ڄائم جنھن ڄام
ڳوٺ ۾
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
ڄام ڳوٺ، ڄام جو ڳوٺ يا ڳوٺ ڄام
نورالله، ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشھري فيروز ۾، موجوده نيشنل هاءِ وي يا راوڙ واري
قديم رستي تي، ڪنڊيارو شھر جي اوڀر ۾ ۽ سنڌونديءَ جي کاٻي هٿ تي واقع آهي. سنڌو
ندي، اتر-اولھه واري پاسي کان ڏهه پندرهن ميل پري وهي ٿي. ڳوٺ ته پڪي تي آھي پر ڪچو
ويجھو هئڻ سبب، پراڻي زماني ۾ ٻوڏين جو خطرو رهندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪنڊيارو
شھر، درياهي ٻوڏ کان بچڻ خاطر، نوشھري، هالاڻيءَ، ڪوٽڙي ڪبير ۽ شڪارپور وانگر مٿي دڙي يا ٽٻي تي ٻڌل آهي. اها سھوليت، حيدرآباد، سکر ۽ روهڙيءَ کي،
قدرتي طور مليل آهي. جڏهن ته ۱۹۲۸ع واري
وڏي ٻوڏ ۾، چوڌاري بند ٻڌي، ڄام ڳوٺ کي بچايو ويو هيو.