11/02/2011
”اڪري!“ چي، ”ڦڪري“
امان الله سومرو جي لکيل ڪتاب “جواب ڏيو” تي تنقيدي نظر- انجنيئر عبدالوھاب سھتو
امان الله
سومرو جي لکيل ڪتاب “جواب ڏيو” تي تنقيدي نظر
انجنيئر
عبدالوهاب سھتو
حيدرآباد جي بازارِ حسين سان
تعلق رکندڙ، ارم عرف ببليءَ واري مشھور ڪيس ۾ ملوث، ميرپورخاص جي مختيارڪار،
ايس.ڊي.ايم ۽ ڊي.سيءَ جي معطل ٿيڻ جي باوجود؛ غير مطمئن، ناراض ۽ احتجاجاً بک
هڙتال تي ويٺل، وڪيل ۽ اوٿ ڪمشنر، امان الله سومرو([1]) جو لکيل ڪتاب، “جواب ڏيو”
تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ڄائم جنھن ڄام ڳوٺ ۾ - انجنيئر عبدالوهاب سھتو
ڄائم جنھن ڄام
ڳوٺ ۾
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
ڄام ڳوٺ، ڄام جو ڳوٺ يا ڳوٺ ڄام
نورالله، ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشھري فيروز ۾، موجوده نيشنل هاءِ وي يا راوڙ واري
قديم رستي تي، ڪنڊيارو شھر جي اوڀر ۾ ۽ سنڌونديءَ جي کاٻي هٿ تي واقع آهي. سنڌو
ندي، اتر-اولھه واري پاسي کان ڏهه پندرهن ميل پري وهي ٿي. ڳوٺ ته پڪي تي آھي پر ڪچو
ويجھو هئڻ سبب، پراڻي زماني ۾ ٻوڏين جو خطرو رهندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪنڊيارو
شھر، درياهي ٻوڏ کان بچڻ خاطر، نوشھري، هالاڻيءَ، ڪوٽڙي ڪبير ۽ شڪارپور وانگر مٿي دڙي يا ٽٻي تي ٻڌل آهي. اها سھوليت، حيدرآباد، سکر ۽ روهڙيءَ کي،
قدرتي طور مليل آهي. جڏهن ته ۱۹۲۸ع واري
وڏي ٻوڏ ۾، چوڌاري بند ٻڌي، ڄام ڳوٺ کي بچايو ويو هيو.
آزاد-استعمال روپ تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون
سنڌي لغت-نويسيءَ جي تاريخ -ضميمو
17/01/2011
پھاڪن جي پيڙھ- - ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
پھاڪن جي پيڙهه
ٺاهيل: مسٽر ڀيرومل مھرچند
1.
آپ نه پالي، پالي ڏوُن،
ڇوهر ڄائو، ڏکان ڏوُن/ نون.
بنياد:
ڪنھن جتڪي گهر ۾ هڪڙو جوان مڙس هو، سو نڪمو رلندو پنندو
وتندو هو. تنھنکي جڏهن پٽ ڄائو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو. اهو ڏسي اُن گهر جي هڪڙيءَ
پوڙهيءَ زال، کيس مھڻي طور چيو؛ ”تون خوش ٿيو آهين پر تنھنجا حال اُهي جو پاڻُ نه ٿو
پالين سو ٻيو ڪٿان پاليندين؟ ڇوڪر ڄائو آهي ته تنھنجا ڏک ڏوڻا ٿيا يا وڌيا.“
جي ”ڏون“ بدران ”نون“ چئجي ته ڇوڪر ڄائو آهي ڏکن ڪاڻ ته
اها معنى به ٺھي ٿي. پر ”ڏکان ڏون“ چوندو ٻڌيو ويو آهي. (ڪوڙو مل چندن مل)
نوٽ: ڇوهر يا ڇهر يعني ڇوڪر.