11‏/02‏/2011

”اڪري!“ چي، ”ڦڪري“


”اڪري!“ چي، ”ڦڪري“
انجنيئر عبدالوهاب سھتو

”چنڊ جي ڪائين تاريخ آهي؟!“
هڪڙي پگهاردار کان ڪنھن پڇيو.
”چنڊ جي خبر ناهي، باقي دال جي تيرهين تاريخ آهي.“
هر ڪو پنھنجي سمجهه، سوچ، ذهني ڪيفيت، معاشي حالت ۽ ظاهري حالات کان متاثر ٿي ڳالھائيندو آهي.
”امان!“ چي، ”ڦوٽ تمان!“ ٻڌڻ ۽ چوڻ جو ڪنھن کي به شوق نه هوندو آهي.
هڪ بجاءِ ٻيو جواب، ضروري ناهي ته رڳو بک ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي ڏنو وڃي. پيٽ ڀرائي کان به ڏئي سگهجي ٿو.
هڪڙو ايراني شھزادو، مغل بادشاهه اورنگزيب جي ڌيءَ زيب النساءِ جو مھمان ٿيو. دسترخوان تي ست رڇي پيش ٿيڻ بعد به از راھ دل لڳي خواهش ڪيائين. چي، ”سنبوسه بيسن ميخواهم.“
ان جملي جا هيٺيان ٻه مطلب هئا.
1- بيسڻ جا سموسا کپن.
2- بيسن يعني سن کان سواءِ، سنبوسه کپن. (سنبوسه لفظ مان اگر سن لفظ ڪڍي ڇڏبو ته پوئتي بچندو بوس ۽ بوسه جي معنيٰ آھي چُمي. ھاڻي جملي جو مطلب ٿيو ته؛ چمي کپي يا چميون کپن)
زيب النساءِ به وڏي داناء عورت هئي. تنھن کيس ورندي ڏني، ”مطبخ مادر گير.“
انھيءَ جملي جا به ٻه مطلب هئا.
1- اسان جي بورچيخاني مان ملندئي.
2- ماڻھين جي ..... مان ملندئي.
(1)
اهي ته اميراڻا احوال هئا. بھرحال اُڇَ جو پُڇ چوڻ لاءِ، ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا، جيڪي هيٺ ڄاڻائجن ٿا.
1- زبان جي اٽڪ.
2- ڪنن جي اٽڪ.
3- دماغ جي اٽڪ.
4- دل جي اٽڪ.
5- ڌاري/ اڻائي ٻوليءَ جي اٽڪ.
مٿين سبب کي سمجهڻ لاءِ هيٺ مثالن سان وضاحت ڪجي ٿي.


امان الله سومرو جي لکيل ڪتاب “جواب ڏيو” تي تنقيدي نظر- انجنيئر عبدالوھاب سھتو

امان الله سومرو جي لکيل ڪتاب “جواب ڏيو” تي تنقيدي نظر

انجنيئر عبدالوهاب سھتو

 


حيدرآباد جي بازارِ حسين سان تعلق رکندڙ، ارم عرف ببليءَ واري مشھور ڪيس ۾ ملوث، ميرپورخاص جي مختيارڪار، ايس.ڊي.ايم ۽ ڊي.سيءَ جي معطل ٿيڻ جي باوجود؛ غير مطمئن، ناراض ۽ احتجاجاً بک هڙتال تي ويٺل، وڪيل ۽ اوٿ ڪمشنر، امان الله سومرو([1]) جو لکيل ڪتاب، “جواب ڏيو” تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.

ڄائم جنھن ڄام ڳوٺ ۾ - انجنيئر عبدالوهاب سھتو

ڄائم جنھن ڄام ڳوٺ ۾

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

 


ڄام ڳوٺ، ڄام جو ڳوٺ يا ڳوٺ ڄام نورالله، ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشھري فيروز ۾، موجوده نيشنل هاءِ وي يا راوڙ واري قديم رستي تي، ڪنڊيارو شھر جي اوڀر ۾ ۽ سنڌونديءَ جي کاٻي هٿ تي واقع آهي. سنڌو ندي، اتر-اولھه واري پاسي کان ڏهه پندرهن ميل پري وهي ٿي. ڳوٺ ته پڪي تي آھي پر ڪچو ويجھو هئڻ سبب، پراڻي زماني ۾ ٻوڏين جو خطرو رهندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪنڊيارو شھر، درياهي ٻوڏ کان بچڻ خاطر، نوشھري، هالاڻيءَ، ڪوٽڙي ڪبير ۽ شڪارپور وانگر مٿي دڙي يا ٽٻي تي ٻڌل آهي. اها سھوليت، حيدرآباد، سکر ۽ روهڙيءَ کي، قدرتي طور مليل آهي. جڏهن ته ۱۹۲۸ع واري وڏي ٻوڏ ۾، چوڌاري بند ٻڌي، ڄام ڳوٺ کي بچايو ويو هيو.

آزاد-استعمال روپ تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون


آزاد استعمال روپ تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوهاب سھتو

“پھاڪا، انسان ذات جي ڏاهپ ۽ ظرافت جا عجيب اظھار آهن. جن ذريعي هر گروه پنھنجي ملڪ ۽ ماحول، پنھنجي سماجي ۽ فطري لاڙن ۽ ٻوليءَ جي وسعت، لفظي سٽاءَ ۽ معنوي نزاڪت مطابق، صدين جا تجربا نروار ڪري ٿو. پھاڪا، ٻوليءَ ۾ انساني جيوت جي آتم ڪھاڻي آهن. اهي قومن جي زباني يعني اڻ لکيل تاريخ آهن. ڪنهن به قوم جي سچي سماجي تاريخ يعني علمي، ادبي، ثقافتي، نفسياتي اوسر، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ هنر، رنج ۽ راحت، رسم ۽ رواج، مجلسي رنگ ۽ ڍنگ، انساني سڀاءَ ۽ رويا معلوم ڪرڻ لاءِ، ان قوم جي لوڪ ادب جو سائنسي اڀياس وڏي مدد ڏئي ٿو. لوڪ ادب جي اهم صنف، پھاڪا وري اهڙي اڀياس لاءِ جيڪو مواد مھيا ڪن ٿا، اهو معاشري جون سچائيون اهڙي ته چٽائيءَ سان پيش ڪري ٿو جو مستند تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ بنياد ملي پوي ٿو.”[1]  

سنڌي لغت-نويسيءَ جي تاريخ -ضميمو

سنڌي لغت-نويسيءَ جي تاريخ (ضميمو)
انجنيئر عبدالوهاب سھتو

ٽماھي مھراڻ جي 2000/4ع واري پرچي ۾، صفحي نمبر:54 تي، محترم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جو ترتبي ڏنل مقالو؛ سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ ڇپيو آهي. جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي دقيق نگاهيءَ سان لغت- نوسيءَ جي تاريخ کي بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو پنھنجو تعلق به درس تدريس سان رهيو آهي ۽ اڃا به آهي تنھن ڪري سندن نظر هر لغت تي ضرور رهي آهي .
هيءُ مضمون قد پڄائڻ جي لحاظ کان نه لکيو ويو آهي ۽ نه ئي منجهانئس اهڙي  ڪا ٻي معنى ورتي وڃي. جيئن ته ڊاڪٽر صاحب پاڻ ئي پنھنجي مضمون ۾ لکيو آهي؛ ”اهميت وارين سڀني سنڌي لغتن جي ڄاڻ گڏ ڪري هتي ني اٿم. ممڪن آهي ته ڪن بابت مون کي معلومات حاصل نه ٿي سگهي هجي، انھيءَ بابت جيڪڏهن ڪي سڄڻ منھنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندا ته شڪر گذار رهندس“.

17‏/01‏/2011

پھاڪن جي پيڙھ- - ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

پھاڪن جي پيڙهه

ٺاهيل: مسٽر ڀيرومل مھرچند

 


1.           آپ نه پالي، پالي ڏوُن،

ڇوهر ڄائو، ڏکان ڏوُن/ نون.

بنياد:

ڪنھن جتڪي گهر ۾ هڪڙو جوان مڙس هو، سو نڪمو رلندو پنندو وتندو هو. تنھنکي جڏهن پٽ ڄائو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو. اهو ڏسي اُن گهر جي هڪڙيءَ پوڙهيءَ زال، کيس مھڻي طور چيو؛ ”تون خوش ٿيو آهين پر تنھنجا حال اُهي جو پاڻُ نه ٿو پالين سو ٻيو ڪٿان پاليندين؟ ڇوڪر ڄائو آهي ته تنھنجا ڏک ڏوڻا ٿيا يا وڌيا.“

جي ”ڏون“ بدران ”نون“ چئجي ته ڇوڪر ڄائو آهي ڏکن ڪاڻ ته اها معنى به ٺھي ٿي. پر ”ڏکان ڏون“ چوندو ٻڌيو ويو آهي. (ڪوڙو مل چندن مل)

نوٽ: ڇوهر يا ڇهر يعني ڇوڪر.