان جي کارايل تاڪانيڪا ڊش ڏاڍي مزيدار هئي ۽ ڏاڍي وڻي.“ (8)
3-3 بد حواسي:
هن ڪيفيت ۾ ماڻھو اٻھرو، بي حوصلو يا جذباتي هوندو آهي، جنھن ڪري الٽا جواب ڏيندو آهي. چئبس خوش آن! چوندو ڪران ٿو. ان ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ چند مثال پيش ڪجن ٿا.
”ماسي خوش آن!“ چي، ”پٽ خيرپور ٿي وڃان!“
هڪڙي ڪراڙي پاڙيوارن سان جهيڙو ڪرڻ بعد، تڏهوڪي رياست خيرپور جي واليءَ ڏانھن دانھين پئي وئي ته رستي تي هڪڙي واقفڪار کيڪاريندي پڇيس، ”ماسي خوش آن!“
”پٽ! خيرپور ٿي وڃان!“
”اي ماسي! خوش خيرعافيت پيو ڪيانءِ.“ مدعا واضح ڪرڻ لاءِ واقفڪار چيس.
”ابا! ڪا نه ڇڏينديسان! پيءُ جي ڌيءُ آهيان ته ٽنگائي پوءِ ساهه کڻندم! منھنجي ٻچڙي کي بي گناهه بي سبب ماري اڌ مئو ڪيو آهي مئن.“ (9)
ڪراڙيءَ جي دماغ تي ته پٽ جي تڪليف ۾ پوڻ واري ڏک جو اثر هو، جنھن ڪري جابوليائين. ڪي ته بنا سبب جي به، رڦان رڦان ڪندا وتندا آهن. جيئن هيٺئين مثال مان واضح آهي.
کٽ نه ڏيڻي اٿوَ ته نه ڏيو، سمھو ته فضيلت سان:
هڪڙي همراهه وٽ، اوچتو مھمان اچي ويا پر وٽس واڌارو کٽ نه هئي. هاڻي مھمانن کي ڪاٿي سمھاري؟ پاڙيوارن کان کٽ اڌاري وٺڻ لاءِ ويو ته اندران گهر ڌڻيءَ جو جوان پٽ نڪتو. کانئس هڪڙي رات لاءِ کٽ اڌاري گهريائين، ”ادا! اوچتو مھمان اچي ويا آهن. گهر ۾ واڌارو کٽ ناهي، راتوڪي رات لاءِ کٽ گهرجي. صبح سان سوير، اول خير، اوهان کي گهر ويٺي پھتو ٿي ملندي.“
”ادا! کٽ ته اسان وٽ پاڻ واڌارو ناهي!“ کٽ نه ڏيڻ جي دليل ۾ وضاحت ڪندي چيائينس، ”اسان وٽ آهن ئي ٻه کٽون، هڪ تي مان ۽ امان سمھون، ٻيءَ تي ابو ۽ منھنجي جوءِ سمھن.“
”ادا!“ اڍنگو جواب ٻڌي، کٽ گهرندڙ چڙ ۾ چيس، ”کٽ نه ڏيڻي اٿوَ ته نه ڏيو، پر سمھو ته فضيلت سان.“ (10)
ڪڏهن ڪڏهن، نشي ۾ به ماڻھو وائي توائي بڪي بيھندو آهي. جيئن ٿر جي هڪڙي ساڌ ڪيو.
ٻو ٻو ٻيجان را کولڙ:
هڪڙي ساڌ، دوستن جي محفل ۾، ڏاڍو نشو پتو ڪيو. محفل ختم ٿيڻ بعد، سڀڪو پنھنجي پنھنجي گهر راهي ٿيو. هيءُ به پنھنجي گهر ڏانھن آيو پئي جو واٽ تي رستو ڀلجي ويو ۽ پرائي گهر ۾ گهڙي پيو.
گهر ڀاتين، گهر ۾ اوپرو همراهه ايندو ڏٺو ته ڌُڪا کڻي پڇيائونس، ”اڙي ڪير آن!“
هڪل تي مڙس جا نشا ڳيرا ٿي ويا، پنھنجو نالو ئي وسري ويس.
”ٻوٻو ٻيجان را کولڙ“ بي حوصلائپ ۾ چوڻ لڳو، ”اڙي پرائو گهر!“ (11)
دل جي اٽڪ:
جنھن کي دل تي ڌڙڪ چڙهڻ به چئجي. اڳلي جي دهشت، رعب يا حشمت ويھڻ سبب به ماڻھو انڊڻي جي گهنڊڻي ڪري ويھندو آهي. انھيءَ کي سمجهڻ لاءِ پھرين طبعي مثال پيش ڪجي ٿو ته جيئن مسئلو سمجهڻ ۾ ڪجهه آساني ٿئي.
1940ع ڌاري، غلام نبي ڏهراج محبت ديرو جتوئي وارو، محمد علي شاهه ڊڀري واري سان اليڪشن ۾ بيٺو هو ۽ سيد کان کٽي ويو هو، جنھن سبب سندس حشمت هنڌين ماڳين ڦھليل هئي. جڏهن فوت ٿي ويو ته جنازي کي وهنجارڻ ۽ ڪفن ڏيارڻ لاءِ آيل ملان به دهشت ۾ سندس ڪفن ننڍو ڪٽي ويو (12) يعني سندس مرڻ کان پوءِ به ايڏي دهشت ڦھليل هئي. منھن سامھون جواب ڏيڻ مھل، ماڻھوءَ جي ڇا ڪيفيت هوندي؟!
اهڙي ڪيفيت کي اڃا اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻيو مثال پيش ڪجي ٿو.
چور ڏاند ٽپي، ڀت ڪاهي ويا:
هڪڙي ڀاڳئي جي گهران، رات جو چور ڏاند ڪڍي ويا. صبح جو نوڪر کي، ٿاڻي تي رپورٽ لکرائڻ لاءِ موڪليائين ته جيئن پاڻ پيري گڏ ڪري، چور جو پيرو ڳولي سگهي.
”صوبيدار صاحب کي رپورٽ ڪيئن لکرايان؟“ نوڪر پڇيس.
”لکرائجانس!“ سمجهائيندي چيائينس، ”رات جا ٻارنھن ٿيا هئا، ڪتا ڀونڪي رهيا هئا، تارا ٽمڪي رهيا هئا، چور ڀت ٽپي، ڏاند ڪاهي ويا.“
نوڪر، سڄي واٽ اهو جملو اچاريندو ۽ رٽيندو، ٿاڻي تي پھتو. وڏين مڇن واري صوبيدار صاحب، لڪڻ هٿ ۾ جهلي وڏي ڏهڪاءَ سان پڇيس، ”ڇا جي رپورٽ لکرائڻ آيو آهين؟! جيڪا لکرائين سان صحيح هجي. هيٺ مٿي لکرايئي ته هيٺ مٿي ڪري ڇڏيندو سانءِ!“
نوڪر جون کڙڪي تي وايون بتال ٿي ويون. کنگهي، ڏوگهريل نڙي صاف ڪيائين، تڏهن به ڄڻ نڙيءَ ۾ کانگهارو اٽڪيل هيس ۽ لکرائڻ لڳو. ”سائين! ڏينھن جا ٻارنھن ٿيا هئا. ڪتا ٽمڪي رهيا هئا، تارا ڀونڪي رهيا هئا!“
”اڙي! اهو ڇا ٿو لکرائين!“ صوبيدار لڪڻ ٽيبل تي وهائيندي چيس، ”چڱيءَ طرح لکراءِ!“
”سائين“ هٿ ٻڌي عرض لکرايائين، ”چور ڏاند ٽپي، ڀت ڪاهي ويا.“
اهو ته معمولي نوڪر هيو، جنھن تي صوبيدار صاحب جي ڌڙڪ ويھجي وئي، تڏهن اُوڻ جي پُوڻ ڪري ويو. جڏهن ته ڏسڻا وائسڻا به اهڙيون غلطيون ڪري ويھن ٿا.
پيپلز پارٽي جي پھرئين دور ۾، عبدالوحيد ڪٽپر سنڌ جو هيلٿ منسٽر هو. شھدادڪوٽ ۾ پراڻو قبو اسٽينڊ وٽ هڪ جلسي ۾ شريڪ ٿيو. ماڻھن ڏاڍي سٺي آجيان ڏنس. نعريبازن ۾ هڪڙو، خوشامدڙيو ٽپ ڏئي اٿيو ۽ نعرا هڻائڻ لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳو، ”ڪٽپر علي خان!“
”زنده آباد.“ موچڙي سٽي خلق، موٽ ۾ چيو،
”ڪٽپر علي خان!“ ”زنده آباد!“
يڪي ڌم لائي ڏنائين. جڏهن بس ڪيائين ته هڪڙي پارٽي ڪارڪن ٻاهر ڪڍي، کيس عبدالوحيد ڪٽپر جو صحيح نالو ٻڌايو. (14)
اهڙو ئي حشر، ڳڙهي خيري ۾ تڏھوڪي تعليم واري منسٽر در محمد اوستو سان به ٿيو. ڪارڪنن هڪڙي همراهه کي، در محمد اوستو جو نعرو هڻڻ لاءِ چيو ته اڳلو نعرن ۾ کپي ويو.
”اوست محمد درو!“
”زنده باد.“
”اوست محمد درو!“
”زنده باد!“
جڏهن ٻن چئن نعرن بعد کيس خبر پئي ته لفظن جي ادائگيءَ ۾ ڦير آهي ته پاڻ ئي ڪن ڪيٽا ڪيون، ميڙ مان ٻاهر نڪري ويو. (14)
رواجي ماڻھو، جڏهن وڏي ميڙ جي آڏو ايندو آهي ته پوءِ اُد جو بُد ئي ڪندو آهي. جڏهن ته اسٽيجن جا شھنشاهه به اَنَ مستيون ڪري ويھندا آهن.
خيرپور ميرس ۾، 1940ع ڌاري سچل چيئر برپا ٿي ته هادي بخش لاڙڪ به بنيادي ميمبر ٿيو. پھرين ادبي ڪانفرنس، سچل سرمست جي روضي درازا شريف ۾ عرس جي موقعي تي ڪئي وئي.
ان ڪانفرنس ۾ هند ۽ سنڌ جا هندو توڙي مسلمان مرد ۽ عورتون، گهڻي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض، مرحوم عبدالغفور انصاري ادا ڪيا. پاڻ باغ بھار شخصيت جو مالڪ هو. هادي بخش لاڙڪ جو گهاٽو دوست هو ۽ ساڻس چرچا گهٻا به ڪندو هو.
جڏهن هادي بخش لاڙڪ جي ڳالھائڻ جو وارو آيو ته انصاري صاحب، ڄاڻي واڻي، لائوڊ اسپيڪر تان کيس هينئن سڏ ڪيو، ”هاڻي هادڪ لاڙي بخش ايندو، جيڪو پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندو.“ (15)
وڏي اسٽيج تي، ماڻھن جي سامھون، دل تي ڌڙڪ چڙهندي آهي. هيءُ مثال ته هڪڙي اسٽيج جي شھنشاهه جو هيو، جيڪو از راهه مذاق، ابتو ڳالھائي ويو. ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ به ائين ٿيندو آهي.
مئٽرڪ جي ڪلاس کي مئٿس پڙهائڻ وارو استاد موڪل تي هو. ٻئي استاد جو فري پيريڊ هيو. ان کي انگيج ڪيو ويو. واسطيدار سبجيڪٽ کيس نه پئي آيو. جنھن سبب پڙهايائين ڪين. البته ڪلاس کي انگيج رکڻ لاءِ شاگردن کي چيائين، ”بيڪار ويھڻ کان، ڳائجي ته چڱو! ڪلاس ۾ ڪو شاگرد آهي، جنھن جو آواز سريلو هجي!“
”دينوءَ جو سائين دينوءَ جو!“
”دينو ڪير آهي!؟“
دينو جهڪيل ڪنڌ سان اُٿي بيٺو ته استاد چيس، ”ها بابا! ڪو راڳ ٻڌاءِ!“
دينو شرم ۾ ٻڏو، بيٺو ئي رهيو. ڳاتائين نه، استاد وري پڇيس، ”ڇو بابا! ڇو نه ٿو ڳائين! ڇا ٿيو اٿئي!“
جهڪيل ڪنڌ سان ويچاري شڪل ڪندي چوڻ لڳو، ”سائين جن جي شھوت چڙهي وئي آهي.“ (16)
اهو ته هڪڙي شاگرد جو مثال هو. جڏهن ته دهشت/ ڌڙڪ چڙهڻ، هڪ فطري عمل آهي. ان کان علاوه، هڪ لفظ سان ملندڙ جلندڙ ٻيو لفظ ڪڍي وڃڻ جھڙي غلطي چڱن ڀلن کان به ٿي ويندي آهي. ان لاءِ هڪ مثال ڏجي ٿو.
”اڙي تون ڪير؟“ چي، ”ملان جي مسيت!“
هڪڙي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول هيو، جتي ٻئي ڳوٺ کان ماستر اچي پڙهائيندو هو. اسڪول هڪ ڪمري تي مشتمل هو. چوڌاري لوڙهو ڏنل هئس.
مسيت جو ملان به ٻاهريون هو. اسڪول ٽائيم تي ڇوڪرا سڪول ۾ ويندا هئا ته ملان اٻاڻڪو ٿي اوٻاسيون ڏيڻ بدران، ماستر وٽ وڃي ويھندو هيو ۽ ساڻس ڪچھري ڪندو هيو.
ماستر کيس ڪچھريءَ ڪچھريءَ ۾ ٻڌايو هيو، ”بيٽ آفيسر ڏاڍو تيز طبيعت ۽ سخت ماڻھو آهي! جنھن کي به واندو ڏسندو آهي. تنھن سان ڏاڍي جٺ ڪندو آهي.“ جنھن ڪري، بيٽ آفيسر جي ملان تي وڏي دهشت ويھجي وئي هئي.
هڪ ڏينھن ٻنھي ڪچھري پئي ڪئي. ڪچھريءَ ۾ بيٽ آفيسر جي ڪارنامن جي ڳالهه ڪڍيو ويٺا هئا جو لوڙهي جي ٻاهران کيس ايندو ڏٺائون. ماستر تـڙ تڪڙ ۾ دڙڪا ڏئي، ڇورن کي چپ ڪرائي ۽ ملان کي ٻڌايائين، ”جنھن جي ڳالهه پئي ڪئي سين سو اچي پيو!“
ملان به ششدر ٿي ويو. ماستر ٽـڙيل پکڙيل شين کي سڌي ڪرڻ جي تٿان پٿان ۾ هيو. ملان کي زمين جاءِ نه پئي ڏني. ايتري ۾ بيٽ آفيسر به اچي سلام ڏنو.
”ڇا ٿا ڪيو؟“
”سائين پڙهايون ٿا!“
”هيءُ ڪير آهي!“ ملان ڏي منھن ڪري پڇيائين.
”ملان جي مسيت.“ ملان تڪڙ ۾ ورندي ڏني.
”اهو ڇا ٿو چئين؟!“
”سائين جن جي شھوت چڙهي وئي آهي.“
”اڙي نڪر ٻاهر، ڇا ٿو بڪواس ڪرين!“ (17)
هيءُ ته وري به معمولي ماڻھو يا مسيت جو ملان هيو، جيڪڏهن اهڙي ڌڙڪ جو مظاهرو اسڪول جو هيڊ ماستر ڪري ته ڇا چئجي؟
سٺ واري ڏهاڪي ۾، ڪنڊيارو هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر چوڌري برڪت علي هيو. سٺو منتظم، تعليم جو اعلى ماهر هو. هڪ ڏينھن ڊائريڪٽر اسڪولز، اسڪول جو اوچتو دورو ڪيو. ڊائريڪٽر صاحب سان ٻه ٽي ٻيا به همراهه هئا. هنڀ ڪيو جيئن ئي آفيس ۾ گهڙيا ته چوڌري صاحب ششدر ٿي ويو.
نه سلام نه ڪلام. اٻھرو ڪرسيءَ تان اٿيو. يڪدم پڇيائين، ”سائين اوهان ڪير آهيو!“
”اڙي مان ڊائريڪٽر آهيان! تون نٿو سڃاڻين ته مان ڪير آهيان. تون ڪير آن!“ ڊائريڪٽر کڙڪي سان پڇيس.
”سائين!“ چوڌري صاحب پگهر اگهندي ٻڌايس، ”چرڪت علي بودري.“
اهڙو ئي جواب، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي انجنيئر عاشق حسين يوسفاڻي، حسن اختر ايس اِي کي ڏنو هيو. حسن اختر وڏو گاريال ۽ دهشتگرد سپرنٽينڊنگ انجنيئر هو. اوچتو يوسفاڻي صاحب کان، سائيٽ جو دورو ڪندي پڇيائين، ”تم ڪون هو، ڪيا نام هي؟!“
”يوسف حسين عاشقاڻي سر!“ يوسفاڻي صاحب تڪڙ ۾ جواب ڏنس.
5- اڻائي/ ڌاري ٻوليءَ جي اٽڪ:
اڻائي/ڌاري ٻوليءَ ۾ اٽڪڻ جا ٽي سبب ٿي سگهن ٿا.
1- هم معنى لفظ نه ملڻ.
2- غلط اچار.
3- غلط مفھوم.
1- هم معنىٰ لفظ/ محاورو نه ملڻ:
ڪڏهن ڪڏهن، ڌاري ٻولي ڳالھائيندي، تز محاورو يا هم معنى لفظ نه ملندو آهي ته گڙٻڙ ٿي پوندي آهي.
هڪڙي سنڌيءَ شادي پئي ڪئي پر پريشاني/ گهٻراهٽ اها هئس ته پھرين رات ڳالھائڻ جي شروعات ڪيئن ڪبي. سندس ڳڻتي، هڪڙي غير سنڌي دوست تاڙي ورتي. ڳڻتيءَ جو سبب پڇڻ تي ان کان پڇيائين، ”شادي جي پھرين رات ڪيئن ڳالھائبو!“
”آسان بات هي!“ دوست دلداري ڏيندي چيس، ”مين ني شادي ڪي پھلي رات بيوي ڪو ڪھا ٿا، چاند روز ديکتي هين، چاندني آج ديکي هي!“
”بس بس!“ سيني جو بار هلڪو سمجهندي سنگتيءَ کي سليائين، ”مان سمجهي ويس ته ڇا چوڻو آهي!“
دوست جا ٿورا مڃي، سنڌيءَ ۾ مٿئين جملي جو ترجمو ڪري، دل ۾ ٽلي ڇڏيائين.
شاديءَ جي پھرين رات گهونگهٽ لاهي، ڪنوار کي چيائين؛ ”چنڊ روز ٿا ڏسون، چنڊي اڄ ڏٺي آهي!“ (1)
سڄيءَ عمر لاءِ جهيڙي جو دروازو کولي ڇڏيائين.
هيءُ ته هڪڙي مسڪين ماڻھوءَ جو مثال هيو، جنھن کي شاديءَ جي خوشيءَ ۾ دماغ تي گهٻراهٽ چڙهي وئي هئي، جنھن ڪري اُنڊ جو بنڊ چئي ويو. وقتي مير، پير ۽ منسٽر به تز لفظ/ محاورو نه ملڻ سبب ٻوڙ هاري وجهندا آهن.
هڪڙي سنڌي منسٽر صاحب کي ڪراچي شھر ۾، هڪڙي وفد جي قيادت ڪرڻي هئي، جنھن ۾ غير سنڌي عورتون به هيون.
شام ڌاري کين هڪ هنڌ وڃڻو هو. گاڏيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا جو عورتن واڪ ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. منسٽر صاحب کين گهڻو ئي روڪيو پر عورتون مڙيون ڪين. مجبورن منسٽر صاحب به پيدل ساڻن نڪري پيو.
ميل ڏيڍ پنڌ ڪرڻ بعد هڪڙي پارڪ جي ڀرسان پھتا ته عورتون ٿڪ ڀڃڻ لاءِ، لان تي ويھي رهيون ۽ پيرن جي ترين کي مڪون هڻي، ٿڪ ڀڃڻ لڳيون.
اهو ڏسي منسٽر صاحب کان رهيو نه ٿيو. يڪدم سنڌيءَ گاڏڙ اردوءَ ۾ چيائين، ”مين نه ڪهتا ٿا پيادل نه چلو، اب لوڙو.“ (19)
منسٽر صاحب کي سنڌي لفظ لوڙڻ جو هم معنى اردو لفظ بروقت ھٿ نه آيو ۽ هدايت منگيءَ وانگر ٺوڪي ويس.
سوڀو گيانچنداڻي جي 73 هين سالگره لاڙڪاڻي جي مندر ۾ ٿي هئي، جنھن جو مھمان خاص حميد سنڌي هو. ڪيئي دانشور ۽ اديب به موجود هئا، جن ۾ اڌ تي عورتون ويٺل هيون. هدايت منگي صاحب تقرير ڪندي، سوڀي جي تعريف ۾ چيو، ”سوڀي ٻلھڙيجي کان اسان جي تڏهن رهنمائي ڪئي، جڏهن اسان کي علم ادب جي اڃا ٻِيٽَ ئي نه هئي.“
”انھيءَ جملي تي سڄي پنڊال ۾ کسر ڦسر ٿي وئي. منھنجي ڀر ۾ ويٺل رزاق مھر ٺونٺ هڻي چيو، ”ٻڌ اڄ ٺيٺ سنڌي!“
چڱا ڀلا ماڻھو، هم معنى لفظ نه ملڻ سبب وڏي ٻوهي ۾ پوندا آهن.
1940ع ڌاري ايوب ڪابينا جو مرڪزي وزير تعليم، بنگال سان واسطو رکندڙ ميان فضل الرحمان (مرحوم) هو. وزارت تان لھڻ بعد لاهور ۾ پنھنجي ڪنھن دوست سان ملڻ لاءِ ٽانگي ۾ ويھي شاهه عالمي وڃي رهيو هو.
ٽانگو جڏهن شاهه عالمي پھتو ته ميان فضل الرحمان بنگالي کي، هيٺ لھڻ جي اردو سمجهه ۾ نه آئي، پنھنجي اندازي مطابق ٽانگي واري کي چيائين، ”ٽانگو روڪ! مان هتي ڪرندس!“
”صاحب ڳڻتي نه ڪر!“ ٽانگي واري، گهوڙي کي تيز چھبڪ هڻندي چيس، ”مان تو کي هتي ڪرڻ ڪو نه ڏيندس.“
ميان فضل الرحمان جي رٽ لڳي پئي آيس، ”اڙي ميان ٽانگو روڪ! مان هتي ڪرندس!“ (20)
اهڙو مثال اسان جي سنڌ جي ٿر جي علائقي لاءِ به مشھور آهي.
هڪ نئين هندستانيءَ کي ٿر جي ڪنھن شھر ۾ وڃڻو هو. جنھن لاءِ کيس اٺ ڀاڙي تي ڪرڻو هيو.
هڪڙي اٺ واري سان ڳالھايائين. ان ڀاڙو وڏو ٻڌايس. ان کي ڇڏي ٻئي وٽ آيو، جنھن ڪرايو گهٽ ٻڌايس. ان سان منزل ۽ ڀاڙو طئي ڪري هلڻ وارو هو ته پھرئين جت پنھنجو ڀاڙو کرندو ڏسي، کٽر مينھن واري لت هڻندي، ٻئي جت کي چيو، ”اهي نوان هندستاني اٺن سان ڪِنا ڪم ڪندا اٿئي! خيال ڪجانءِ!“
”ها ها! اهي ڀاڙين جا اٺ هوندا!“ رستي ۾ مسافر کي ٽورو لڳو. جت کي اٺ روڪڻ لاءِ چيائين، ”اونٽ ڪو روڪو هم ٽٽي ڪريگا!“
”ڀاڙين جا اٺ ڏٺا اٿئي ڇا؟“ جت مسلسل اٺ کي هڪليندي چيس، پُرهه جيڏي ٽوري، مسافر جي ڪرنگهي جي ٺاڪ وڃي ورتي، جت جو اهو ئي کتو جواب ....... (21)
2- غلط اچار:
ڌاري ٻولي جو غلط اچار به معنى ۽ مفھوم کي ڦيرائي ڇڏي ٿو. جيئن هوميوپيٿي بجاءِ چئجي، هو ميو پيو ٿي. ڪامپيٽيشن لاءِ ڪاپي ٽيشن، ڪو-آپريشن لاءِ ڪارپوريشن، ڪلڪيوليٽر لاءِ ڪلٽيويٽر وغيره. ان کي سمجهڻ لاءِ هڪڙو مثال پيش ڪجي ٿو.
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاهه ۾ 1977ع ڌاري وڏو فنڪشن ٿيو، جنھن جو مھمان خاص مرحوم ايڇ ام خواجا صاحب هو. اسٽيج سيڪريٽري، هڪڙي پروفيسر صاحب کي تقرير ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيو، ”هاڻي آئون دعوت ڏيندس، پروفيسر فياض الدين جن کي.“ فياض الدين جو لفظ ائين اچاريائين جو مڙني ٻڌندڙن کي اھو اچار پياز الدين لڳو. جنھن تي هيٺ ويٺلن شاگردن مان هڪڙي ٻئي کان پڇيو: ”پياز الدين ڇا هي؟“
”پياز نه ٻڌو اٿئي! بصر!“ استاد جي گول مٽول منھن کي ڏسي، ٻئي شاگرد چيو.
”مائٽن نالو ته چھرو ڏسي رکيو اٿس، پر بصر الدين نه رکيائونس!“
”سنڌ ۾ ڄمي ها يا سنڌي ۾ ڄمي ها ته بصر الدين هجي ها.“
مٿيون لطيفو، ڳالهه کي آسان ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو ويو. ان جي برعڪس ڪيئي ڳنڀير مسئلا به پيدا ٿيندا آهن. جن جي ڪري بدمزگي ٿي ويندي آهي.
انگريزن جي دور حڪومت ۾ هڪڙي دهلي جي رهاڪو، گنپتراءِ نوڪريءَ لاءِ انگريزي ۾ درخواست ڏني. کيس انٽرويو ڪال پھتي ته مقرر وقت تي مقرر جاءِ تي پھتو. انگريز عملدار سندس نالو پڙهندي پڇيو، ”گان پٽ رآءِ!“
”نهين ڦٽ رها.“
”اس ۾ لکا گان پٽ را، جهوٽ بولٽا!“
وري سندس، ڊوميسائل جو هنڌ پڙهي، پڇيائين، ”ڊيلي ۾ راٽا ھي!“
”ڪڀي ڪڀي مراتا ھي.“
”اس ۾ لکا ڊيلي ۾ راٽا. جهوٽ بولٽا!“
”نهين بولٽا!“
”ٽم سارا جوٽ بولٽا!“ (22)
اهڙي ڳالهه، سنڌ ۾ رهندڙ هڪڙي عملدار لاءِ به مشھور آهي. دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب، محمد پريل ڪلھوڙي جي ڪارنامن مان خوش ٿيو هو. ساڻس ملڻ جي خواهش ڏيکاريائين. پريل سان ملڻ وقت خوشيءَ جو اظھار هنن لفظن ۾ ڪيائين، ”پريل خان ڪالوڙا! تو کي گڏي مون کي خوشي!“ (23)
انگريز تي ميار ناهي. ست ڌاريو هو، ڪاڏي اردو، ڪاڏي انگريزي، رات ڏينھن جو فرق آهي. جھڙو چراغ تھڙو جرڪ، ٻولي ٻولي فرق. پر بنگالي ۽ اردو ۾ ڇا ورهايو آهي. ان ۾ به اچار غلط ڪجي ته پوءِ وڏي واويلا ٿيندي.
هڪڙو بنگالي طالب العلم، هڪڙي اردو عالم وٽ، علم سکڻ لاءِ آيو. هڪ ڏينھن عالم سڳوري کان ٻپھريءَ ڌاري سبق وٺڻ لاءِ اجازت طلبيائين.
”حضور! دبر خالي هي!“
دبر مان سندس مطلب دوپھر هو. جڏهن ته دبر عربي ۾ وهڪ واري جاءِ کي چئبو آهي. شاگرد جو مطلب هو، ٻپھريءَ جو فارغ آهيو ته سبق وٺان. استاد ته سمجهي ويو پر ڀر ۾ ويٺلن پاڻ ۾ چين چين شروع ڪئي.
”هان! خالي هي!“ استاد ٻڌايس، ”ڪيا ڪرنا هي!“
”ڦاڙنا هي!“ شاگرد چيو.
ڦاڙنا مان شاگرد جو مطلب پڙھنا يا پڙهڻ هو، جڏهن ته ويٺلن ڦاڙڻ ئي ورتو.
”هان! پڙهائينگي!“ استاد ڳنڀيرتا سان کيس چيو. ويٺل هڪ ٻئي جو منھن تڪيندا رهجي ويا. (24)
3- غلط مفھوم:
اڻائي/ ڌاري ٻوليءَ جو تلفظ به صحيح اُچارجي پر مفھوم سمجهڻ ۾ گڙٻڙ ٿئي ته هڪوڻ جي ٻيڻ ٿي ويندي آهي.
هڪ دفعي بدين جو انجنيئر کٽائو رام ڪيلا، هڪڙي غير سنڌي آفيس سپرنٽنڊنٽ جي در تي ويو. گهنٽي ڏنائين. اندران آواز آيو، ”ڪون!“
آواز ڏيندڙ ڇوڪريءَ سمجهيو، پيءُ جو دوست وغيره ڪيلن جي پيٽي تحفي طور ڏيڻ آيو آهي. تنھن ڪري پردي مان ئي چيائينس، ”رک دو! نوڪر اٺاليگا!“
”ڪيلا رام!“ ڪيلا صاحب وضاحت ڪرڻ لاءِ، اٻھرائيءَ مان چيس.
”ڪيلا اور آم! دونون رک دو نوڪر اٺاليگا!“
همراهه دبرندو، خار ۾ موٽي آيو. (22)
هيءُ ته پردي پويان جو منظر هيو. جڏهن ته ڪم علميءَ سبب به اهڙا ٽوٽڪا جڙندا آهن، جيڪي کل ۽ بدناميءَ جو سبب بنجندا آهن.
هڪڙي همراهه کي انگريزي اخبار ڊان پڙهڻ جي وڏي لونجهه هئي. انگريزي خبرون پڙهي، آفيس ۾ اچي رعب جهاڙيندو هو. 1965ع ڌاري هندستان پاڪستان جي وچ ۾ جنگ لڳي. هر ڪنھن جو ڌيان جنگ ڏانھن ۽ ڪن ريڊئي تي لڳل هو. هيءُ همراهه به انگريزي اخبار پڙهي شام ڌاري ريڊئي تي سنڌي خبرون ٻڌي ٻئي ڏينھن آفيس ۾ سٿرن تي هٿ هڻندو چوندو آيو، ”ظلم ته ڏسو! اڳي فقط رشيا پئي هندستان جي حمايت ڪئي، ڪالهه کان وري روس به ان جي مدد لاءِ ميدان ۾ لھي پيو آهي.“ (25)
”اڪري“ چي، ”ڦڪري“ کي. سمجهڻ لاءِ مٿي چند سبب دليلن سان ڏنا ويا ته جيئن عام پڙهندڙ ۽ سائنس جا ماهر پنھنجي سوچ آهر منجهانئن استفادو ڪري سگهن.
حوالا ۽ مددي ڪتاب:
1. سومرو، محمد قاسم، قاسميه لائبريري، نزد رورل هيلٿي سينٽر ڪنڊياريو. پاڻ عالم دين محقق، ڪيئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ دين جو وڏو مبلغ آهي.
2. ڀٽي، عبدالغني، سردار، شھدادڪوٽ. پاڻ هڪ سياسي ۽ سماجي شخصيت آهي.
3. ميمڻ، التونيا، انجنيئر، پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ.
4. هي واقعو مئٽرڪ جي ڪلاس ۾ پڙهندي، ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ سائين پير بخش چانڊيو جي پيريڊ دوران پيش آيو.
5. سنديلو، عبدالڪريم، پھاڪن جي پاڙ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
6. ڀٽي، عبدالغني، سردار، شھدادڪوٽ.
7. واسو مل، سرڳواسي، ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه جو ٽيچر هو.
8. بلوچ، محمد انور، ٿوهر. ڳاڙها گل (نوٽ بڪ تان) پرهه پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان ص:123.
9. گهانگهرو، عبدالرزاق، ڊاڪٽر، ايسوسيئيٽ پروفيسر، بيسڪ سائنس، مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي ڄام شورو. منھنجو هم عمر، ڪلاسي، ڳوٺائي، ننڍي هوندي جو سنگتي آهي.
10. مغل، عبدالسعيد، انجنيئر، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ مان رٽائر ڪرڻ بعد لطيف آباد حيدرآباد ۾ رهي ٿو. ان کان اڳ نوابشاهه ۾ رهندو هو.
11. آنچلانند، جان ڪي ديوي، ٿري ٻولي جي پھاڪن ۽ چوڻين جي روشنيءَ ۾ ٿر جو سماجي، سياسي ۽ ادبي جائزو، (ايم فل لاءِ لکيل مقالو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ص:53.
12. ڏهراج، نور احمد، پرائمري ٽيچر، محبت ديرو جتوئي.
13. الطاف شيخ، رٺي آهي گهوٽ سان، نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد، 1994ع.
14. بخاري، گل محمد شاهه، شھدادڪوٽ، محقق ليکڪ، پاڻ 25 کن ڪتاب جو ليکڪ آهي. وڏي لائبريري اٿس.
15. ابڙو، جمال، ڏسي ڏوهه اکين سين. (ڪٿا)نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد، 1998ع ص:49-148.
16. شاهه، نور حسين عرف اصغر حسين شاهه، انجنيئر، هالائي. پاڻ هن وقت ايجوڪيشن ورڪس ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهن.
17. لاڙڪ، امام الدين ٺيڪيدار، سکر.
18. موريو، خليل الرحمان، انجنيئر، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ.
19. جروار، لکمير، ڊسٽرڪٽ سليز مئنيجر، پي آءِ اي، نوابشاهه.
20. بلوچ، محمد انور، ٿوهر. ڳاڙه اگل، پرهه پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان ص:173.
21. ڪھيري، نٿو، مسخرو، بدين.
22. راجپوت، محمد عثمان، انجنيئر، حيدرآباد.
23. ناز سنائي، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.
24. سومرو، محمد ادريس، السندي، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو.
25. ابڙو، گل حسن، ڊرافٽسمين، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو.
* *
ليست هناك تعليقات:
إرسال تعليق